Monday 31 December 2012

اي نياز آنءُ هر ڪنهين کي آزمائي ٿو وڃان... عمدت الشعراء نواز علي نياز جعفري





رضوان گل


اي نياز آنءُ هر ڪنهين کي آزمائي ٿو وڃان...

 

عمدت الشعراء نواز علي نياز جعفري 

 


شاعر پنهنجي حساسيت سبب پنهنجي آس پاس ٿيندڙ وارتائن جو وڌيڪ گهرائيءَ سان مشاهدو ڪري منَ اندر جي ڪيفيتن کي لفظن جي رنگن سان پينٽ ڪري ٿو، اهي رنگ دردن جي علامت به هجن ٿا ته خوشيءَ جا نغما به، شاعر وٽ مختلف ڪيفيتن ۾ مختلف احساس جنم وٺن ٿا پر هو بنيادي طور پيار جو پوڄاري ٿئي ٿو جو هن جو محّور ئي عشق آهي:
ٿئي منظور جي هي ساهه ۽ سرُ ڀي ڪريان صدقو
سڄڻ جي لئه جگر ۽ دل جا نظرانه به ڇو نه آهن
نياز آهي مناسب داستان تنهنجو ٻڌي دلبر
ٻڌڻ جي لاءِ ٻيا احوال افسانه به ڇو نه آهن

اهي سٽو خان صاحب نواز علي نياز جعفري جون آهن جنهن کي پنهنجي دور ۾ عمدت الشعراءِ جي لقب سان نوازيو ويو. سندس شاعري ۾ نه فقط گل و بلبل، ساغر و مينا ۽ زلفِ يار جون ڳالهيون ٿيل آهن پر هن جي شاعري پنهنجي دور جي منظوم تاريخ  پڻ آهي جنهن ۾ پاڻ ان دور جي تاريخي واقعن ۽ حالتن تي به بيباڪيءَ سان لکيو اٿائين. سندس شاعريءَ ۾ مختلف انڊلٺي رنگ آهن جنهن ۾ اطلاحي پهلو پڻ نمايان طور نظر اچي ٿو.
نيڪ ڪم ڪوشش ڪري ڪر، ڪيئن به اڄ ٿي هوشيار
پر بُرو ڪم تون سڀاڻي تي رکي پيو روز ٽار
نيڪ ڪم ڪلهه ئي ڪرين ها، جي نه ڪيئي ڪلهه، اڄ ته ڪر
جو سڀاڻي تائين پنهنجي دم تي ناهي اعتبار
اڄ سڀاڻي نيٺ هلندين جي ڪندين نيڪي نياز
نيڪ نالو پنهنجو دنيا ۾ ڇڏيندين يادگار
 هن پنهنجي شاعريءَ ۾ امن، ايڪي، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي ڳالهه ڪئي آهي. پنهنجي وطن سان محبت جي ڳالهه ڪندي چيائين ته:
وطن جي حُب جي دل ۾ نه ٿي، ايمان ڪهڙو ٿيو
عمل ناهي جي انسان ۾ ته پوءِ انسان ڪهڙو ٿيو

نواز علي نياز جعفريءَ جو هڪ ٻيو تمام اهم حوالو سندس مذهبي شاعري پڻ آهي جنهن ۾ هن خصوصي طور ڪربلا جي واقعي جو ذڪر ڪيو آهي. پنجتن پاڪ سان محبت ۽ عقيدت سندس رڳ رڳ ۾ رت جيان سمايل هئي. جنهن جو پرتوو سندس شاعريءَ ۾ پڻ پسي سگھجي ٿو. سندس هڪ مرثيي جون چند سٽون ملاحظه ٿين:
ڪيئن ڏجي راههِ خدا ۾ سر سکو شبير کان
ٿي ويو تڪبير، پر موڙئين نه منهن تڪبير کان
هي بيان پُر سوز، پُر غم، بند ڪر هاڻي نياز
ٿو قلم ڪيهان ڪري اڳتي انهيءَ تحرير کان
سائين نواز علي نياز جعفري علم عروض جو تمام وڏو ڄاڻو هو، پاڻ شاعريءَ ۾ ڪيترائي تجربا پڻ ڪيائين جنهن ۾ تجنيس حرفي، بنا نڪتي شعر، سڀ اکر جدا، بنا الف جي شعر، سڀ نڪتا مٿئون، سڀ نڪتا هيٺئون، سڀ اکر نقطن وارا، هر سٽ ۾ 21 اکر وغيره شامل آهن. هڪ مشاعري جي محفل ۾ گلاب جي گل کي مائيڪ سان ٻڌي پورو نظم بعنوان ”گلاب جي گل کي خطاب“ جڏهن پڙهيائين ته کيس مڃتا طور گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو، انهيءَ نظم جون ڪجهه سٽون پيش ڪجن ٿيون:
اي سدا سهڻا گلستان جي گلن جا تاجدار
آهي توتي هر چمن جي حسن جو دارو مدار
سال سارو باغبان تنهنجو ڪڍي ٿو انتظار
ڇا چوان تولئه فقط بلبل نه آهي بيقرار
تازگيءَ ۽ پنهنجي خوش رنگيءَ تي توکي ناز آهه
ناز ۾ ويتر غرور ۽ حسن جو انداز آهه
سچ ته چئه هي ناز يا انداز يا اعجاز آهه
سَر به سَر جنهن ۾ سڄو قدرت جو مخفي راز آهه
هن سموري عمر شعر و ادب کي ارپي ڇڏي هئي جڏهن سندس آخري وقت قريب پهتو ته ان ڪيفيت جو اظهار به منظوم انداز ۾بيان ڪندي ڪجهه ريت لکيائين:
اوچتو سڏ ٿيو نه ڪنهن کان موڪلائي ٿو وڃان
درد دنيا مان هي پنهنجو دل ۾ پائي ٿو وڃان
اڻ ڏٺل هڪ ملڪ ٻيو ساٿي هلي ٿو ڪونه ساڻ
واٽ جون سختيون سڀئي سرَ تي سهائي ٿو وڃان
ڪم اچي اڳتي اها ڪا ٻي ڪمائي ڪانه ڪيم
زندگي حرص و حوس ۾ سڀ وڃائي ٿو وڃان
ها عزيزن دوستن مان ڪير منهنجا خير خواهه
اي نياز آنءُ هر ڪنهين کي آزمائي ٿو وڃان.
نواز علي نياز جعفري جي شاعريءَ جي مختصر جھلڪ مان اهو اندازو بخوبي ڪري سگھجي ٿو ته هو ڪيڏي بلند پايي جو شاعر هو.

No comments:

Post a Comment