Monday 31 December 2012

شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي!





رضوان گل


شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي!

 

شمشير الحيدري جي ياد

 



شاعر پنهنجي حساسيت سبب پنهنجي آس پاس ٿيندڙ وارتائن جو وڌيڪ گهرائيءَ سان مشاهدو ڪري منَ اندر جي ڪيفيتن کي لفظن جي رنگن سان پينٽ ڪري ٿو، اهي رنگ دردن جي علامت به هجن ٿا ته خوشيءَ جا نغما به، شاعر وٽ مختلف ڪيفيتن ۾ مختلف احساس جنم وٺن ٿا، شاعر صرف لفظن جا ئي ڪاريگر نه پر انساني جذبن جا عڪاس به هجن ٿا. شاعريءَ جو واسطو شعور سان آهي، سماج جا اهي فرد جيڪي شاعريءَ ذريعي قومن ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ قلم جو پورهيو ڪن ٿا سي تاريخ ۾ امر ٿي وڃن ٿا. اها شاعري جنهن ۾ ساحري به سا يقينن پڙهندڙن جي دلين ۾ جايون جوڙي ٿي. اهڙا شاعر جن پنهنجي سموري ڄمار پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ لکيو، ڏکين حالتن ۾ به مخالفن سان اکيون اکين ۾ وجھي مهاڏو اٽڪايو ۽ سچ لکڻ کان نه ڪڏهن ڪيٻايو ۽ نه ئي ڪا سوديبازي ڪئي. سنڌ جي اهڙن ارڏن ۽ بيباڪ ليکڪن ۾ تمام اهم نانءُ شمشير الحيدري جو به آهي. جنهن پنهنجي حياتيءَ جا اسي سال هڪ ئي نظريي ۽ اصول تحت گذاريا. هن ڪڏهن به ڏاڍ جي ڏمر سبب ڪوڙ کي سچ نه چيو، اونڌهه کي روشني نه چيو، بد ڪردار کي باڪردار نه چيو، ظالم کي مظلوم نه چيو بلڪه هن جڏهن به چيو سرِ عام سچ چيو، هن ڌُتارڻ ۽ دٻائڻ جي پرواهه نه ڪندي رات کي ڪڏهن به ڏينهن نه چيو:
سدا ظلم جي مات چوندا رهيا سين
سرِ عام ھربات چوندا رهيا سين
اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو، دٻايو

اسان رات کي رات چوندا رهيا سين (شمشير)
شمشيرالحيدري هڪ دور جو نالو آهي، اهو دور جنهن ۾ سنڌ جون سياسي، سماجي، ادبي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تحريڪون وجود ۾ آيون. هي اهو شخص هو جنهن پنهنجي ساٿين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش جو مقابلو ڪيو. ڌرتيءَ ڌڻين کي سندن حقن جي آگاهي واري مهم کان ويندي اقتداري ايوانن تائين پنهنجو آواز پهچائڻ واري عمل ۾ شمشير سدائين اڳڀرو رهيو. هو نه وڏيرو هو نه ڪو تمام گھڻو شاهوڪار پر هن اهي سمورا ڪم پنهنجي لکڻين ۽ عملي جدوجهد وسيلي ئي ڪيا. سندس شخصيت جا ڪيترا ئي پهلو آهن. هو هڪ ئي وقت آزاد نظم ۽ گيت جو سهڻو شاعر به آهي ته بهترين ڊرامه نگار، برجستو ڪالم نويس، بيباڪ صحافي ۽ ارڏو ايڊيٽر پڻ. جيتوڻيڪ پاڻ ڪيترن ئي سرڪاري عهدن تي به رهيو پر پنهنجي مؤقف تان ڪڏهن به پٺتي نه هٽيو.
شمشير الحيدري سموري حياتي لکندو ۽ ظالم قوتن کي للڪاريندو رهيو. هن ترقي پسند ادب جو گھرو مطالعو ڪيو. سندس لکڻيون ماڻهن جي دلين جي ترجماني ڪندڙ آهن. وقت جي آمرن سان قلم جي زور تي جنگ جوٽيائين، ضياءَ جي مارشلائي دور ۾ هن جا ڪالم ۽ ايڊيٽوريل بمن، بارودن ۽ شعلن کان گھٽ نه هئا جن کي پڙهڻ لاءِ ماڻهو انتظار ڪندا هئا. ان دور ۾ جڏهن ماڻهو حڪومت خلاف پاڻ ۾ گفتگو به آهستگيءَ سان ڪندا هئا اهڙي صورتحال ۾ هن پنهنجو صحافتي ڪردار انتهائي بهادري ۽ برجستگيءَ سان ادا ڪيو، ان دور جا لکيل سندس ايڊيٽوريل ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين سان سچائيءَ جو ثبوت آهن. پاڻ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو اسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو ته هن رسالي کي باقائدگيءَ سان وقت ڏئي معياري لکڻين ڇپڻ واري روايت کي نه فقط جاري رکيو پر هن شيخ اياز، نياز همايوني، تنوير عباسي ۽ ان دور جي ٻين ڪيترن ئي شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن کي ڌڙا ڌڙ ڇپيو. هن ان دور ۾ جهڙي ريت مهراڻ جي سهيڙ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو سو يقينن قابلِ تعريف آهي. سندس لکيل ايڊيٽوريل پڻ هڪ دور جي تاريخ آهن. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو بنيادي ۽ پهريون ميمبر به آهي ته هن تنظيم جي مول متن ۽ مقصدن کي آئيني شڪل ڏيڻ ۾ به سندس ڪردار اهم رهيو. ون يونٽ جي تحريڪ هجي يا سنڌ خلاف ٿيندڙ ٻي ڪابه سازش هجي هن حيدريءَ پنهنجي هر هنڌ پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ضرور ڏياريو. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري ٿيڻ کان اڳ، ان دوران ۽ ان کانپوءِ پاڻ سمورو وقت هي ادبي سنگت سان ئي سلهاڙيل رهيو. ادبي سنگت جي سيڪريٽري رهڻ دوران هن سموري سنڌ جي اديبن سان خط وڪتابت ذريعي رابطو رکيو ۽ ڪيترين ئي شاخن کي ٻيهر سرگرم پڻ ڪرايو.
شمشير الحيدري جي شاعر واري حيثيت وڌيڪ آهي يا سندس نثر وڌيڪ اثرائتو آهي! ان جو فيصلو ڪرڻ ته مشڪل آهي. البته گھڻي قدر کيس هڪ شاعر واري سڃاڻپ مليل آهي. اهو شايد ان ڪري به ته سندس شاعري مختلف ڳائڻن جي ذريعي عام ماڻهن تائين رسائي حاصل ڪري چڪي آهي جنهن سبب کيس عام ماڻهو هڪ شاعر جي حيثيت ۾ وڌيڪ سڃاڻن ٿا. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي هو نظم جو تمام سهڻو شاعر آهي پر سندس غزل به ڪمال جو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس هي غزل عام ماڻهن کي به زباني ياد آهي:

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو.
تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو،
وقت جي سينڌ کي سنواري ويو.
تنهنجي چپڙن جي چوس جنهن کي پئي،
جام امرت جا ڪيئي هاري ويو.
اهڙو مفلس نه ڪنهن ڏٺو هوندو،
هڪڙي دل سا به ڪٿ وساري ويو.
هڪڙو ”شمشير“ هو زماني ۾،
سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو
شمشير الحيدري پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳوڙها ۽ ڳورا لفظ ٽنبي هروڀرو ان ۾ دشواري پيدا ڪرڻ جي ڪا شعوري ڪوشش نه ڪئي آهي بلڪه سندس شاعري عام فهم ٻوليءَ ۾ ڪيل آهي جيڪا هر ماڻهوءَ کي آسانيءَ سان سمجھه ۾ ايندڙ آهي. سندس شاعريءَ جا موضوع پڻ زندگيءَ جي ننڍن ننڍن واقعن ۽ ڳالهين تي مشتمل آهن جو هر ماڻهو ان ۾ پنهنجي جذبن جو اولڙو پسي ٿو ۽ سندس شعرن کي محفلن ۽ ڪچهرين ۾ ورجائي ٿو. سندس هي مشهور قطعو به اڪثر ادبي محفلن ۾ ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو ته:
دل جي پر شوق دلاسن تي هليا آيا سين،
سونهن وارن جي سلامن تي هليا آيا سين،
ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،
نينهن وارن جي نياپن تي هليا آيا سين.
شمشير جي سڃاڻپ جي حوالن مان هڪ اهم حوالو اهو به آهي ته هن پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان سنڌي ۾ پيش ٿيندڙ پروگرامن ۽ ڊرامن جا ڪيترائي اسڪرپٽس لکيا، بلڪه کيس اهو به اعزاز آهي ته هو ڪراچي ٽي وي جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر آهي ۽ ڪمپيئر آهي. جيتوڻيڪ شمشير جي شاعري جو هيل تائين صرف هڪ ئي مجموعو ”لاٽ“ ڇپيل آهي پر هو پنهنجي شعرن جي ڪري عام ماڻهن ۾ مقبول آهي، ان جو سبب يقينن اهو ئي آهي ته هن عام ماڻهن جي دلين جون ڳالهيون پنهنجي شعرن ۾ سمايون آهن. هر شاعر جيان بنيادي طور هو به پيار جو پوڄاري هو، هو پاڻ کي جهانِ عشق جو سردار به ڪوٺرائي ٿو ته وري حسن جي حضور ۾ بار بار حاضر هئڻ جي ڳالهه به ڪري ٿو، ۽ گڏوگڏ پاڻ کي مست ملنگ، الستي، قلندري به سڏي ٿو ۽ يقينن هو هزارن ۾ حيدري به هو:
جهان ِ عشــق جــو ســــردار آهــيان ،
حضور ِ حسن ۾ حاضر وري وري آهيان ،
ملنگ مست الستي قلندري آهيـــان ،
عجيب آهيان هزارن ۾” حيدري“ آهيان !
شمشير بنيادي طور تي غريب ماڻهو هو، هن پنهنجي پهرين نوڪري جو آغاز  هڪ رائيس مل تي منشيءَ جي نوڪري سان ڪيو، جنهن کانپوءِ ٽيليفون آپريٽر، روينو کاتي ۾ ڪلارڪ ۽ ايگريڪلچر ڪوآپريٽوڪريڊٽ بينڪ ۾ مئنيجر ٿيو. ادبي بورڊ ۾ ڪجهه وقت ڪلارڪ جي حيثيت ۾ به ڪم ڪيائين پوء ٽه ماهي مھراڻ رسالي جو اسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو. ”مهراڻ“ کان علاوه ستر واري ڏهاڪي ۾ ”نئين زندگي“ جهڙي معياري رسالي جو لڳ ڀڳ يارنهن سال مسلسل ايڊيٽر رھيو، جنهن کانپوءِ يوٿ افيئرس ڊويزن جو پراونشل چيف پڻ رهيو جتان هن 19 گريڊ ۾ رٽائرمينٽ ورتي.
شمشير الحيدري مختلف وقتن تي مختلف حيثيتن ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندو رهيو تنظيمي حوالي سان هو، سيڪريٽري: سنڌي ادبي بورڊ، 3 سال، سيڪريٽري: سنڌي ادبي سنگت، 11 سال، ميمبر: فلم سينسر بورڊ، 3 سال، ميمبر: اردو ڊڪشنري بورڊ، 3 سال، باني ميمبر: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، ميمبر: پريس ڪلب ڪراچي، ميمبر: پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل ۽ ميمبر: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان پڻ رهيو. شمشير اهڙو دلبر انسان هو جنهن سان سڄي سنڌ پيار ڪري ٿي، سائين شمشير الحيدري جي مشهور غزل "تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو" جي زمين ۾ نوجوان شاعر امر پيرزادي کيس خراج پيش ڪندي لکيو هو ته:
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو
نيڻ پنهنجا اُتي وساري ويو
مست سنڌو ۾ جا رواني آ
پنهنجي نظمن ۾ سا اُتاري ويو
هُو لِکڻ لاءِ آيو ڌرتي تي
سينڌ تخليقَ جي سنواري ويو
          شمشير الحيدري سنڌي ٻوليءَ جو اهو يگانو شاعر آهي جنهن جي لفظن ۾ جيتوڻيڪ سادگي آهي پر انهن سٽن جو اثر پڙهندڙن تي گِھرو ٿئي ٿو. شاعر وٽ صرف فن جو هئڻ ئي سڀ ڪجهه نه ٿو هجي، جيڪا ڳالهه ماڻهن جي دلين تي اثر ڪري ٿي، جيڪي سٽون ماڻهو ياد ڪري شاعر کي سندس ئي شاعريءَ سان خراج پيش ڪن ٿا سا ڳالهه آهي سندس اندر جي اڌمن جو سهڻو، سادو ۽ بيساخته اظهار! ۽ جڏهن اهو اظهار وري فني معيار تي به پورو هجي ٿو ته منڊيءَ تي ٽِڪَ وارو ڪم ٿي وڃي ٿو. شمشير جا به ڪيترا اهڙا دل جي تارن کي ڇهندڙ شعر آهن جن کي پڙهي سندس داخلي احساسن کي به پرکي سگھجي ته زماني جي لاهن چاڙهن جون تصويرون به ڏسي سگھجن ٿيون. هو جيون سان هر محاذ ٿي وڙهندو رهيو، سندس حال هيڻا هئا، درد ٻيڻا هئا ته به سندس زندگيءَ جي گاڏي هلندي رهي. هن جي سڀ کان وڏي ڳالهه اها به هئي ته پاڻ زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين به ڪنهن کان ڪا شڪايت نه ڪيائين، طبعيت ناساز هئڻ باوجود به سندس مزاج تبديل نه ٿيو، هو بيماريءَ واري بستري تي به دوستن سان ڀوڳ، چرچا ڪندو رهيو. ڪينسر جھڙي خطرناڪ بيماريءَ سان بهادريءَ سان وڙهندو رهيو. همت نه هاريائين. وفات کان چند ڏينهن اڳ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ به هن پُر اميد هئڻ جي ڳالهه ڪندي چيو هو ته مان جلد صحتياب ٿي گھر ويندس! اهڙن اڏول انسانن مان اسان کي پر اميد رهڻ جو حوصلو ضرور وٺڻ گھرجي، ڇالاءِ ته اسان تمام ٿورڙين تڪليفن سبب به مايوسين جي اونڌاهين ۾ گم ٿيڻ لڳندا آهيون. اهڙي صورتحال ۾ شمشير جو ڪردار اسان لاءِ هڪ مثال آهي ته ڪهڙي ريت آخري وقت تائين به حوصلي ۽ همت جو دامن مظبوطيءَ سان پڪڙي تڪليفن جو مقابلو ڪرڻو آهي. شمشير چيو ته اسان هيڻا هوندي به زندگيءَ سان جنگ جوٽي رهيا آهيون. وقت جي ستم ظريفي جي به ڳالهه ڪيائين ته گڏوگڏ پنهنجي ساڳين اٽل ارادن جو به ذڪر ڪندي چيائين ته پاڻ هن زماني جا منصور آهيون، ڀل ته سوريءَ تي چاڙهيو پر اسان جي گردن جُهڪندي ڪڏهن به ڪونه!! ۽ پوءِ هن سونهن جي ساراهه ۾ صرف ايترو ئي چيو ته ” اوهين آهيو سهڻا، اوهان جي اهائي، وڏي ڳالهه آهي“:
اسين حال هيڻا اوهان جي خدائي وڏي ڳالهه آهي
هلي پئي اڃا زندگيءَ جي لڙائي وڏي ڳالهه آهي
انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي وڏي ڳالهه آهي
اڃا وقت کي پيئي ڳولي سچائي وڏي ڳالهه آهي
زماني جا منصور ۽ خــــوب مشهور آهيون اسين
اسان سـوريء تي نه گردن جهڪائي وڏي ڳالهه آهي
نگاهون کڻي داد جي لاء مرڪڻ جي ڪهڙي ضرورت
اوهين آهيو سهڻا، اوهان جي اهائي، وڏي ڳالهه آهي
          شمشير الحيدري پنهنجي زندگي سڦل ۽ مقصدن جي حاصلات ڪندي گذاري، هن عام ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ جايون جوڙيون. سندس سموري حياتي بي داغ رهي. هونئن به هڪ ليکڪ لاءِ سڀ کان وڏو اعزاز اهو ئي هجي ٿو ته هو پنهنجي ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهي. موت ته هر شخص تي اچي ٿو پر موت سان صرف اهي ئي فوت ٿي وڃن ٿا جن جو ڪوبه پورهيو ٿيل نه ٿو هجي، اهي ماڻهو گم نام ٿي ويندا آهن جن سطحي طور فقط پنهنجي نالي جي نماءَ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو هوندو آهي. پر جن ماڻهن عظيم مقصدن خاطر انفرادي يا ذاتي مقصدن کي اهميت نه ڏئي، پنهنجي ڌرتيءَ سان سچائي جو ثبوت ڏنو هوندو آهي انهن جون ڪارگذاريون ۽ انهن جون لکڻيون نه ڪڏهن مِٽبيون آهن نه ئي ميساربيون آهن، انهن جون زندگيون قابلِ رشڪ هونديون آهن ۽ اهي وڇڙڻ کانپوءِ امر ٿي ويندا آهن. شمشير به امر آهي جيڪو پنهنجي لکڻين ذريعي اسان سان سدائين گڏ هوندو. هو جيتوڻيڪ 11 آگسٽ 2012 تي اسان کان جسماني طور وڇڙي ويو آهي پر سندس تخليقون سندس هئڻ جو احساس هميشه ڏيارينديون رهنديون. محفلن ۾ سندس غير موجودگيءَ جو احساس ضرور ٿيندو، جڏهن به سندس لفظ آلاپن جي صورت ۾ اسان جي سماعتن سان ٽڪرائبا ته هو اسان جي آس پاس هوندو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هو محفلن کي مچائيندڙ سهڻو ڪوي هو جنهن ڳالهه جو ادراڪ کيس به هو جو هن پاڻ ئي چيو هو ته:
شمشير‘ کي سڏ ڪريو، ’شمشير‘ ڪٿي آهي؟
محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد !

No comments:

Post a Comment