Monday 31 December 2012

شاعر، محقق ۽ مرتب ڊاڪٽر ملڪ نديم


رضوان گل






شاعر، محقق ۽ مرتب

 

ڊاڪٽر ملڪ نديم

 


دنيا ۾ علمي ۽ عملي ڪم سرانجام ڏيندڙ شخصيتون تاريخ جو حصو بڻجي وينديون آهن. جن شخصيتن پنهنجي پوري زندگي علم، ادب ۽ شاعريءَ کان ويندي تحقيق جهڙن ڳُوڙهن شعبن کي ڏئي سنڌي ادب ۾ پنهنجي حيثيت جوڙي، انهن ۾ ڊاڪٽر ملڪ نديم جو نالو پڻ اهم حيثيت جو حامل آهي.
ملڪ نديم جو اصل نالو عبدالرزاق آهي. سندس جنم 8 اپريل 1946 تي ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيو. ڊاڪٽر صاحب جي دلچسپي جو شعبو شاعري رهيو، پر هن تحقيقي حوالي سان پڻ تمام اهم ڪم سرانجام ڏنو. ان حوالي سان سندس سڀ کان وڌيڪ اهميت جوڳو ڪم سچل سرمست جي شاعريءَ تي لکيل پي ايڇ ڊي جو مقالو آهي. ان کان علاوه پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي ۾ استاد واري حيثيت ۾ واڳيل هئڻ ناتي ڪيترائي شاگرد پڻ پيدا ڪيائين، جيڪي سنڌي ادب ۾ تمام ڀرپور ڪم ڪري رهيا آهن.
ڊاڪٽر ملڪ نديم ”ڀٽائي“ (تحقيقي جرنل) جيڪو شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ پاران شايع ٿيندڙ نج تحقيقي نوعيت جو مخزن آهي، جو ڪيترن ئي سالن تائين چيف ايڊيٽر رهيو. سندس نگرانيءَ ۾ ان جا اٺ پرچا شايع ٿيا جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز ۽ تنوير عباسي خاص نمبرن طور پڌرا ٿيا. انهن پرچن ۾ موجود تحقيقي مواد جي نگراني کان علاوه ڊاڪٽر ملڪ سنڌي شعبي جي سربراهه طور ڪيترن ئي ايم اي جي شاگردن کان سنڌي ادب جي ناميارن ليکڪن بابت ۽ مختلف ادبي صنفن تي مونوگراف پڻ لکرايا ۽ کين گائيڊ ڪيو. پاڻ لطيف يونيورسٽيءَ ۾ قائم ٿيل ”شيخ اياز چيئر“ جو سربراهه پڻ رهيو. سندس لکيل مضمونن جو ڪتاب ”شيخ اياز ڏوهي آهي“ جيڪو ”ڊاڪٽر ملڪ نديم اڪيڊمي“ پاران شايع ڪرايو ويو، پڻ شيخ اياز بابت هڪ اهم ڪتاب آهي. سندس دور ۾ شيخ اياز جي حوالي سان چيئر پاران پنج ڪتاب جن مان هڪ اياز جي شاعريءَ جو انگريزي ترجمو آهي پڌرا ٿيا.
ملڪ نديم مختلف ادبي پروگرامن، ڪانفرنسن ۽ ميڙاڪن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو رهيو. هن سنڌ جي صوفياءِ ڪرام ۽ مختلف ادبي شخصيتن تي مقالا ۽ مضمون تحرير ڪيا. سندس نثر ۾ پڻ شاعراڻي خوبصورتي موجود آهي. پاڻ بنيادي طور هڪ تجريدي شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس تجريدي شاعريءَ جا موضوع مظلوم عورتون، سماج جي بي حسي، راشي ڪامورا، ظلم ۽ انياءَ، عدل ۽ انصاف جو اڻ لڀ هجڻ ۽ سمورن سماجي قدرن جي ڀيل ڪندڙ ڪردارن جي تصوير ڪشي آهي. سندس تجريدي نظم جا ڪجهه حصا هن ريت آهن:
* تنهنجو اخلاق ٽشو پيپر،
تنهنجي عزت سبزي مارڪيٽ ۾ ٽماٽن جو اگهه،
تنهنجا اصول،
ڍڳي جي اوجهري جو مُلهه،
تون گدڙن جو ايم پي اي آهين،
يا ويهين گريڊ ۾ قانون جو آفيسر،
يا واڱڻن جي اپوزيشن پارٽيءَ جو سياستدان.
ـــــــــــــــ
* اسان جا هاري
هزارين سالن کان
هالار جبل جي چوٽيءَ تي ويٺا آهن
ته لهڻ جو نانءُ به نه ٿا وٺن
لاوارث وڏيرو
ٿر جي ريگستان ۾
اڃا تائين هٿ ۾ ڏنڊو جهليو
موڙي تي ويٺو آهي.
جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿيو ته ڊاڪٽر ملڪ نديم جي نظمن ۾ اجتماعي پيڙا، سنڌ جي مظلوميت جا داستان ۽ قومي ڏک سور ۽ انساني بي حسي جا عڪس پڻ چٽا نظر اچن ٿا، اهڙن ئي احساسن واريون سندس هي سٽون ڏسو:
پاڻ ڌرتي چمون ٿا
ڇو جو سائين
تنهنجي منهنجي ڪرنگهن تان
دنيا جون ريلون هلن ٿيون.
ملڪ نديم تجريدي نظم لکي نوان تجربا ڪيا جنهنڪري ادبي حلقن ۾ اهي بحث جو موضوع پڻ رهيا. هر نئين صنف پنهنجي جاءِ جوڙڻ ۾ وقت وٺندي آهي. جيئن تجريدي آرٽ هر ماڻهوءَ جي سمجهه کان ٻاهر هجي ٿو، ايئن تجريدي شاعري پڻ هر قسم جي قاريءَ کي تڪڙي سمجهه ۾ اچي نه ٿي سگهي. دنيا ۾ هر شعبي ۾ تبديلي ۽ جدت آئي آهي. اهڙيءَ ريت تجريدي ادب خصوصن شاعري به انهيءَ جدت جو هڪ حصو آهي جيڪا هن وقت به بحث جو موضوع بڻيل آهي.
ڊاڪٽر ملڪ نديم ادب جو هڪ جاکوڙي ڪردار هو، جنهن پنهنجي جوانيءَ کان وٺي آخري عمر تائين مسلسل ادب جي آبياري ڪئي. سنڌي ادب جي هن کاهوڙيءَ ليکڪ، تجريدي شاعريءَ تي مشتمل شعري مجموعو ”تجريدي نظم“، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حوالي سان ڪتاب ”ڀٽائي بک هڙتال تي“ ۽ سچل سرمست جي ڪلام ۽ شخصيت تي ”سچل جي سيني ۾ سنگرام“ جهڙن انوکن عنوانن وارا ڪتاب پنهنجي حياتيءَ جي آخري دؤر ۾ ڇپرائي پڌرا ڪيا.
ڊاڪٽر ملڪ نديم 9 مارچ 2010ع تي وفات ڪئي. سندس فرزند سڪندر مهراڻ پڻ ادب جي شعبي سان سلهاڙيل آهي، جنهن تازو ئي سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”منهنجي جواني ڪنهن به موسم نه چورائي“ ترتيب ڏئي ڇپرايو آهي.

No comments:

Post a Comment