رضوان گل
ناليوارو ڪهاڻيڪار ۽ برجستو ناول نگار
اخلاق انصاري
سنڌ جي سرزمين هر حوالي سان زرخيز
رهي آهي ادب جي شعبي ۾ هتي ڪيترائي اهڙا خاندانن جا خاندان موجود آهن جن جا
ڪيترائي فرد ادب جي مختلف شعبن سان سلهاڙيل آهن. سنڌ جي اهڙن ادبي خاندانن ۾
انصاري خاندان نمايا طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي. برک ڪهاڻيڪار ۽ شاعر انيس
انصاري جي خاندان مان سندس پٽ ادب جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندا رهيا آهن. جڏهن سنڌ جي
تاريخ، ڪوٽن قلعن ۽ دڙن جو ذڪر نڪرندو ته اشتياق انصاري جي نالي کان ڪير اڻ واقف
هوندو. جديد سنڌي ناول ۽ سفرنامن جو تذڪرو ٿيندو ته اهو ڪهڙو ادب جو پڙهندڙ هوندو
جنهن لاءِ اسحاق انصاري جو نالو نئون هوندو. اهڙي ريت جديد سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول جي
تاريخ وري اخلاق انصاري جي ذڪر کانسواءِ اڻ پوري ليکبي. اهي ٽئي ناليوارا ليکڪ
انيس انصاري جا فرزند آهن جن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ پاڻ مڃرايو آهي. هن خاندان جا
ٻيا به ڪيترائي فرد ڪهاڻي واري شعبي سان لاڳاپيل آهن جن جو ذڪر ڪرڻ يا تعارف ڪرائڻ
لاءِ ته تفصيلي طور مضمون لکي سگھجي ٿو، پر اڄ انهيءَ ادبي فيملي جي هڪ برجستي
ڪهاڻيڪار اخلاق انصاري جو ذڪر ڪبو جنهن جو اڄ جنم ڏينهن پڻ آهي.
اخلاق انصاري پنهنجي طرز جو نرالو
ڪهاڻيڪار آهي جنهن وٽ لکڻ جو پنهنجو الڳ ڏانءُ آهي سندس ڪهاڻين جا پلاٽ ۽ ڪردار پڻ
منفرد آهن. جيتوڻيڪ اهي پلاٽ اسان جي سماج مان ئي کنيل هجن ٿا پر اخلاق انصاري
انهن موضوعن کي بنهه مختلف ۽ نيئن رخ سان
ڏسي، پرکي ۽ لکي ٿو. سندس ڪهاڻين جا اڪثر ڪردار سماج جا اهرا فرد آهن جيڪي نفسياتي
الجھنن جو شڪار آهن. انهن ڪردارن جي داخلي ڪيفيت کي جھڙي ريت باريڪ بينيءَ سان
اخلاق انصاري بيان ڪيو آهي سا يقينن قابلِ داد آهي. سندس ڪهاڻين ۾ استعمال ٿيل
جملا هنياوَ ۾ هٿ وجھن ٿا، سندس ڪهاڻين ۾ احساساتي منظرن کي لفظن جي ڪمال
ڪاريگريءَ سان اهري ريت بيان ڪيو ويو آهي جو پڙهندڙ پاڻ کي انهيءَ ڪيفيت مان
گذرندي محسوس ڪري ٿو. اخلاق انصاري وٽ ڪهاڻي لکڻ جو اهڙو ڏانءُ موجود آهي جو هر
پڙهندڙ پاڻ کي ان وقت ان ڪهاڻيءَ جي ماحول ۾ محسوس ڪري ٿو ۽ پاڻ کي ان جو حصو
سمجھڻ لڳي ٿو. هن وٽ لفظن جو تز استعمال آهي. هو لفاظيءَ بجاءِ مقصديت کان ڪم وٺي
ٿو. هرڀرو جا ڊائلاگ يا ڪردار ڪهاڻيءَ جي سونهن متاثر ڪندا آهن ان ڳالهه کان اخلاق
انصاري گھڻو واقف آهي جو هو سالن کان ڪهاڻي قافلي جو پانڌيئڙو آهي.
اخلاق انصاري 1975 ڌاري ٻاراڻي
ادب ۾ پير پاتو ۽ لکڻ جي شروعات ڪئي، سندس پهرين ڪهاڻي ”نڀاڳو“ انڊلٺ پبليڪيشن
ڪتابي سلسلي ۾ 1975 ۾ شايع ٿي. گھر ۾ ادبي ماحول ميسر هئڻ سبب سندس همت افزائي ٿي
۽ ائين هن اها لکڻ واري مشق جاري رکي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”رڃ ۾ رابيل“
جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن سنڌ ۾ کيس هڪ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار واري سڃاڻپ ڏني.
اخلاق انصاري رسالن ۽ اخبارن جي ادبي صفحن تي ڇائنجي ويو. پر ان کانپوءِ هڪ وٿي
پيدا ٿي، جنهن ۾ اخلاق انصاري ادبي ميدان تي گھٽ گھٽ نظر اچڻ لڳو. ڪيتري ئي عرصي
جي ڊگھي سانت کانپوءِ ٻيهر اخلاق انصاري جو ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو ”مان ڪائنات
آهيان“ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن کيس سنڌي جي پهرين سئرلسٽڪ ڪهاڻيڪار واري سڃاڻپ پڻ
ڏني. اخلاق انصاري جي مجموعي کي پڙهندڙن پاران ڀرپور موٽ ملي ۽ سندس پيار ڪندڙ ۽
پڙهندڙن پاران ان مجموعي جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي.
اخلاق انصاري جي لکيل افسانن جو
انگ لڳ ڀڳ سٺ ستر جي قريب آهي، هن ڪهاڻي ڪتاب جي ڇپجڻ کانپوءِ هڪ ناول ”اڏوهي“ پڻ
لکيو جيڪو پڻ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو ته ڪافي مقبوليت ماڻي. اخلاق انصاري هڪ سٺو، سهڻو
۽ برجستو ڪهاڻيڪار ته آهي ئي پر اها گھٽ ماڻهن کي ڄاڻ هوندي ته هن ابتدائي دور ۾
شاعري به ڪئي.
اخلاق انصاري سان منهنجي دوستي ۽ نيازمندي جو تعلق گذريل ٻارنهن سالن کان آهي
جو اسان لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج ۾ استاد آهيون. اخلاق انصاري ڊگري ڪاليج ۾ قائم ٿيل
انڊس لٽرري فورم جو روح روان پڻ آهي. هو فزڪس جو پروفيسر آهي اکين آڏو نظر جي عينڪ
۽ اڇا ٿي ويل وڏا ڇهپر سندس شخصيت کي به ٻين کان منفرد بڻائن ٿا بلڪل ائين ئي جيئن
هن جون لکڻيون ٻين کان گھڻو منفرد آهن. هن ٻين اديبن جيان گھڻو لکڻ کي ترجيح ڏيڻ
بجاءِ گھٽ لکيو آهي پر جيڪو لکيو آهي سو سندس معياري ۽ دل کي ڇهندڙ ضرور آهي. هو
مونسان جڏهن به ملندو آهي ڪتاب سندس هٿن ۾ هوندو اٿس، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان گڏ هو
دوستن جي معاملي ۾ پڻ ڏاڍو حساس آهي. اخلاق انصاري مجموعي طور تي هڪ پيارو انسان ۽
برجستو ليکڪ آهي جنهن تي اڄ ڪلهه ڏات جي ديوي به گھڻو مهربان آهي جو هو سماج جا
عڪس ڪهاڻين جي ڪردارن ذريعي مسلسل چٽنيدو رهي ٿو.
No comments:
Post a Comment