Monday 31 December 2012

ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر رزاق مهر




رضوان گل



ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر

 

رزاق مهر

 

 


موت، ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا پيارا ماڻهو کسي ويندو آهي، جن جي جدائي جيءُ جهوري وجهندي آهي. محبت، دوستي، خلوص، پنهنجائپ ۽ ڪَسُ کائڻ وارا ماڻهو ڏاڍا گھٽ هوندا آهن. دوستن تي سِرُ ڏيڻ وارن ۽ رشتن جي نزاڪتن کي ڄاڻڻ وارن اهڙن ئي محبتي انسانن مان رزاق مهر به هڪ هو.
رزاق مهر 20 جولاءِ 1954 تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي ۾ رانجهو خان مهر جي گھر جنم ورتو. پرائمري تعليم مراد واهڻ جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ڪيائيـن. بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1974 ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب 1979 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.
ملازمت جي شروعات بلڊنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻي مان ڊرافٽس مين جي حيثيت سان ڪيائين، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ سنڌي جو ليڪچرار ٿيو ۽ 1989 ۾ ليڪچررشپ لاءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن بعد سندس پوسٽنگ جوهي، قمبر ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور رهي. هو آخر تائين پڙهڻ پڙهائڻ جي شعبي سان وابسته رهيو. کيس لکڻ جو شوق 1974 ڌاري پيدا ٿيو. هن پهرين ڪهاڻي ”ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان“ لکي، جنهن بعد هن باضابطا طور ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، جن تي کيس ڀرپور موٽ ملي ۽ انهيءَ همت افزائي جي نتيجي ۾ هن ڊرامن ڏانهن پڻ لاڙو ڪيو.
رزاق مهر پهريون ٽي وي ڊرامو ”زندگيءَ ڏانهن“ آهي. جڏهن پي ٽي وي تي رزاق جا ڊراما هلڻ شروع ٿيا ته کيس تمام گهڻو ساراهيو ويو. سندس ڊرامو ”جياپو“ هن جي خاص سڃاڻپ بڻيو. جڏهن ”جياپو“ پي ٽي وي تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهو دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو جنهن تي بعد ۾ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا. ان کان علاوه ”وڇوٽيون، ”پاتال“، ”زخم زندگيءَ جا“، ”اعتراف“، ”ڦيرو“، ”ڇوٽڪارو“، ”راهه جو پٿر“ ۽ سندس ٻيا ڊراما به تمام گهڻو مقبول ٿيا، جنهنڪري رزاق مهر جي هڪ تمام برجستي ڊرامي نگار طور به سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. هن جا اسٽيج ڊراما ”بدحواس ڪلارڪ“ ، ”ٽي خانداني بي روزگار“، ”مولوءَ مت وڃائي“ ۽ ”ايف آءِ آر“ پڻ ڪافي مقبول ٿيا.
1982 ۾ رزاق مهر جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سڪون ڪٿي آهي“ پڌرو ٿيو، جنهن ۾ موجود اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل آهي. هن فرد جي انفرادي احساسن تي به ڀرپور ڪهاڻيون سرجيون آهن. سندس اڪثر ڪردار جيئرا جاڳندا اسان جي ارد گرد گهمندڙ ڦرندڙ آهن. هن هروڀرو خيالي ڪردارن کي جنم ناهي ڏنو. سندس ڪهاڻين جو هيرو غريب آهي. ڪهاڻين ۽ ڊرامن کان علاوه پاڻ هڪ ناول ”ٽارچر ڪئمپ مان نڪتل دانهن“ به لکيائين، جيڪو اڃا تائين شايع ٿي ناهي سگهيو.
رزاق مهر فقط ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ ناول نويس ئي نه، پر شاعر ۽ ڪالم نگار پڻ هيو. شاعريءَ ۾ اصلاح امير علي چانڊيو کان ورتائين. غزل، نظم ۽ آزاد نظم جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪيائين ۽ خاص طور تمام خوبصورت نظم ۽ آزاد نظم پڻ لکيائين. پاڻ 1976 ۾ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ رسالي ماهوار ”نئين دنيا“ ۽ ماهوار ”ڪونج“ لاڙڪاڻو جي ايڊيٽر طور به ڪم ڪيائين، جنهن ۾ ڏاڍو ڪارائتو مواد ڏئي ۽ ڀرپور ايڊيٽوريل لکي، پاڻ کي هڪ سيبتي ايڊيٽر طور به مڃرايائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سڪون ڪٿي آهي“ ڪهاڻيون ۽ ”ڊهندڙ ليڪا“ ڪهاڻيون شامل آهن.
رزاق مهر جي ڪهاڻي ”آڙاهه “ کي 1987 ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران بهترين ڪهاڻي جو ايوارڊ ڏنو ويو ۽ سندس ڊرامي ”جياپو“ کي سنڌ ڪلچرل ائسوسيئيشن پاران ايوارڊ ۽ ڊرامي جي مڪمل ٽيم کي آجياڻو پڻ ڏنو ويو. ڪيترين ئي ادبي، سماجي ۽ ڪلچرل تنظيمن پاران رزاق مهر سان رهاڻيون رچائي کيس مانُ ڏنو ويو. رزاق مهر جي ڪهاڻين، ڊرامن، ڪالمن ۽ ٻين لکڻين ۾ سماج جي نظر انداز ڪيل طبقي جي نمائندگي ٿيل آهي. هن غريب کي ڪنهن سِرَ ڦِري سردار يا مير کان وڌيڪ مانائتو ڏيکاريو آهي. هن جا لکيل لفظ ظالم ۽ جابر لاءِ باهه جا شعلا به آهن، ته ڪنهن مسڪين ۽ محتاج لاءِ  آٿت به آهن. سندس سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي لکيل ڪالم هڪ دؤر جي تاريخ ۽ سچائي پيش ڪن ٿا. سندس قلم ڌمڪي ۽ دڙڪي کان ڊڄڻ وارو نه، پر سماج لاءِ ناسور بڻجي ويل رشوت خورن ۽ بدمست وڏيرن لاءِ تلوار بڻيل رهيو.
مون کي خوشي آهي ته مان رزاق مهر سان  سندس حياتيءَ جي آخري ٻن سالن ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ساڻس گڏ استاد رهيس. سندس ڀاڪر وجهي ملڻ جي انداز ۽ ڪچهرين مان ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيو ته آءٌ ڪو کانئس ادبي عمر ۾ ننڍو آهيان. هو دوستن جي وچ ۾ اختلافن کي اُڀرڻ نه ڏيندو هو، دوستن جي درميان سندس ڪردار پُل جهڙو هو. هو هڪ بهترين ليکڪ سان گڏ تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن وٽ پيار ۽ پنهنجائپ هئي. کيس اوچتو دل جي تڪليف ٿي ۽ 15 آگسٽ 2002 تي بي رحم موت هن کي ڇني اسان کان ڌار ڪري ڇڏيو، پر اسان جي دلين ۾ سندس يادون ۽ محبتون هميشه  تازيون آهن.

No comments:

Post a Comment