Monday, 31 December 2012

ڪهاڻيڪار ، نقاد ۽ ايڊيٽر طارق اشرف



رضوان گل





ڪهاڻيڪار ، نقاد ۽ ايڊيٽر

 

طارق اشرف

 


ايمرسن پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو هو ته: ”اسان کي ٺهيل ٺڪيل نقلي ماڻهو ڪونه ٿا کپن جيڪي چاٻي ڦيرائڻ سان ادبي لفاظي يا ڪا ٻي ڪرت ڪري سگھندا هجن، پر پاڻ کي ته ڪجهه اهڙن شخصن جي گھرج آهي جيڪي پنهنجي ارادي جي سگھ ڪتب آڻيندي سمجھداريءَ سان ڪنهن به نئين ڪم ۾ هٿ وجھي سگھندا هجن.“ هي لفظ سنڌي ادب کي نئون موڙ ڏيندڙ بيباڪ ڪهاڻيڪار طارق اشرف جي ڪيل ڪارنامن سان بلڪل ٺهڪندڙ آهن. ڇا لاٰءِ ته طارق اهو قلمڪار هيو جنهن روايتن جي قيد و بند کان آزاد ٿي پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪم ڪيو. هن پنهنجا دڳ پاڻ ٺاهيا ٻين جي گسن تي هلڻ سندس طبعيت ۾ نه هو.
سن 1940 ۾ حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ طارق اشرف جهڙي ريت ڪهاڻي سان پنهنجو ناتو نڀايو، ساڳي طرح پبلشنگ وارو ڪم به منفرد انداز ۾ ڪيو. سندس انداز مان متاثر ٿيندي بعد ۾ ٻين ماڻهن پڻ جهڙيس ڪوششون ڪيون. جڏهن سنڌي ادب ذريعي مختلف مزاحمتي لاڙا اڀريا ۽ خاص طور ون يونٽ واري زماني ۾ اديبن کي جيلن ۾ وڌو ويو، ته طارق اشرف عملي طور به ميدان ۾ لٿو. هن دل کولي لکيو ۽ وقت جي حڪمرانن سان به سڌي سنئين ريت مخاطب ٿيڻ کان نه ڪيٻايو. سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪندي هن ڪنهن به پلئـٽفارم تي مصلحت کان ڪم نه ورتو.
جتي به طارق اشرف جو ذڪر ٿيندو ته اتي ماهوار ”سهڻي“ جو ذڪر به ائين ئي ٿيندو جيئن سهڻيءَ سان گڏ ميهار جو. ”سهڻي“ رسالو طارق کان پوءِ وري ڪنهن نه ڪڍيو. ”سهڻي“ طارق اشرف جي سڃاڻپ جو اهم حوالو آهي، جيڪو ان وقت نيون سوچون، فڪر ۽ سنڌي ادب ۾ جديد روايتون کڻي آيو. سنڌي ادب ۾ طارق اها به نئين روايت وڌي ته هن اديبن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ انهن جي جيئري ”سهڻيءَ“ جا يادگار نمبر ڪڍيا. ان کان اڳ رسالن ۽ اخبارن جا خاص نمبر فقط وڇڙي ويل اديبن تي ئي نڪرندا هئا. اهڙي ريت طارق انهيءَ پراڻي روايت ۾ هڪ نئين تبديلي پڻ آندي.
ڪنهن به رسالي کي مستقل جاري رکڻ انتهائي مشڪل ڪم هوندو آهي پر اهو مشڪل ڪم هن تمام محنت ۽ خوشيءَ سان سرانجام ڏنو. ”سهڻيءَ“ جا ايڊيٽوريل ان دؤر جي حالتن جي تاريخ سان گڏوگڏ طارق اشرف جي سنڌ سان جذباتي لڳاءُ جو داستان آهن. طارق جي بيباڪيءَ سان سچ چئي ڏيڻ واري عادت ان وقت جي اقتدار ڌڻين کي نه وڻي، جنهن ڪري کيس تمام گھڻين تڪليفن ۽ مشڪلن سان منهن ڏيڻو پيو. سهڻي رسالي تي پابندي مڙهي، هن جي گھر مٿان چڙهائي ڪرائي وئي، جنهنڪري کيس مجبوراً روپوش به ٿيڻو پيو.
سهڻيءَ جا نسيم کرل، امر جليل ۽ شيخ اياز نمبر سنڌي ادب ۾ انقلابي تبديلي هئا، جن تي ان دور ۾ وڏا بحث مباحثا به ٿيا. طارق اشرف بحيثيت ايڊيٽر پنهنجون سموريون صلاحيتون ”سهڻيءَ“ لاءِ صرف ڪيون. نوَن ليکڪن کي سينيئر ليکڪن سان گڏ جاءِ ڏئي انهن جي همت افزائي به ڪيائين، ته ساڳي وقت وري ڪيترن ئي سيکڙاٽ ليکڪن جون لکڻيون واپس به ڪري اماڻيائين، جن ۾ اصلاح جي تمام گھڻي گنجائش هوندي هئي. اهو ان ڪري به ته هن سهڻيءَ کي هڪ ڀرپور ۽ معياري رسالو بڻائڻ ٿي چاهيو، جنهن ۾ هو سڦل به ٿيو. سهڻيءَ ۾ مواد شايع ٿيڻ ڪنهن به اديب لاءِ سند جي حيثيت رکندو هو. اڄ ڪلهه ڪمشرل ازم جو دؤر آهي، هرڪو ڪمائي خاطر پيو ڪم ڪري. ڪي ٿورا ماڻهو آهن جيڪي ادب جي خدمت جي جذبي تحت ادبي مخزن ڪڍي رهيا آهن، پر طارق اشرف جو اهو سهڻيءَ سان عشق هو جو مالي طور نقصان ۾ وڃڻ باوجود به هن مسلسل ان عشق سان نڀاءُ ڪيو.
طارق اشرف بنيادي طور هڪ بيباڪ ڪهاڻيڪار هو، ”بک“ ۽ ”چهڪ“ سندس يادگار ڪهاڻيون آهن. ان کان علاوه ”روپ ٻهروپ“، ”اُڻ تڻ“، ”ملنگ جو نعرو“ ۽ ”منهن ڪارو“ پڻ سندس تخليق ڪيل بهترن ڪهاڻين منجهان آهن. انهن ڪهاڻين جا ڊائلاگ ۽ منظر ڪشي دل ۾ پيهجي وڃن ٿا. اهي ڪهاڻيون اجتماعي سماجي دردن، ناانصافين، محرومين، زيادتين، ڇرڪائيندڙ حادثن ۽ واقعن جو داستان آهن.
طارق اشرف جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”جيل ۾ ٻاويهه مهينا“ (ڀاڱو پهريون)، ”اڌ ملاقات“ خط، ”جيل گھاريم جن سان“، ”جيل ۾ ٻاويهه مهينا“ (ڀاڱو ٻيو)، ”زندگي تنها مسافر“ ڪهاڻيون، ”هٿين هٿ ڪڙول“ جيل جي ڊائري، ”سونهن پٿر ۽ پيار“ ڪهاڻيون، ”ميرو ڌاڙيل“ ناول، ”انٽرويو“، ”درد جا ڏينهن درد جون راتيون“ ۽ ”بند اکين ۾ ڪجهه يادون ڪجهه سپنا“ شامل آهن.
موت اهڙي اٽل حقيقت آهي جنهن کان دنيا جي عظيم ڏاهن، فلسفين، دانشورن ۽ مفڪرن به انڪار ناهي ڪيو. ان ئي بي مهلي موت طارق اشرف کي 14 اپريل 1992ع تي اسان کان جدا ڪيو. پر هو اڄ به ساهت جي رستي تي موت مٿان به حاوي آهي بقول استا بخاري:
مٿي ۾ اٿئون زندگيءَ جي هوا،
اسين تيز رفتار آهيون سو آهيون.
اڙي! موت ساهت جي رستي مٿان،
اسين  توتي  هسوار  آهيون سو آهيون.

شاعر، محقق ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر بشير احمد شاد






رضوان گل



شاعر، محقق ۽ لطيف شناس

 

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

 

 


ڪائنات جي وسعتن ۽ ڌرتيءَ جي ڪشادگيءَ جو ڪاٿو ڪرڻ ته شايد ممڪن هجي پر ڪنهن جي پيار جي ڪٿ ڪرڻ انتهائي مشڪل مرحلو ٿئي ٿو، ڇو ته پيار جون معنائون هر ماڻهوءَ وٽ الڳ الڳ آهن، پر پيار هر معنى ۾ پنهنجي ڪشش ۽ خوبصورتي رکندڙ آهي. سدائين اڻ مَيو پيار ڏيندڙ اهڙن ئي پيارن انسانن مان ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ به هڪ آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ شاعريءَ کان علاوه تحقيق ۽ لطيفيات جي حوالي سان قدر قابل ڪم ڪيو  آهي.
ڊاڪٽر بشير احمد شاد پهرين اپريل 1942ع ۾ آغا درمحمد پٺاڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ بنيادي تعليم وارا ڪجهه درجا پنهنجي جنم ڀومي شڪارپور ۾ حاصل ڪرڻ بعد وڏڙن جي مستقل طور لاڙڪاڻي لڏي اچڻ سبب، بعد وارو تعليمي سفر لاڙڪاڻي ۾ جاري رکيو. مئٽرڪ گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ انٽر ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد بي اي ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. نوڪريءَ جو آغاز پرائمري استاد طور ڪيائين، جنهن بعد 1973 ۾ سنڌي جي ليڪچرار طور سندس تقرري سانگھڙ جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ ٿي، جتي ٻه سال رهڻ بعد لاڙڪاڻي بدلي ٿي آيو. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاڻ 1 اپريل 2002 تي سنڌي شعبي جي چيئرمئن ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور رٽائرمينٽ ورتائين. ٻه سالن جي قليل عرصي بعد زيبسٽ انٽرميڊيئيٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادب جي استاد طور ڪم ڪرڻ جي کيس خصوصي طور آڇ ٿي، جتي هن وقت سنڌي شعبي جي سربراهه طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
ڊاڪٽر شاد پنهنجي ادبي سفر جو آغاز شاعريءَ سان ڪيو. پڙهڻ لکڻ وارو ماحول کيس اسڪول واري زماني کان ئي مليو جنهن سبب هن ڪيترن ئي موضوعن تي لکيل ڪتاب ڪاليج واري دؤر ۾ ئي پڙهيا. نه صرف پڙهيا پر انهن تي بحث مباحثا پڻ ٿيندا هئا، جو ان وقت ادب پڙهندڙن جي هڪ لٽرري سرڪل سنڌ اسٽڊي سرڪل ٺهيل هئي جنهن ۾ ڪتابن جي ڏي وٺ به ٿيندي هئي ته ليڪچر ۽ ننڍڙيون ادبي گڏجاڻيون پڻ. انهن گڏجاڻين ۽ ادب جو ذوق پيدا ڪرائڻ وارن استادن ۾ پروفيسر غلام الله شيخ جو نالو اهميت وارو آهي، جنهن انهن سڀني شاگردن کي گڏ ڪري لٽرري سرڪل جو بنياد وجهي، نوجوانن ۾ ادب پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو. ڊاڪٽر شاد جو ادبي شوق ۽ ڪتابن سان لاڳاپو ان دؤر کان وٺي اڄ تائين ساڳئي ريت برقرار آهي. هن جي ذاتي لائبريريءِ ۾ مختلف موضوعن تي 4000 کان مٿي ڪتاب موجود هئڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي.
ڊاڪٽر شاد جي بنيادي حيثيت هڪ پختي شاعر واري آهي. هن سنڌي شاعريءَ کي ڪيئي امر سٽون ارپيون آهن. هڪ شاعر واري حيثيت ۾ ساڻس مختلف شهرن ۾ شامون ۽ رهاڻيون به رچايون ويون آهن. جتوڻيڪ ”اوجاڳو اکڙين“ سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي پر ان کان پوءِ به ڊاڪٽر صاحب جي ڳچ شاعري منظرِ عام تي آئي آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي سگھي ٿي.
ادب جا سبق پڙهائيندي پڙهائيندي، پاڻ تحقيق جي شعبي ۾ به ڪم شروع ڪيائين ۽ ڪيترن ئي علمي، ادبي موضوعن تي پُرمغز مقالا لکيائين. اڳتي هلي ڊاڪٽر شاد، نامياري محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي نگرانيءَ هيٺ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ تحقيقي ڪم جي شروعات ڪئي. سندس پي ايڇ ڊي جو موضوع ”مولانا ثناءُالله ثنائي جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ هو. اهڙي طرح هن 1989 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ملڪي توڙي صوبائي سطح جي ادبي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ سبب ڊاڪٽر شاد جي ادبي دوستيءَ جو حلقو پڻ ڪافي وسيع ٿي ويو.
سنڌ ۾ صوفياءِ ڪرام جي درگاهن تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ پڻ سندس تحقيقي مقالا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري ۽ ساري رهيو آهي. خاص طور تي حضرت شاهه عبداللطيف ۽ حضرت سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ميڙاڪن ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪرڻ سالن کان سندس معمول رهيو آهي. ڀٽائيءَ سان انتهائي عقيدت هئڻ سبب ڪيتري ئي وقت کان پاڻ لطيفيات جي موضوع تي ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس ڇپيل 13 ڪتابن مان 6 ڪتابن جو لطيفيات جي موضوع تي هئڻ ڀٽائيءَ سان سندس بي انتها عقيدت ۽ محبت جو ثبوت آهي. ڀٽائي تي لکيل سندس ڪتاب ”عرفانِ لطيف“ جا هيل تائين پنج ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. انهيءَ ڪتاب جو بار بار ڇپجڻ پڙهندڙن ۾ ان ڪتاب جي مقبوليت ۽ اهميت ظاهر ڪري ٿو. ڊاڪٽر صاحب هن وقت شاهه جي رسالي مان ”موضوعاتِ لطيف“ ترتيب ڏيڻ واري ڪم ۾ مصروف آهي.
ڊاڪٽر شاد جي ڇپيل ڪتابن ۾”امام شامل“ ترجمو، ”عرفانِ لطيف“ لطيفيات، ”فڪرِ لطيف“ لطيفيات، ”اوجاڳو اکڙين“ شاعري، ”الله سائينءَ جي ڏاچي“ ترجمو، ”پيهي منج پاتال _ ڀلارو ڀٽ ڌڻي“ لطيفيات، ”اسلامي تاريخ جون نامياريون عورتون“ ترجمو، ”لاڙڪاڻو صدين کان“ تحقيق ۽ ترتيب، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (ڊاڪٽر بلوچ جي مقالن جي سهيڙ)، ”ڀٽ جو گھوٽ“ لطيفيات، ”جيون پيڙا پيار“ (لاڙڪاڻي جي چونڊ ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون)، ”حياتِ اقبال“ ترجمو، ”شاهه لطيف هر دؤر جو شاعر“ لطيفيات شامل آهن.
سنڌي ادبي سنگت کان علاوه بزمِ سچل، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سچل ادبي مرڪز سان سندس ادبي وابستگي رهي آهي. سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو بنياد 1982 ۾ پاڻ ئي رکيائين، جنهن پلئـٽفارم تان سنڌ سطح جون ڪيتريون ئي ڪانفرنسون، ۽ مشاعرا ڪوٺايا ويا آهن ۽ انهن پروگرامن ۾ سنڌ جي ناليوارن ليکڪن شرڪت ڪئي آهي. سچل ادبي مرڪز لاءِ 1985 ۾ پنهنجي ادبي دوست ۽ شاگرد انيس گل عباسي سان گڏجي الڳ پلاٽ حاصل ڪري، ٻين ذاتي دوستن کان مدد وٺي ان تي تعمير ڪرائي گرائونڊ فلور تيار ڪرايو، جنهن ۾ هن وقت ادبي مرڪز جي آفيس موجود آهي.
ڊاڪٽر بشير احمد شاد ادب جي جن شعبن ۾ پاڻ ملهايو آهي انهن ۾ شاعريءَ کان علاوه تحقيق، تنقيد، ترجمو، ڪهاڻي ۽ ڪالم نگاري شامل آهن. هن ڪيترين ئي شخصيتن تي مضمون ۽ روزاني اخبارن ۾ ڪالم لکيا آهن. ”شاهه لطيف جي هڪ بيت جي شرح“ جي عنوان تحت روزاني ”عوامي آواز“ جي ادبي صفحي ۾ ڪيتري ئي وقت تائين مختصر ڪالم لکندو رهيو، جنهن کي ادبي حلقي ۾ ڀرپور ساراهيو ويو، 60ع واري ڏهاڪي کان مستقل طور سنڌ جي مڙني رسالن ۾ سندس مواد شايع ٿيندو رهيو آهي.
نامياري ڪهاڻيڪار حميد سنڌي ڊاڪٽر شاد بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”بشير احمد هڪ خاموش طبع ۽ پنهنجي منهن ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. هن خاموش ليکڪ جون سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪيل ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. سندس لکڻين ۾ جيڪا گھرائي ۽ گيرائي آهي، اها اڄ ڪلهه جي ليکڪن، محققن ۽ نقادن جي حوالي سان گھٽ اديبن جي حصي ۾ آيل آهي.“  نامياري شاعر احمد خان مدهوش ڊاڪٽر شاد کي منظوم خراج پيش ڪندي لکيو:
سچل جو شيدائي وطن جو ثناگر،
سندس خاندان آهي آغا نشانبر.
مگر سنڌ جو آهي خادم سراسر،
تڏهن کيس سمجهو مون سنڌي اڪابر.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد هڪ گهڻ ڳڻو انسان آهي، جنهن وٽ مهمانن جو مانُ ۽ دوستن جو قدر به آهي ته ادبي لڏي سان هٿ جوڙ واري واٽ پڻ. غزل جي خوبصورت شاعر وفا ناٿن شاهي ادبي مرڪز جي تاثراتي نوٽ بڪ تي ڊاڪٽر شاد بابت راءِ ۾ لکيو هو ته: ”ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي محبتي روّيي مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. شاد صاحب تمام سٺو شاعر، تمام سٺو دوست ۽ تمام سٺو انسان آهي. ٽئي خوبيون هڪ شاد صاحب ۾ موجود آهن. سندس طبعيت، سڀاءُ، زبان، ڪردار ۽ معيار سڀ خوبيون ساراهڻ جوڳيون آهن. شاد صاحب ادب جون محفلون سجايون ويٺو آهي ۽ رات ڏينهن علم ۽ ادب لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.“
ڊاڪٽر شاد جيڪي مختلف ادبي ايوارڊ ماڻيا آهن انهن ۾، شاهه لطيف ايوارڊ 1980، فڪر و نظر ايوارڊ 1984، شاهه عباللطيف ايوارڊ 1989 سنڌ مدرسته السلام ڪراچي، شاهه لطيف ايوارڊ 1994 ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، بهترين مقرر جو ايوارڊ 1996 ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو، ميان شاهل محمد ايوارڊ 1998 ڪلهوڙا عباسي تنظيم سنڌ، فيض بخشاپوري ادبي ايوارڊ 1999 فيض بخشاپوري اڪيڊمي جيڪب آباد، عبدالواحد سنڌي ادبي ايوارڊ 1999 ماهوار نئين زندگي حيدرآباد، قلندر شهباز ادبي ايوارڊ 2000 لعل شهباز ادبي ڪاميٽي سيوهڻ، سچل سرمست ادبي ايوارڊ 2000 سچل يادگار ڪاميٽي خيرپور، لاڙڪاڻو هسٽري ايوارڊ 2002 لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، لاڙڪاڻو هسٽري يادگار شيلڊ 2005 لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، لاڙڪاڻو هسٽري يادگار شيلڊ 2007 لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، قاضي عبد الحئي قائل ايوارڊ 2010 قاضي عبدالحئي اڪيڊمي ۽ سنگت ايوارڊ 2010 سنڌي ادبي سنگت سنڌ شامل آهن.
ڊاڪٽر شاد پنهنجي اولاد کي به ادبي تربيت ڏني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٽي فرزند، احسان دانش (ڪهاڻيڪار، شاعر، ڪالم نگار، محقق)، رضوان گل (شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، مترجم) ۽ آغا عمران (ڪهاڻيڪار) پڻ ادبي کيتر ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر شاد ادب جي جوت جلائيندو رهي ٿو، ان علم ۽ شعور جي روشنيءَ مان اڄ به ڪيترائي نوجوان لکاري پنهنجا اندر روشن ڪري رهيا آهن.

غزل جو بادشاهه شاعر وفا ناٿن شاهي






رضوان گل



غزل جو بادشاهه شاعر

 

وفا ناٿن شاهي

 


شاعر پنهنجي حساسيت سبب پنهنجي آس پاس ٿيندڙ وارتائن جو وڌيڪ گهرائيءَ سان مشاهدو ڪري منَ اندر جي ڪيفيتن کي لفظن جي رنگن سان پينٽ ڪري ٿو، اهي رنگ دردن جي علامت به هجن ٿا ته خوشيءَ جا نغما به، شاعر وٽ مختلف ڪيفيتن ۾ مختلف احساس جنم وٺن ٿا پر هو بنيادي طور پيار جو پوڄاري ٿئي ٿو جو هن جو محّور ئي عشق آهي:

منهنجو مذهب پيار محبت،
ڏسجو مان گمراهه ته ناهيان.
نيٺ خطا ٿي ويندي مون کان،
آدم هان، الله ته ناهيان.

مٿيون سٽون ان شاعر جون آهن جنهن کي ”غزل جو بادشاهه“ جو خطاب مليو ۽ جنهن چار هزار کان مٿي سنڌي غزل لکيا. هن جو اصل نالو ته مشتاق علي هو پر سنڌي ادب ۾ سندس سڃاڻپ وفا ناٿن شاهي طور آهي. وفا 15 مئي 1943 تي خيرات علي قريشي جي گهر، انڊيا جي شهر امرت سَر جي ننڍڙي ڳوٺ ڪڪڙان والا بنڊيالا ۾ جنم ورتو. ورهاڱي بعد 1947 ۾ خيرات علي قريشي پنهنجي ڪٽنب سان گڏجي پاڪستان آيو ۽ سڌو اچي سيتا ڳوٺ ۾ هڪ خاص ٽرين ذريعي پهتو، جنهن ۾ کوڙ سارا ٻيا پناهگير پڻ شامل هئا. سيتا ڳوٺ کان خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ گوزي ۾ اچي مستقل طور رهيو ۽ چئن سالن جو مشتاق علي قريشي (وفا ناٿن شاهي) ان ڏينهن کان وٺي سنڌ جو بڻجي ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ سان آشنا ٿيڻ شروع ٿيو. ٿوري ئي عرصي ۾ مشتاق قريشي، وفا ناٿن شاهي بڻجي سنڌي شاعريءَ ۽ خاص طور غزل جي صنف ۾ مقبوليت ماڻي ۽ پاڻ مڃرايو. هو محبت ۽ محنت سان مسلسل لکندو رهيو، ته سرڪاري طور ماڻهن پاران ”غزل جو بادشاهه شاعر“ جو خطاب به ملندو. وفا جا هيل تائين ٽي شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن جن ۾: ”اکين ۾ الماس“، ”وفا“ ۽ ”اوجاڳن جو انت“ شامل آهن.
وفا جو ڪٽنب جهڙو ڪڪڙان والا بنڊيالا ۾ هو تهڙو ئي گوزي ۾ مفلسيءَ جي ور چڙهيل! انهيءَ مفلسيءَ واري ماحول مان وفا ٻال وهيءَ کان ئي محرومين ۽ مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ لڳو، سندس سڳي ۽ ماٽيلي ماءُ ننڍي هوندي ئي هڪ ٻئي پويان فقط هڪ ڏينهن جي وٿيءَ سان گذاري ويون ۽ ائين مٿانئس ماءُ جو ڇانورو هميشه لاءِ کسجي ويو، جنهنڪري هن سنڌ جي ڌرتيءَ کي ئي پنهنجي ماءُ جيان ٿي ڀانيون، جنهنڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ به سنڌ لاءِ تمام گھڻي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو. جيتوڻيڪ وفا جي مادري ٻولي پنجابي هئي پر هن پنهنجي شاعري جي زبان سنڌي ئي اختيار ڪئي. کيس سڃاڻپ جو اهو ئي حوالو گهربل هو ته: ”مان سنڌي آهيان ۽ سنڌ منهنجي آهي“ کيس سنڌي سڏرائڻ لاءِ هي به چوڻو پيو ته:
بدن  مهراڻ  آهي ،  دل  ڦليلـي،
اڃا سنڌي نه آهيان! سوچ ٻيلي!
هي سٽون هڪ سوال آهن، ته هڪ دعوى به. جڏهن وفا کي غير سنڌي هئڻ واري حوالي سان نظر انداز ڪيو ويو ته سندس دل مان بيساخته دانهن نڪتي جنهن ۾ هن مٿيون سٽون سرجي سنڌ سان محبت ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪيو. لفظ ڪنهن به تخليقڪار جي لهوءَ مان جڙندار آهن، جن جو تاثير صدين پڄاڻا به تازو ئي رهي ٿو، سنڌ سان وفا جي عشق جو هي اظهار ڏسو:
ڪو نه  ڇڏيندو  سنڌ  وفـا،
ڪاڙهيو ڀلي ڪڙاهي ڙي!
وفا ناٿن شاهي سنڌ جي ٺيٺ ٻهراڙي واري ماحول ۾ نپنيو ۽ سندس دوستن جو حلقو به سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ پڙهندڙ هو. هن سنڌي ٻوليءَ کي ايترو ته هينئين سان هنڊايو جو اڄ ڪيترن ئي سنڌي شاعرن جي وچ ۾ بيٺل وفا جو قد کانئن گھڻو مٿاهون نظر اچي رهيو آهي. ننڍي لاءِ کيس راڳ سان تمام گھڻي دلچسپي هئي جيڪا سندس والد کان کيس ورثي ۾ ملي. هو سُريلو به هو جنهنڪري هن کي نشتر ناٿن شاهي هڪ مشاعري ۾ وٺي آيو ۽ انهيءَ ڏينهن هن پهريون غزل به لکيو هو جيڪو هن خيرپور ناٿن شاهه ۾ ان وقت جي هڪ مختيارڪار جي صدارت ۾ ٿيل مشاعري ۾ پڙهيو. ائين هن شاعري جي شروعات ڪئي. اتي ئي سندس ملاقات محسن ڪڪڙائي سان پڻ ٿي جنهن کان ابتدائي ڏينهن ۾ اصلاح پڻ ورتائين. محسن ڪڪڙائي جيڪو خود سنڌي شاعري جو اهم نالو آهي پنهنجي شاگرد وفا ناٿن شاهيءَ لاءِ لکيو: ”وفا پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهي، ان بلنديءَ تي پهتو آهي، جتي هر ڪنهن جي جاءِ نه آهي. فني توڙي فڪري لحاظ کان وفا جو ڪلام پنهنجو مٽ پاڻ آهي عام طور تي ادبي حلقا وفا کي (غزل جو بادشاهه) سڏيندا آهن. مان ڀانيان ٿو ته ان کان وڌيڪ، غير سرڪاري سطح تي ٻيو ڪهڙو اعزاز، انعام ٿي سگهي ٿو“.
وفا جي شاعريءَ جا ٻه اهم ۽ مختلف دؤر آهن هڪڙو ابتدائي خيرپور ناٿن شاهه وارو ۽ ٻيو جڏهن هن ساحر لڌيانوي، فيض ۽ جوش کان علاوه شيخ اياز کي پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي فڪر، سوچ ۽ انداز ۾ تبديلي آندي. هاڻي کيس جديد ۽ روشن خيال سنڌي شاعريءَ کي اصل معنى ۾ سمجهڻ جو موقعو فراهم ٿيو، جنهن کان پوءِ هن ”روح رهاڻ“ جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي جتي ترقي پسند ادبي لڏي سان پڻ سندس شناسائي ٿي ۽ ائين هو هڪ مخصوص گروهه کان ٻاهر اچي ٻين ليکڪن سان به مليو. وفا هاڻي سنڌي شاعرن جي شاعريءَ جو مطالعو به ڪرڻ لڳو جنهن سبب سندس شاعريءَ جي موضوعن ۾ ڪافي تبديلي به آئي. ائين هن ڪيترن ئي ماڳن تي وڃي زندگيءَ جو ويجهڙائيءَ سان مشاهدو به ڪيو جيئن هن پنهنجي ئي شعر ۾ چيو:
هر طرح جو  مشاهدو ٿي  ويـو،
منهنجي آوارگي فضول نه وئي.
وفا ناٿن شاهي سڄا حياتي غربت ۾ گذاري پر بيماريءَ جي بستري تائين به شاعريءَ سان ناتو نڀائيندو رهيو. سنڌ جو هي خوبصورت غزل گو شاعر 5 جنوري 2005ع تي سنڌي ادب ۾ هزارين خوبصورت غزلن جو اضافو ڪري اسان کان وڇڙي ويو.

جديد سنڌي افساني جي سرموڙ ليکڪا ثميره زرين







رضوان گل



جديد سنڌي افساني جي سرموڙ ليکڪا

 

ثميره زرين

 


ثميره زرين ان وقت ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون جڏهن سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائن جو آڱرين تي ڳڻن جيترو تعداد هو. هن شروعات ۾ رابندرناٿ ٽئگور ۽ خليل جبران جي ترجمو ڪيل افسانن سان ادب ۾ پير پاتو ۽ پوءِ جلد ئي ”وطن“، ”شمع ٻاريندي شب“، ”پلئه پاسو سچ“ ۽ ”غيرت“ جهڙا طبع زاد افسانا تخليق ڪري سنڌي افسانوي ادب ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام جوڙي ورتو. سندس شمار سنڌي افسانوي ادب جي بانيڪار عورت ليکڪائن ۾ ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ حوالي سان کيس سنڌي ادب جي ”خاتونِ اول“ جو خطاب پڻ مليو.
ثميره زرين شڪارپور جي اعواڻ گهراڻي ۾ محمد اعظم اعواڻ جي گھر 22 فيبروري 1944ع تي جنم ورتو. کيس ننڍپڻ ۾ ئي گھر ۾ ادبي ماحول مليو. هن جو پڙ ڏاڏو محمد عارف اعواڻ سنڌي ۽ فارسي ۾ شاعري ڪندو هو، جنهن جو شاعريءَ جو مجموعو ”ديوانِ صنعت“ پڻ ڇپيل آهي. جيئن ثميره جون ڪهاڻيون جاذب ۽ پرڪشش آهن، تيئن ئي هن جي شخصيت مان به هڪ رومانوي مزاج رکندڙ حساس فنڪاره جهلڪندي محسوس ٿيندي هئي. هوءَ ڪيتري ئي وقت تائين اديبن لاءِ معمو بڻيل رهي ۽ کين اهو مغالطو رهيو ته ثميره زرين جي نالي سان ڪو مرد قلمڪار ڪهاڻيون لکي رهيو آهي، پر پوءِ جڏهن 1966ع ۾ سندري ۽ اتم، وطن ياترا تي هندستان مان پاڪستان آيا ته هنن مختلف شاعرن ۽ اديبن سان ملاقاتون ڪيون ۽ شڪارپور پهچي ثميره زرين جي گهر ۾ ساڻس ملاقات ڪيائون، تڏهن صحيح معنى ۾ ثميره زرين جي ذاتي زندگيءَ بابت ڪجهه حقيقتون منظر عام تي آيون. ثميره جي ڇپيل ڪهاڻين جي مجوموعن ۾: ”گيت اڃايل مورن جا“، ”مهراڻ جون ڇوليون“، ”دل ۾ درد هزار“، ”روشن ڇانورو“ ۽ ”آءٌ اها ئي مارئي“ شامل آهن.
ثميره زرين سماجي براين، ڏاڍاين، غريبن جي حقن جو استحصال ڪندڙ نام نهاد عزت دار ڪردارن جي پنهنجي ڪهاڻين ذريعي پت وائکي ڪئي آهي. هن پيار جي پيچرن تي هلندڙ پريمين کي خوابن جا محل به ڏيکاريا آهن ته سندن زخمن تي لفظن جا پها به رکيا آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ سنڌوءَ جيڏي گهرائي به آهي ته هماليه جيڏي بلندي به. هن جي هر ڪهاڻي عورت جي ڏکن ۽ دردن جو داستان به آهي ته فرسوده ريتن ۽ رواجن جي زنجيرن ۾ ٻڌل ماڻهن جي پيڙا جو پڙلاءُ به! جن جاهلاڻين رسمن جو ذڪر ثميره زرين پنهنجي ڪهاڻين ۾ اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ ڪيو، سي اڄ به موجود آهن. فقط وقت گذرڻ سان ڪئلينڊر جون تاريخون تبديل ٿيون آهن، باقي سڀ ڪجهه ساڳيو آهي. اڄ به ماڻهن جا ساڳيا ئي رويا آهن ۽ عورت اڄ به ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهي آهي! ستم جي رات کي اڄ به ڏينهن ٿو سڏيو وڃي. اڄ به ضميرن تي مهرون لڳل آهن. اهڙي ماحول ۾ جڏهن به ڪنهن سچ جو نعرو بلند ڪيو آهي، سو سرِ دار ٽنگيو ويو آهي، وقت جي اهڙي ئي ستم ظريفيءَ جو ذڪر بشير احمد شاد پنهنجي هنن سٽن ۾ ڪيو آهي:
ستم جي رات کي جت ڏينهن سڏيو ويندو آ،
جتي
ضمير کي مهرن تي مٽيو ويندو آ،
اتي جڏهن به صداقت جو ڪنهن هنيو نعرو،
سرِ دار
اهو شخص ٽنگيو ويندو آ.

ثميره زرين پنهنجي تخليقي عمل جي حوالي سان چيو هو ته ڪوئي لکي ٻين تي احسان ڪندو هوندو. ادب تي، عوام تي، سماج تي، (داد طلبڻ لاء) (مون کي اعتراف آهي پنهنجي دل جي سمورين سچاين سان) ته مان صرف ان ڪري لکان ٿي جو مان لکڻ چاهيان ٿي. سماج جي بهبودي، عوام تي احسان، يا ادب جي عظمتن ۾ اضافو مان نه ڪيو آهي (۽ اهو سڀ چوڻ منهنجي انڪساري نه آهي، دنيا ۾ اونداهه آهي، زندگيءَ جا قدر ڀڄي ٽُٽي چڪا آهن. منهنجي قلم ۾ روشني ڪونهي. مون ڪجهه به نه جوڙيو آهي، پر منهنجي ذهن ۾ اونداهه ڪونهي، سوجهرو آهي. اها روشني ٻين تائين پهچائي نه سگهڻ منهنجي ڪوتاهي سهي، پنهنجي نظرين جي سهائيءَ ۾ اختيار ڪيل راهه البته منهنجي هستي جو فخر ضرور، ايئن ته ”ڪهاڻي“ تي اظهار خيال لاءِ گهڻيون ئي ”وڏيون“ ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون ۽ مان وڏيون ڳالهيون ”وڏن“ لاءِ ڇڏي اڄ ننڍي ڳالهه ئي ڪنديس. مان منهنجو زوايه نگاهه، منهنجا تاثرات ۽ ڪهاڻي ان اظهار جي صورت“. ثميره زرين جڏهن ريسرچ فيلو جي حيثيت سان يونيورسٽيءَ ۾ پير پاتو ته ڄامشوري جي هوائن سندس ڀرپور آجيان ڪئي، پر اهي آزاد فضائون کيس گهڻو وقت راس نه آيون، ها! هن کي بي رحم موت آگسٽ جي 13 هين تاريخ 1977ع تي اسان کان جدا ڪري ڇڏيو، پر هوءَ پنهنجي تخليقن ۾ اڄ اسان وٽ موجود آهي

شاعر ، محقق، صحافي ۽ لطيف شناس انور پيرزادو





رضوان گل




شاعر ، محقق،  صحافي ۽ لطيف شناس

 

انور پيرزادو

 

 


نوان سال اميدن ۽ خوشين جا پيغام کڻي ايندا آهن، پر سال 2007 سنڌ لاءِ شروعات ۾ ئي ڳوڙهن، سڏڪن ۽ غمن جون ڀريون ٻڌي آيو هو. انهن سڏڪن جون صدائون سنڌ جي جهر جهنگ مان پڙاڏو ٿي ان ويل گونجڻ لڳيون جڏهن سنڌ جي عاشق، شاعر، آرڪيالاجسٽ، صحافي ۽ محبتي انسان انور پيرزادي جي لاڏاڻي جي خبر ريڊيو ۽ ٽي وي تان نشر ٿي هئي.
لِٽل ماسڪو سڏجندڙ ڏوڪري تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ (ٻلهڙيجي) ۾ 25 جنوري 1945ع تي جنم وٺندڙ محمد انور ولد شفيع محمد پيرزادو پنهنجي تخليقن ۾ اڄ به اسان وٽ موجود آهي، ڇوته موت ڪڏهن به ڪنهن تخليقڪار ۽ جاکوڙي عاشق کي ماري مات ڏئي ناهي سگهيو. انور پيرزادي پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ مڪمل ڪري سن 1962 ۾ مئٽرڪ ۽ بي اي 1967 ۾ ڪرڻ بعد 1969 ۾انگلش ايم اي ڪئي.
اهڙا ماڻهو جيڪي پاڻ ارپي جاکوڙيندا آهن سي خود تاريخ بڻجي ويندا آهن ۽ تاريخ ڪڏهن به ناهي مرندي. انور پيرزادو پڻ اهڙن فردن مان هو جن پنهنجي سموري حياتي سنڌ جي تاريخ، آرڪيالاجي، جاگرافي، ٻولي، صحافت ۽ ڀٽائي جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. هن ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ پيغام کي جديد فڪري بنيادن آڌار نئين سر متعارف ڪرايو. ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ شامل بيتن جي درست پڙهڻي، ذڪر ٿيل حالتن، واقعن ۽ مقامن بابت کيس کوجنا ڪرڻ جو پڻ جنون هو. ڪچهريءَ ۾ سندس گفتگوءَ جو انداز انتهائي وڻندڙ ۽ پنهنجائپ وارو هو، جنهن ۾ سندس مشاهدي جي روشنيءَ مان ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون ۽ حقيقتون رونما ٿينديون هيون. ٿر، ڪاڇي، وچولي ۽ اٽڪ جي پهاڙن کان ويندي انڊس ڊيلٽا جي وسيع ميدانن تائين هن سموري خطي جو مشاهداتي سفر ڪيو.
انور پيرزادي کي ڀلي ته بنيادي طور شاعر ۽ صحافي چيو وڃي پر سندس سڃاڻپ جو هڪ ٻيو حوالو هڪ جاکوڙي آرڪيالاجسٽ وارو پڻ آهي. انهيءَ ڳالهه جو اندازو مون کي تڏهن ٿيو جڏهن سندس وفات کان ٻه سال اڳ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پروفيسر محمد علي پٺاڻ جي آفيس ۾ انور پيرزادي سان هڪ ڀرپور ڪچهري ٿي. منهنجو سبجيڪٽ جاگرافي هئڻ سبب اسان جي ڪچهريءَ جو گھڻو موضوع پڻ جاگرافي، جيالاجي ۽ آرڪيالاجي رهيو. انور پيرزادي جي ڳالهين ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون صداقتون هيون جن کي اڄ تائين ڪنهن به لکت ۾ ناهي آندو. هو جتي به ويو نه فقط اتان جي زميني حالات جو مشاهدو ڪيائين، پر ان علائقي جي ٻولي، لهجي، محاورن ۽ موسمي حالتن بابت پڻ ڄاڻ حاصل ڪئي. هو ڪنهن به علائقي جي مٽي ڏسي ٻڌائي وٺندو هو ته ان ۾ ڪيتري زرخيزي آهي ۽ ان علائقي ۾ برساتون ڪيتري مقدار ۾ پوندڙ آهن. پاڻ ٿاڻي احمد خان مان پنڊ پهڻ (fossils) پڻ گڏ ڪيا هئائين. جهڙيءَ ريت پاڻ اتان جي زميني حالتن بابت تفصيل پئي ٻڌايائين ان مان اهو اندازو ٿي رهيو هو ته هن اتان جو چپو چپو سٺيءَ ريت ووڙيو آهي.
جاگرافي ۽ آرڪيالاجي بابت جيڪا ڄاڻ جي کاڻ انور پيرزادي وٽ هئي سا سطحي نه، پر گهرائيءَ سان مشاهدو ڪيل ۽ ذاتي طور ورتل جائزي جو نچوڙ هئي. هن جهر جهنگ لتاڙي سنڌوءَ جي پراڻن وهڪرن جو سير ڪيو. کيرٿر، هالار ۽ ڪارونجهر جي معدني زخيرن کي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان به هن ڪيترن ئي ڪالمن ۽ مضمونن ۾ اهڙيون تجويزون ڏنيون، جن تي جيڪڏهن عمل ٿي ته هوند اسان جا اهي معدني ذخيرا ملڪ لاءِ تمام گهڻو فاديمند ٿي پون.
ذڪر ڪيل ملاقات ۾ انور پيرزادي مون کي صلاح ڏني ته جاگرافي توهان جو سبجيڪٽ آهي ۽ ادب ۾ به ڪم ڪيو ٿا. سائين ظفر حسن کان پوءِ سنڌ ۾ اوهان ئي واحد فرد آهيو، جيڪي هڪ ئي وقت جاگرافي ۽ ادب جي شعبن سان سلهاڙيل آهيو. اوهان ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جاگرافيائي اهڃاڻ“ عنوان تحت ڪم شروع ڪيو، جنهن سان توهان کي شاهه سائين کي نئين انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ڪريڊٽ به ملندو ۽ هڪ نئين رخ سان شاهه صاحب تي ڪم به ٿي سگهندو. مون کي اها صلاح ايتري وڻي جو مون ان تي عمل ڪندي هڪ تحقيقي مقالو لکڻ شروع ڪيو، جيڪو آهستي آهستي طويل مقالو بڻجي رهيو آهي، ڇو ته اڄ تائين اها اسائنمينٽ مڪمل نه ٿي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جڏهن به شاهه سائين کي پڙهندو آهيان ته ان ۾ جاگرافيائي اهڃاڻن جي حوالي سان ٿيل ذڪر کي مقالي ۾ شامل ڪري ان ۾ اضافو ڪندو رهندو آهيان.
انور پيرزادي جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”متان وساريو“، ”اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان“، ”سنڌ“، ”ڀٽائي“، ”بمبئي ياترا“ ۽ ”انٽرويو ۽ تقريرون“ شامل آهن. انور پيرزادي وٽ انيڪ موضوع هئا جن تي هن ڪم پئي ڪرڻ چاهيو، سندس خوبين مان هڪ وڏي خوبي اها به هئي ته هو عام ماڻهن ۽ خاص طور نوجوانن کي تحقيقي نوعيت وارا ڪم ڪرڻ لاءِ اتساهيندو هو، جنهن جو ننڍڙو مثال آءٌ مٿي پيش ڪري آيو آهيان. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان سندس بي انتها عشق هيو. هو چوندو هو ”منهنجو وس هجي ته جيڪر سموري دنيا سنڌ بڻائي ڇڏيان.“ انور پيرزادي جو ڪيل پورهيو سنڌ جي حوالي سان مختلف موضوعن تي ڪم ڪندڙ محققن لاءِ کين بنيادي مواد (Source Material) طور ڪم ايندو. انور پيرزادو گهڻ پاسائون شخص هو جنهن جي ڪم ڪرڻ جو انداز به غير روايتي هو. اهڙو جو ٻين لاءِ روشنين جا نوان در کوليندڙ. سندس ادب، صحافت، تحقيق ۽ آرڪيالاجي ۾ ڪيل پيار ڀرئي پورهئي مان اسان کي ڀرپور لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي. هي يگانو پيار ڪندڙ انسان اسان کان 7 جنوري تي وڇڙي ويو.
جان  جان هئي  جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.

شاعر، محقق ۽ مرتب ڊاڪٽر ملڪ نديم


رضوان گل






شاعر، محقق ۽ مرتب

 

ڊاڪٽر ملڪ نديم

 


دنيا ۾ علمي ۽ عملي ڪم سرانجام ڏيندڙ شخصيتون تاريخ جو حصو بڻجي وينديون آهن. جن شخصيتن پنهنجي پوري زندگي علم، ادب ۽ شاعريءَ کان ويندي تحقيق جهڙن ڳُوڙهن شعبن کي ڏئي سنڌي ادب ۾ پنهنجي حيثيت جوڙي، انهن ۾ ڊاڪٽر ملڪ نديم جو نالو پڻ اهم حيثيت جو حامل آهي.
ملڪ نديم جو اصل نالو عبدالرزاق آهي. سندس جنم 8 اپريل 1946 تي ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيو. ڊاڪٽر صاحب جي دلچسپي جو شعبو شاعري رهيو، پر هن تحقيقي حوالي سان پڻ تمام اهم ڪم سرانجام ڏنو. ان حوالي سان سندس سڀ کان وڌيڪ اهميت جوڳو ڪم سچل سرمست جي شاعريءَ تي لکيل پي ايڇ ڊي جو مقالو آهي. ان کان علاوه پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي ۾ استاد واري حيثيت ۾ واڳيل هئڻ ناتي ڪيترائي شاگرد پڻ پيدا ڪيائين، جيڪي سنڌي ادب ۾ تمام ڀرپور ڪم ڪري رهيا آهن.
ڊاڪٽر ملڪ نديم ”ڀٽائي“ (تحقيقي جرنل) جيڪو شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ پاران شايع ٿيندڙ نج تحقيقي نوعيت جو مخزن آهي، جو ڪيترن ئي سالن تائين چيف ايڊيٽر رهيو. سندس نگرانيءَ ۾ ان جا اٺ پرچا شايع ٿيا جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز ۽ تنوير عباسي خاص نمبرن طور پڌرا ٿيا. انهن پرچن ۾ موجود تحقيقي مواد جي نگراني کان علاوه ڊاڪٽر ملڪ سنڌي شعبي جي سربراهه طور ڪيترن ئي ايم اي جي شاگردن کان سنڌي ادب جي ناميارن ليکڪن بابت ۽ مختلف ادبي صنفن تي مونوگراف پڻ لکرايا ۽ کين گائيڊ ڪيو. پاڻ لطيف يونيورسٽيءَ ۾ قائم ٿيل ”شيخ اياز چيئر“ جو سربراهه پڻ رهيو. سندس لکيل مضمونن جو ڪتاب ”شيخ اياز ڏوهي آهي“ جيڪو ”ڊاڪٽر ملڪ نديم اڪيڊمي“ پاران شايع ڪرايو ويو، پڻ شيخ اياز بابت هڪ اهم ڪتاب آهي. سندس دور ۾ شيخ اياز جي حوالي سان چيئر پاران پنج ڪتاب جن مان هڪ اياز جي شاعريءَ جو انگريزي ترجمو آهي پڌرا ٿيا.
ملڪ نديم مختلف ادبي پروگرامن، ڪانفرنسن ۽ ميڙاڪن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو رهيو. هن سنڌ جي صوفياءِ ڪرام ۽ مختلف ادبي شخصيتن تي مقالا ۽ مضمون تحرير ڪيا. سندس نثر ۾ پڻ شاعراڻي خوبصورتي موجود آهي. پاڻ بنيادي طور هڪ تجريدي شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس تجريدي شاعريءَ جا موضوع مظلوم عورتون، سماج جي بي حسي، راشي ڪامورا، ظلم ۽ انياءَ، عدل ۽ انصاف جو اڻ لڀ هجڻ ۽ سمورن سماجي قدرن جي ڀيل ڪندڙ ڪردارن جي تصوير ڪشي آهي. سندس تجريدي نظم جا ڪجهه حصا هن ريت آهن:
* تنهنجو اخلاق ٽشو پيپر،
تنهنجي عزت سبزي مارڪيٽ ۾ ٽماٽن جو اگهه،
تنهنجا اصول،
ڍڳي جي اوجهري جو مُلهه،
تون گدڙن جو ايم پي اي آهين،
يا ويهين گريڊ ۾ قانون جو آفيسر،
يا واڱڻن جي اپوزيشن پارٽيءَ جو سياستدان.
ـــــــــــــــ
* اسان جا هاري
هزارين سالن کان
هالار جبل جي چوٽيءَ تي ويٺا آهن
ته لهڻ جو نانءُ به نه ٿا وٺن
لاوارث وڏيرو
ٿر جي ريگستان ۾
اڃا تائين هٿ ۾ ڏنڊو جهليو
موڙي تي ويٺو آهي.
جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿيو ته ڊاڪٽر ملڪ نديم جي نظمن ۾ اجتماعي پيڙا، سنڌ جي مظلوميت جا داستان ۽ قومي ڏک سور ۽ انساني بي حسي جا عڪس پڻ چٽا نظر اچن ٿا، اهڙن ئي احساسن واريون سندس هي سٽون ڏسو:
پاڻ ڌرتي چمون ٿا
ڇو جو سائين
تنهنجي منهنجي ڪرنگهن تان
دنيا جون ريلون هلن ٿيون.
ملڪ نديم تجريدي نظم لکي نوان تجربا ڪيا جنهنڪري ادبي حلقن ۾ اهي بحث جو موضوع پڻ رهيا. هر نئين صنف پنهنجي جاءِ جوڙڻ ۾ وقت وٺندي آهي. جيئن تجريدي آرٽ هر ماڻهوءَ جي سمجهه کان ٻاهر هجي ٿو، ايئن تجريدي شاعري پڻ هر قسم جي قاريءَ کي تڪڙي سمجهه ۾ اچي نه ٿي سگهي. دنيا ۾ هر شعبي ۾ تبديلي ۽ جدت آئي آهي. اهڙيءَ ريت تجريدي ادب خصوصن شاعري به انهيءَ جدت جو هڪ حصو آهي جيڪا هن وقت به بحث جو موضوع بڻيل آهي.
ڊاڪٽر ملڪ نديم ادب جو هڪ جاکوڙي ڪردار هو، جنهن پنهنجي جوانيءَ کان وٺي آخري عمر تائين مسلسل ادب جي آبياري ڪئي. سنڌي ادب جي هن کاهوڙيءَ ليکڪ، تجريدي شاعريءَ تي مشتمل شعري مجموعو ”تجريدي نظم“، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حوالي سان ڪتاب ”ڀٽائي بک هڙتال تي“ ۽ سچل سرمست جي ڪلام ۽ شخصيت تي ”سچل جي سيني ۾ سنگرام“ جهڙن انوکن عنوانن وارا ڪتاب پنهنجي حياتيءَ جي آخري دؤر ۾ ڇپرائي پڌرا ڪيا.
ڊاڪٽر ملڪ نديم 9 مارچ 2010ع تي وفات ڪئي. سندس فرزند سڪندر مهراڻ پڻ ادب جي شعبي سان سلهاڙيل آهي، جنهن تازو ئي سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”منهنجي جواني ڪنهن به موسم نه چورائي“ ترتيب ڏئي ڇپرايو آهي.

ڪهاڻيڪاره ۽ سفر نامه نگار خيرالنساءِ جعفري






رضوان گل



ڪهاڻيڪاره ۽ سفر نامه نگار

 

خيرالنساءِ جعفري

 


سنڌي ڪهاڻيءَ جي عورت ليکڪائن جو جڏهن به ۽ جتي به ذڪر نڪرندو، اُتي خيرالنساءِ جعفري جو نالو نهايت اهميت وارو هوندو، ڇا لاءِ ته خيرالنساءِ هڪ اهڙي حقيقت پسند ڪهاڻيڪاره هئي جنهن پنهنجي ڪهاڻين ذريعي سوچ ۽ فڪر جا نوان دڳ ڏنا. جيئن سندس ڪهاڻين جا موضوع منفرد آهن تيئن اسلوب ۽ فن به ٻين ڪهاڻيڪارن کان کيس الڳ ڪري بيهاري ٿو. سندس شمار سنڌي جي بهترين ڪهاڻي نويسن ۾ ٿئي ٿو.
خيرالنساءِ جعفري، جنهن کي پيار مان ”خيرو“ ۽ ”گُڏي“ جي نالن سان به پُڪاريو ويندو هو، 7 اگسٽ 1947ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم اتي ئي حاصل ڪرڻ بعد نفسيات ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين ۽ سن 1970 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي نفسيات واري شعبي ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿي. باضابطا لکڻ جي شروعات 1974 ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ڪيائين. سندس پهرين ڪهاڻي 1974 ۾ ئي ”سوجھرو“ رسالي ۾ شايع ٿي. خيرالنساء جي لکڻين ۾ اڪثر علامتي اهڃاڻ موجود آهن، جن ذريعي هن سماجي اڻ برابرين ۽ بُراين جو ذڪر جاندار انداز ۾ خوبصورت اسلوب سان ڪيو آهي. انهن ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو سوچڻ تي مجبور ضرور ٿئي ٿو. هن هندوستان ياترا کان واپس ٿي هڪ سفرنامو به لکيو جنهن ۾ پنهنجي وطن جي سِڪ ۽ محبت جو ڏاڍن نفيس احساسن ۾ اظهار ڪيو اٿائين. ان کان سواءِ پاڻ مختلف موضوعن تي مضمون به تحرير ڪيائين، جن ۾ ٻارڙن جي نفسيات بابت لکيل سندس مضمون تمام ڪارائتا آهن، ڇاڪاڻ ته سندس سبجيڪٽ ئي نفسيات هو. انهيءَ ڪري هن جي ڪهاڻين ۽ ٻين لکڻين ۾ به داخلي احساسن ۽ جذبن جي اپٽار ججھي انداز ۾ ٿيل آهي. انهيءَ حوالي سان هن ادب جي نفسياتي لاڙن وارين تحريرن جو اضافو ڪيو.
خيرالنساءِ 1974 کان مسلسل ڪهاڻيون لکندي رهي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”تخليق جو موت“ جنوري 1978 ۾ شايع ٿيو، جنهن تي کيس تمام مانائتي موٽ ملي. هن پنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار عام سنڌي معاشري مان چونڊيا آهن، جن کان ٺيٺ سنڌيءَ جا تُز محاورا به چوَرايا اٿائين، جيڪا سندس ڪهاڻين جي خاص خوبي آهي. خيرو جي ڪهاڻين جو ڪوبه ڪردار تصوراتي يا غير ضروري محسوس نه ٿيندو. جملا جيءُ جھنجھوڙيندڙ، ٻولي دلڪش ۽ منظر ڪشي لاجواب. هن جي تحرير ۾ گرفت ايتري جو پهرين سِٽَ پڙهڻ کان پوءِ سڄي ڪهاڻي پڙهڻ بعد ئي اُٿجي.
خيرالنساء جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون تمام گھڻيون مقبول ٿيون. عبدالقادر جوڻيجو سندس ڪهاڻين بابت راءِ ڏيندي چوي ٿو ته ”خيرالنساء ڪهاڻي لکڻ وقت پنهنجي ماحول ۽ ان طبقي جي بي پاڙن ڪردارن کي پاڻ سان ڳنڍيل رکيو آهي. هن اهڙا ئي ڪردار کنيا آهن جيڪي سندس آسپاس موجود آهن ۽ سندس ماحول سان گھاٽو تعلق رکن ٿا.“
خيرالنساءِ پنهنجي مشهور ڪهاڻي ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ ۾ اهڙي مسئلي طرف ڌيان ڇڪايو آهي جيڪو صدين کان اسان جي سماج ۾ پيوست ٿي ويو آهي. عورت جي مظلوميت، ڪمتري ۽ مجبوريءَ جو عڪس جنهن خوبصورت اندز ۾ هن ڪهاڻيءَ اندر ملي ٿو سو هڪ حساس ماڻهو درد مند دل رکندڙ ئي سمجھي سگھي ٿو. مثال ان ڪهاڻيءَ جون هي سِٽون پڙهي ڏسو:
”مڃان ٿي مقدس آهي هيءَ حويلي، جنهن جي اوچين ديوارين تان سج صدين کان لنگھڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڏينهن ته هن حويليءَ تان ڪڏهن گذرڻو ئي ناهي. هروقت رات ئي رات سان رُسڻ پرچڻ ٿيندو رهندو آهي. پوءِ جتي ڏينهن اچڻ ڇڏي ڏي، صرف رات ئي رات جو ديرو دُکندو رهي، اُتي ناجائز مال ڪيڏو نه اُپائي ۽ نپائي سگھجي ٿو.“
ڪهاڻي ”تخليق جو موت“ هڪ احساساتي ڪهاڻي آهي، جنهن جي جملن جي جوڙجڪ ۽ اڻت پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ وڪوڙي ڇڏي ٿي. ڪهاڻيءَ جو ڪردار عزيز هڪ آزاد خيال من موجي ماڻهو آهي، جيڪو رهندو ته هاسٽل ۾ آهي پر اڪثر و بيشتر پنهنجي ڀيڻ جي گھر حيدرآباد ۾ به رهي پوي ٿو، جتي سندس هم عمر ڀاڻيجيءَ سان جملن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي ٿي.
ڪهاڻي ”پيڙا جو پڙلاءُ“ ۾ جذبن جا عڪس ايڏا ته دل کي ڇُهندڙ آهن جو پڙهندي پڙهندي انهن لفظن جو مٺاج مَن کي سڪون بخشي ٿو. درد جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ جا احساس علامتي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو وٽس خاص ڏانءُ آهي، جيڪو هن ڪهاڻيءَ ۾ نمايان نظر اچي ٿو.
”تون ۽ مان هڪ ڪناري جون ٻه ڪُنڊون هئاسين، جن جا رُخ ازل کان جُدا، تون درياءَ جي مست وهڪري جيان جتان چاهيئي اتان لنگھندو وئين. زندگيءَ جي هر تجربي کي پاڻ ۾ پائي بي فڪر ٿي روم هليو وئين، جيئن ڀانيئه تيئن ڪيئه، سوچڻ ۽ لوچڻ تنهنجي اڳيان اجايا هئا، تو آڏو زندگيءَ جو ساز رُڳو موج ۽ مستيءَ جي آواز لاءِ هو. پنهنجي هر ڪرڻي کي بهادري ۽ ويساھ ڀانيئه، شايد اعتماد جي اها گھڻائي هئي تو ۾، جو مون هميشه توکي پُرسڪون ۽ سانتيڪو ڏٺو.“
خيرالنساءِ جعفري جي ڪهاڻين جو مجموعو ”منهنجو تخليقي سفر“ 1992 ۾ سنڌيڪا پاران ڇاپيو ويو، جنهن ۾ اڳ شايع ٿيل ڪتاب ”تخليق جو موت“ کان علاوه ٻيون ڪهاڻيون، تقريرون، انٽرويو ۽ انڊيا جو سفرنامو پڻ شامل ڪيا ويا. هن ڪتاب جو مهاڳ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس عبدالقادر جوڻيجي لکيو.