Monday 31 December 2012

ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار ڪيهر شوڪت





رضوان گل






ڪهاڻيڪار  ۽  ڊرامه نگار

ڪيهر شوڪت

 


سنڌي ڪهاڻي جي اوسر ۾ جن ڪهاڻيڪارن جو اهم ڪردار رهيو آهي انهن ۾ جمال ابڙي ۽ اياز قادري کان ويندي رزاق مهر تائين ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. اهڙن ئي برجستن ڪهاڻيڪارن ۽ پختن ڊرامي نگارن ۾ ڪيهر شوڪت جو نالو پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي. هن وٽ لکڻ جو نرالو ڏانءُ هو جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيندو هو. هن زندگيءَ جي ننڍڙن مسئلن ۽ مونجهارن کان ويندي وڏن وڏن سماجي ناسورن تي جهڙي ڀرپور انداز ۽ جزيات ۾ وڃي لکيو سو انداز ئي سندس خاص سڃاڻپ بڻيو. هن کي مشاهدي واري اک پيش ڪيل منظر ۾ موجود چرندڙ پرندڙ ننڍين شين تي به هوندي هئي. سندس ڪهاڻين ۾ موجود منظرڪشي پڙهندڙ کي ان ماحول ۾ پهچائي ڇڏيندي هئي جيڪو هو لفظن ذريعي چٽيندو هو ۽ اها سندس لکڻيءَ جي ڪمال ڪاريگري هئي.
ڪيهر شوڪت ولد غلام عباس ڪيهر 2 فيبروري 1951 تي جنم ورتو. سندس اباڻو ڳوٺ آگاڻي باغن واري خاص سڃاڻپ رکندڙ آهي. سندس ننڍپڻ جا ڏينهن سرسبز ۽ شاداب ڌرتيءَ تي رانديون ڪندي گذريا. شروعاتي دَرجا آگاڻي جي پرائمري اسڪول ۾ تعليم ورتائين، جنهن کان پوءِ مڊل ڪلاسن تائين گورنمينٽ اسڪول ڪيهر ۾ پڙهيو، پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1970 ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ڪجهه وقت دادو ۾ به قيام ڪيائين، پوءِ گورنمينٽ ڪاليج دادو مان بي اي جو امتحان ڏيڻ بعد ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم اي بين القوامي تعلقات ۾ داخلا وٺي اتي هاسٽل ۾ رهڻ لڳو، پر کيس مزو نه آيو، جنهنڪري هن ايس ايم لا ڪاليج ۾ قانون جي تعليم وٺڻ شروع ڪئي. 1980 ۾ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 1985 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي پڻ ڪيائين.
ڪراچيءَ ۾ سندس نوڪريءَ جي شروعات سنڌي استاد طور ٿي، پر پوءِ تُرت ئي وڪالت شروع ڪيائين. 1990 ۾ کيس صوبائي قانون کاتي ۾ سرڪاري وڪيل جي نوڪري ملي، جتان 1998 ۾ ڊپٽي اٽارني جي عهدي تي ترقي پڻ ماڻيائين. سندس مزاج حساس ليکڪ هئڻ سبب ٻين وڪيلن کان گهڻو مختلف هو. هن جتي به نوڪري ڪئي سندس هٿ صاف رهيا، جيڪو به حاصل ڪيائين سو سندس ذاتي محنتن جو نتيجو هو.
ڪيهر شوڪت جو شمار سنڌ جي معروف ڊرامي نگارن ۾ به ٿئي ٿو. هن ستر واري ڏهاڪي ۾ لکڻ جي شروعات شاعري سان ڪئي، جنهن بعد سندس لاڙو ڪهاڻين ڏانهن ٿيو ۽ هن پنهنجي احساسن جي اظهار لاءِ ڪهاڻيءَ کي ئي مستقل اظهار جو ذريعو بڻايو. پاڻ هڪ متحرڪ انسان هو جنهن سڄي حياتي جدوجهد ڪندي قلم ۽ ڪاغذ سان ناتو نڀائيندي گذاري. هن جي لکڻين ۾ بهتريءَ جو پيغام آهي، جيڪو پڙهندڙ جي ذهن تي هاڪاري اثر ضرور ڇڏي ٿو. ڪهاڻي جي ڪئنواس تي خوبصورت ڪهاڻيون چٽيندي هن جڏهن ڊرامن ڏانهن لاڙو ڪيو ته نه فقط سنڌي پر اردو ڊرامن ۾ به پاڻ مڃرايو. هن پي ٽي وي تي پهريون ڊرامو تڏهن لکيو جڏهن اڃا سندس عمر 26 سال هئي. اڳتي هلي سندس شمار ملڪ جي تمام سٺن ناٽڪ نويسن ۾ ٿيڻ لڳو. سندس يادگار ڊرامن ۾ ”انتها“، ”درد مندون ڪا ديس“، ”سج گرهڻ“، ”اڪيلو ماڻهو“ وغيره شامل آهن. ڪيهر شوڪت جي ڪهاڻين جو مجموعو ”پل تي ويٺل هڪ نوجوان“ پڻ ڇپيل آهي.
انسان پنهنجي جيون ۾ ڪيئي سپنا ڏسي ٿو ۽ پوءِ سڄي حياتي انهن کي ساڀيان ڪرڻ جي جستجو ۾ گذاري ٿو ڇڏي. اڻ کٽ خواهشون انسان کي جهوري ٿيون وجهن. ”سڪون ڪٿي آهي“ رزاق مهر جي فقط ڪتاب جو ئي نالو نه آهي، پر اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جي جواب ڳولڻ ۾ زندگي جو ڏيئو به آخرڪار اُجهامي وڃي ٿو! پر زندگيءَ ۾ سڪون ميّسر ڪونه ٿو ٿئي. ڪيهر شوڪت به سموري زندگي انهيءَ سڪون جي تلاش ۾ گذاري.
ڪيهر شوڪت سدائين پنهنجي آدرشن کي سامهون رکندي ڪم ڪيو. کيس ڪنهن جي ڊڪٽيشن وٺڻ کان ڪَٽَ هئي، هو هڪ ارڏو، سنجيده، گهڻ پڙهيو ۽ خوش گفتار انسان هو. هن جي سنگت جو حلقو به وسيع هو. آگاڻين کان ويندي ڪراچيءَ تائين سڄي سنڌ جي ادبي لڏي سان سندس هٿ جوڙ هئي. هڪ ڳالهه جيڪا اندر کي ڏک سان تار ڪندڙ آهي ته ڪيهر شوڪت، فقير محمد لاشاري، روشن تنيو، واجد، رزاق مهر، ملڪ آگاڻي ۽ انور پيرزادو اهي سڀئي هڪ ٻئي پٺيان ڪيئن هليا ويا! ۽ ايترو جلدي! جڏهن ته انهن مڙني ماڻهن جي سنڌ کي اڃا شديد ضرورت هئي.
هونءَ ته هر ماڻهوءَ اندر پنهنجو موهه هجي ٿو پر ڪجهه ماڻهن جو وڇوڙو دل ۾ گهاءُ ڪري وجهندو آهي. سندن موت جي خبر ٻڌي پڪَ ئي نه ٿيندي آهي ته ڪو ايترو جلدي هو اسان کان وڇڙي ويندا! اهڙن ئي ڇرڪائيندڙ خبرن ۾ ڪيهر شوڪت جي وفات جي خبر به هئي، جيڪو 24 اپريل 1999 تي سوِل اسپتال ڪراچي ۾ اسان کان وڇڙي ويو هو.

No comments:

Post a Comment