Monday 31 December 2012

ڪهاڻيڪاره ۽ سفر نامه نگار خيرالنساءِ جعفري






رضوان گل



ڪهاڻيڪاره ۽ سفر نامه نگار

 

خيرالنساءِ جعفري

 


سنڌي ڪهاڻيءَ جي عورت ليکڪائن جو جڏهن به ۽ جتي به ذڪر نڪرندو، اُتي خيرالنساءِ جعفري جو نالو نهايت اهميت وارو هوندو، ڇا لاءِ ته خيرالنساءِ هڪ اهڙي حقيقت پسند ڪهاڻيڪاره هئي جنهن پنهنجي ڪهاڻين ذريعي سوچ ۽ فڪر جا نوان دڳ ڏنا. جيئن سندس ڪهاڻين جا موضوع منفرد آهن تيئن اسلوب ۽ فن به ٻين ڪهاڻيڪارن کان کيس الڳ ڪري بيهاري ٿو. سندس شمار سنڌي جي بهترين ڪهاڻي نويسن ۾ ٿئي ٿو.
خيرالنساءِ جعفري، جنهن کي پيار مان ”خيرو“ ۽ ”گُڏي“ جي نالن سان به پُڪاريو ويندو هو، 7 اگسٽ 1947ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم اتي ئي حاصل ڪرڻ بعد نفسيات ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين ۽ سن 1970 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي نفسيات واري شعبي ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿي. باضابطا لکڻ جي شروعات 1974 ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ڪيائين. سندس پهرين ڪهاڻي 1974 ۾ ئي ”سوجھرو“ رسالي ۾ شايع ٿي. خيرالنساء جي لکڻين ۾ اڪثر علامتي اهڃاڻ موجود آهن، جن ذريعي هن سماجي اڻ برابرين ۽ بُراين جو ذڪر جاندار انداز ۾ خوبصورت اسلوب سان ڪيو آهي. انهن ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو سوچڻ تي مجبور ضرور ٿئي ٿو. هن هندوستان ياترا کان واپس ٿي هڪ سفرنامو به لکيو جنهن ۾ پنهنجي وطن جي سِڪ ۽ محبت جو ڏاڍن نفيس احساسن ۾ اظهار ڪيو اٿائين. ان کان سواءِ پاڻ مختلف موضوعن تي مضمون به تحرير ڪيائين، جن ۾ ٻارڙن جي نفسيات بابت لکيل سندس مضمون تمام ڪارائتا آهن، ڇاڪاڻ ته سندس سبجيڪٽ ئي نفسيات هو. انهيءَ ڪري هن جي ڪهاڻين ۽ ٻين لکڻين ۾ به داخلي احساسن ۽ جذبن جي اپٽار ججھي انداز ۾ ٿيل آهي. انهيءَ حوالي سان هن ادب جي نفسياتي لاڙن وارين تحريرن جو اضافو ڪيو.
خيرالنساءِ 1974 کان مسلسل ڪهاڻيون لکندي رهي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”تخليق جو موت“ جنوري 1978 ۾ شايع ٿيو، جنهن تي کيس تمام مانائتي موٽ ملي. هن پنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار عام سنڌي معاشري مان چونڊيا آهن، جن کان ٺيٺ سنڌيءَ جا تُز محاورا به چوَرايا اٿائين، جيڪا سندس ڪهاڻين جي خاص خوبي آهي. خيرو جي ڪهاڻين جو ڪوبه ڪردار تصوراتي يا غير ضروري محسوس نه ٿيندو. جملا جيءُ جھنجھوڙيندڙ، ٻولي دلڪش ۽ منظر ڪشي لاجواب. هن جي تحرير ۾ گرفت ايتري جو پهرين سِٽَ پڙهڻ کان پوءِ سڄي ڪهاڻي پڙهڻ بعد ئي اُٿجي.
خيرالنساء جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون تمام گھڻيون مقبول ٿيون. عبدالقادر جوڻيجو سندس ڪهاڻين بابت راءِ ڏيندي چوي ٿو ته ”خيرالنساء ڪهاڻي لکڻ وقت پنهنجي ماحول ۽ ان طبقي جي بي پاڙن ڪردارن کي پاڻ سان ڳنڍيل رکيو آهي. هن اهڙا ئي ڪردار کنيا آهن جيڪي سندس آسپاس موجود آهن ۽ سندس ماحول سان گھاٽو تعلق رکن ٿا.“
خيرالنساءِ پنهنجي مشهور ڪهاڻي ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ ۾ اهڙي مسئلي طرف ڌيان ڇڪايو آهي جيڪو صدين کان اسان جي سماج ۾ پيوست ٿي ويو آهي. عورت جي مظلوميت، ڪمتري ۽ مجبوريءَ جو عڪس جنهن خوبصورت اندز ۾ هن ڪهاڻيءَ اندر ملي ٿو سو هڪ حساس ماڻهو درد مند دل رکندڙ ئي سمجھي سگھي ٿو. مثال ان ڪهاڻيءَ جون هي سِٽون پڙهي ڏسو:
”مڃان ٿي مقدس آهي هيءَ حويلي، جنهن جي اوچين ديوارين تان سج صدين کان لنگھڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڏينهن ته هن حويليءَ تان ڪڏهن گذرڻو ئي ناهي. هروقت رات ئي رات سان رُسڻ پرچڻ ٿيندو رهندو آهي. پوءِ جتي ڏينهن اچڻ ڇڏي ڏي، صرف رات ئي رات جو ديرو دُکندو رهي، اُتي ناجائز مال ڪيڏو نه اُپائي ۽ نپائي سگھجي ٿو.“
ڪهاڻي ”تخليق جو موت“ هڪ احساساتي ڪهاڻي آهي، جنهن جي جملن جي جوڙجڪ ۽ اڻت پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ وڪوڙي ڇڏي ٿي. ڪهاڻيءَ جو ڪردار عزيز هڪ آزاد خيال من موجي ماڻهو آهي، جيڪو رهندو ته هاسٽل ۾ آهي پر اڪثر و بيشتر پنهنجي ڀيڻ جي گھر حيدرآباد ۾ به رهي پوي ٿو، جتي سندس هم عمر ڀاڻيجيءَ سان جملن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي ٿي.
ڪهاڻي ”پيڙا جو پڙلاءُ“ ۾ جذبن جا عڪس ايڏا ته دل کي ڇُهندڙ آهن جو پڙهندي پڙهندي انهن لفظن جو مٺاج مَن کي سڪون بخشي ٿو. درد جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ جا احساس علامتي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو وٽس خاص ڏانءُ آهي، جيڪو هن ڪهاڻيءَ ۾ نمايان نظر اچي ٿو.
”تون ۽ مان هڪ ڪناري جون ٻه ڪُنڊون هئاسين، جن جا رُخ ازل کان جُدا، تون درياءَ جي مست وهڪري جيان جتان چاهيئي اتان لنگھندو وئين. زندگيءَ جي هر تجربي کي پاڻ ۾ پائي بي فڪر ٿي روم هليو وئين، جيئن ڀانيئه تيئن ڪيئه، سوچڻ ۽ لوچڻ تنهنجي اڳيان اجايا هئا، تو آڏو زندگيءَ جو ساز رُڳو موج ۽ مستيءَ جي آواز لاءِ هو. پنهنجي هر ڪرڻي کي بهادري ۽ ويساھ ڀانيئه، شايد اعتماد جي اها گھڻائي هئي تو ۾، جو مون هميشه توکي پُرسڪون ۽ سانتيڪو ڏٺو.“
خيرالنساءِ جعفري جي ڪهاڻين جو مجموعو ”منهنجو تخليقي سفر“ 1992 ۾ سنڌيڪا پاران ڇاپيو ويو، جنهن ۾ اڳ شايع ٿيل ڪتاب ”تخليق جو موت“ کان علاوه ٻيون ڪهاڻيون، تقريرون، انٽرويو ۽ انڊيا جو سفرنامو پڻ شامل ڪيا ويا. هن ڪتاب جو مهاڳ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس عبدالقادر جوڻيجي لکيو.

No comments:

Post a Comment