Monday 31 December 2012

سياست، صحافت ۽ ادب جو هڪ جاکوڙي ڪردار ڪامريڊ تاج محمد ابڙو





رضوان گل

سياست، صحافت ۽ ادب جو هڪ جاکوڙي ڪردار

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

 



هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ سنڌ جي ڀيني خوشبو رکندڙ مٽيءَ واري هيءَ ڌرتي هر دور ۾ مردم خيز رهي آهي. هتان جي واهڻن ۽ وسندين ۾ اهڙن ماڻهن جو جنم ٿيو آهي جن جي خوشبو صديون گذرڻ باوجود به تازي گلاب جيان واس ڏيندڙ آهي. هونئن ته سنڌ جا سمورا شهر ۽ ڳوٺ سونُ آهن پر مهين جي دڙي واري پنج هزار سال پراڻي سڃاڻپ جو حوالو رکندڙ شهر لاڙڪاڻو سياست، صحافت، ادب ۽ آرٽ جي حوالي سان تمام گھڻي اهميت جو حامل رهيو آهي، هتان جي ماڻهن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ غير معمولي خدمتون سرانجام ڏئي نوان مثال قائم ڪيا ۽ ٻين لاءِ اهڙو حوالو بڻيا جيڪو قابلِ رشڪ آهي. اهڙن ئي آدرشي انسانن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به هڪ هو، جنهن جو جنم 8 آگسٽ 1924 ۾ شهدادڪوٽ ۾ ٿيو. پاڻ قمبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي جي مختلف ادارن مان تعليم ورتائين.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي سياست سان جذباتي لڳاءُ هو. هو جڏهن 1942 ۾ مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهندو هو تڏهن کان ئي کيس اخبارون پڙهڻ، سياست تي ڳالهائڻ ۽ تبصرا ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. 1943 ڌاري مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد هن ايس ايم ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي ۽ اتي سندس ملاقات سوشلسٽ فڪر وارن ماڻهن سان ٿي. ان دور ۾ ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جو سيڪريٽري ڪامريڊ جمال الدين بخاري هو ۽ سرگرم ڪارڪنن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ ٻيا شامل هئا. ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان سوشل ازم ۽ ڪميون ازم کي سمجھڻ لاءِ باقائده ڪلاس هلندا هئا جن ۾ ڪامريڊ به باقائدگيءَ سان ويندو هو.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ با اصول ماڻهو هو. هن پنهنجي سڄي زندگي جاڳرتا ۽ جدوجهد جو ڏس ڏيندي گذاري، هن ڪالهه کي وساري اڄ کي سنوارڻ لاءِ ماڻهن کي اتساهيو. سندس پيغام استاد بخاريءَ جي هنن سٽن سان بلڪل ٺهڪندڙ هو:
ڪلهوڪن غذابن تي سڏڪڻ ڇڏيو
سڀاڻي جي خوابن تي ٽهڪڻ ڇڏيو
اڄوڪو ڏهاڙو اٿڻ جو اٿوَ
سوالن جوابن تي الجهڻ ڇڏيو!
ڪاليج واري زماني ۾ ڪامريڊ مختلف تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو، پوءِ ان دور جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور به ڪم ڪيائين ته ريڊيو پاڪستان تي سنڌيءَ ۾ خبرون به پيش ڪندو رهيو.
سنڌيءَ ٻوليءَ جي برک ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر اياز قادري جيڪو ڪامريڊ جيڪو ننڍپڻ واري زماني جو ساٿي هو، هاسٽل ۾ سندس روم ميٽ به هو ۽ آخري وقت تائين ساڻس گڏ به رهيو، پنهنجي يادگيري ٻڌائيندي لکيو آهي: ”مان هر روز چانهه ڪامريڊ تاج محمد وٽ سندس اوطاق ۾ وڃي پيئندو هوس. شام جو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي اوطاق تي ڪچهري ۾ مست رهندو هو. مون هن کي بلڪل ويجھڙائيءَ کان ڏٺو. هن جو دامن دنيا جي آلودگين کان بلڪل صاف ۽ شفاف رهيو. لاڙڪاڻي جون ڪچهريون ايامن کان مشهور هيون. لاڙڪاڻو وڏيرين، وزيرن ۽ وڪيلن جو شهر هو. شهر ۾ ڪيتريون ئي ڪچهريون قائم هيون. لاهورين ۾ حاجي امير علي جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري، ٽائون ٿاڻي لڳ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري، مارڪيٽ لڳ ميان غلام عباس قادري جي ڪچهري، قافلا سراءِ ۾ فقير محمد انڙ جي ڪچهري، اهي ڪچهريون سڀ بلي بلي هيون پر انهن سڀني مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري جي ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪهڙي ڪجي. هن جي ڪچهريءَ جو رنگ ئي پنهنجو هو. هن جي ڪچهرين ۾ مختلف قسمن، طبعيتن، سياسي پارٽين، ادبي گروهن، زميندارن ۽ هارين سان واطو رکندڙ ماڻهو ايندا هئا. هر ماڻهو جو آڌرڀاءُ چانهه سان ٿيندو هو. چانهه جي ديڳڙي هميشه گرم رهندي هئي. سندس دسترخوان نهايت ڪشادو هوندو هو. سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف حصن مان مختلف قسم جا ماڻهو وٽس اچي مهمان ٿيندا هئا“
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو واقعي به هڪ آدرشي انسان هو. هن پوري حياتي همت ۽ حوصلي سان هٿياربند ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي هو سدائين روئڻ، پٽڻ ۽  سٿرون ڪٽڻ بدران بيدار ٿي حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي ڳالهه آخر تائين ڪندو رهيو. ’استاد‘ جون هي چار سٽون به ڪامريڊ جي انهيءَ ئي ڳالهه جي ڪيڏي نه چٽائيءَ سان ترجماني ڪن ٿيون:
نه روئڻ پٽڻ ۾ اسان جو اعلاج
نه سٿرون ڪٽڻ ۾ اسان جو اعلاج
ڌيون پٽ سڀئي سنڌ ڌرتي ڄڻيا
اٿي پئو اٿڻ ۾ اسان جو اعلاج
پاڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏجي هاري تحريڪ ۾ عملي طور ڪم ڪيائين. ”مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن“، ”نيشنل عوامي پارٽي“ يا خاص طور ون يونٽ واري دور ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ڪردار تمام گھڻو اهم رهيو. انهيءَ حوالي سان ناليوارو برک شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي مضمون ”روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ ۾ لکيو آهي ته: ”ون يونٽ جو اونداهو دور هو، ادب ذريعي انقلاب جي تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اسريو ۽ سڄي سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وڪيل هو پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هو لکيائين هڪ لفظ به ڪونه پر پڙهيو به گھڻو ته ڪڙهيو به گھڻو. سنڌ جي ڀلائي ۽ آجپي لاءِ جيڪا به تحريڪ ٺهي ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين“
ڪامريڊ ذاتي طور هڪ ملنسار ۽ محبتي مزاج رکندڙ انسان هو، هو صرف نالي جو ئي ڪامريڊ نه هو بلڪه عملي طور به يارن جو يار ۽ غيرن جو غم خوار هو. هن جي دل ۾ سنڌ ڌڙڪندي هئي، سنڌ سان سندس عشق هو، انهيءَ ڪري ئي سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ هر تحريڪ ۾ هن ڪڏي اچي اڳڀرائي ڪئي. سنڌ جي ويريءَ کي هن پنهنجو ويري ٿي ڄاتو. انهيءَ حوالي سان سندس سوچ نامياري شاعر مقصود گل جي هن شعر سان ميل کائيندڙ هئي ته:
اسان ڪينَ ڪنهن سان وڙهڻ ٿا گھرون
امن آجپي سان رهڻ ٿا گھرون
مگر سنڌ کي جو اڌو اڌ ڪري
اڌو اڌ انهيءَ کي ڏسڻ ٿا گھرون
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪجهه وقت استادي پيشي سان پڻ وابسته رهيو ساڻس انهيءَ وابستگيءَ جو ذڪر ڪندي ناميارو دانشور محمد ابراهيم جويو پنهنجي هڪ مضمون ” تاج محمد ابڙو مرحوم منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز“ ۾ لکي ٿو ته: ”مون شروع ۽ آخر تائين ماستري ڪئي ته تاج محمد ابڙي به شروع ۾ سهي پر ماستري ضرور ڪئي! هيءُ ماستري جو، استاديءَ جو منصب به منهنجي تجربي ۽ مشاهدي ۾ اهڙو لڳڻو ۽ نه ڇڏڻو پڪو ۽ پختو رنگ ٿئي ٿو. جو ٿوري مدت ئي هجي پر ماڻهن جي طبيعتن کي سڄي عمر جي سڃاڻپ ۽ ساڳيائپ ڏيئي ٿو ڇڏي. ماستري، استادي، يعنيٰ  سکڻ ۽ سيکارڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، پنهنجي پورهئي مان پرائڻ ۽ پراپت ڪرڻ ۽ پوءِ سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏڻ جو اتساهه مون تاج محمد ابڙي ۽ منهنجن اهڙيءَ طبعيت رکندڙ سڀني ساٿين، سنگتين ۽ دوستن ۾، پاڻ کان چار رتيون ڪثر موجود ۽ عمل پيرا ڏٺو. پنهنجي پنهنجي پيشي جي سان لاڳاپيل فرض ادائي جي دائري ۾ ۽ ان کان ٻاهر زندگيءَ جي ٻين عام معاملن ۾ به، هن سر گهور ۽ من اڇل جي  عادت کي پنهنجي من ورونهن ڪري ڇڏڻ کي اعليٰ اديبن، شاعرن، فنڪارن، استادن ۽ پڻ اعليٰ مقصدي سياست ۽ پبلڪ توڙي پرائيويٽ سروس جي دائري  ۾ ماڻهو جي چاهي ته پنهنجي خاص سڃاڻپ بڻائي سگهي ٿو. ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ماڻهوءَ جو سنگ، فرد (Individual) جي حيثيت ۾، پنهنجي پاڻ سان، پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان، پنهنجي مقصد حيات سان هئڻ لازم آهي. ائين ماڻهوءَ لاءِ تڏهن ئي ممڪن آهي، جو هو پاڻ کي پاڻ ڏانهن ذميدار، پاڻ وٽ جوبداه، سمجهي ۽ سو تڏهن ٿيندو جڏهن اوتري قدر پاڻ کي هو آزاد به ڄاڻي. ماڻهو ڪروڙين صدين ۽ لاتعداد جڳن کان ان آزاديءَ جي احساس ۽ ماڻهن لاءِ پنهنجي ڪائناتي آسپاس سان برسر پيڪار رهيو آهي، ۽ پنهنجي فطري عقل جي آڌار تي پنهنجي ان تخليقي جدوجهد ۾ همه تن ومن مصروف پڻ رهندو آيو آهي. تاج محمد ابڙي مرحوم ۽ منهنجي سنگ سڄي عمر انهيءَ اتساهه ۽ امنگ تي هم آواز ۽ اهڙي مقصد ۽ مشرب جي همراز هجڻ ۽ رهڻ تي پڻ قائم رهيو“
ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وجھي ڪيترائي ننڍا وڏا ادبي پروگرام ڪرائي ٻاهرين اديبن ۽ دانشورن جي ميزباني ڪئي. ڊاڪٽر اياز قادريءَ کي ايڊيٽر مقرر ڪري هڪ هفتيوار اخبار ”نوجوان“ به جاري ڪيائين جيڪا اڳتي هلي مالي مسئلن سبب بند ٿي وئي. ڪامريڊ ترقي پسند فڪر جو حامي هو، هن سماج ۾ روشن خياليءَ جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون، کيس نياڻين جي تعليم جو تمام گھڻو فڪر هو. پاڻ چوندو هو: ”جيستائي سنڌي مائرون اڻ پرهيل هونديون سنڌي معاشرو سڌري نه سگھندو ۽ نه ئي ترقي ڪري سگھندو“. وڪالت ۾ پاڻ مڃائڻ بعد اليڪشن ۾ بقاپور يونين جو چيئرمين چونڊجي ويو. سن 1972 ۾ سيشن جج جي حيثيت ۾ سندس پهرين تقرري سکر ۾ ٿي جتي شيخ اياز سان سندس گھڻي ويجھڙائي ٿي جيڪا اڳتي هلي دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي.
سياست، صحافت. وڪالت، ادب ۽ سماجي خدمت جھڙن شعبن ۾ هڪ ئي وقت قابلِ قدر خدمتون سرانجام ڏيندڙ هي باڪمال شخص سن 1985 ۾ سيشن جج جي عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ 10 مارچ 1986 تي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي
وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين

No comments:

Post a Comment