Sunday 30 December 2012

عوامي ۽ مزاحمتي شاعر استاد بخاري






رضوان گل


عوامي ۽ مزاحمتي شاعر

 

استاد بخاري

 

 


شاعري من-اندر جو اڌمو به آهي ته روح جي رڙ پڻ. شاعر، تاريخ جا اهي فرد هجن ٿا، جي پنهنجي سوچ ۽ فڪر سان قومن جون تقديرون بدلائڻ جو ساهس رکن ٿا. اُهي شاعر جيڪي درٻاري ۽ سرڪاري داٻن ۽ دهمانن کان گھٻرائجي، سچ چوڻ واري ڪرت کان پٺتي ناهن هٽندا، اهي ئي حقيقي معنى ۾ ڌرتيءَ جا سچا سپوت ثابت ٿيندا آهن. اهڙن گھڻ ڳُڻن شاعرن ۽ پيارن انسانن مان استاد بخاري به هڪ آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ جي آڌار تي جھر جهنگ تائين پنهنجو آواز پهچايو ۽ ان آواز جا پڙاڏا هر طرف گونجڻ لڳا. استاد وٽ لفظ ٻڌا ٻانها ٿي بيٺل آهن. هن جي شاعريءَ ۾ انقلابي ۽ مزاحمتي انداز به آهي ته پيار جي پيچرن تي هلندڙ پريمين جا نازن وارا نخرا پڻ. هو پنهنجن شعرن ۾ ستايلن جي ڳلن تان ڪِرندڙ ڳوڙهن جي ڳالهه به ڪري ٿو ته غريب ۽ مظلوم ماڻهن  جي دکن ۽ دردن جون ڪهاڻيون به بيان ڪري ٿو:
وڌا   وات  ۾  ڇو  اٿئي  مُڱ  زمانا،
ستايو غريبن کي ڪنهن آ سچي ڪر!
ڇڏي     ڏي    اجايا     سجايا    بهانا،
حقيقت کڻي اڄ ته ، کيرئون اڇي ڪر!
استاد جو انداز ئي نرالو آهي. هو عوامي شاعر آهي ان ڪري  سندس ٻوليءَ جو انداز سڌو سادو ۽ کرو آهي، جيڪو هر ماڻهوءَ لاءِ سمجھڻ سولو آهي. سنڌ جي ناليواري شاعر مقصود گل لکيو آهي ته ”بخاري، ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو شاعر آهي. هو ڌرتيءَ ڌڻين جا جُھڳا سڙندي، گھر کان بي گھر ٿيندي ڏسي ٿو ته تڙپي ٿو پوي. حيدرآباد ۽ ڪراچي ته ڇا، پر جڏهن سڄي سنڌ کي بد امني جي باهه ۾ وڪوڙيل پسي ٿو، تڏهن غير انساني سوچ رکندڙ، جنوني جذبي واري، احساسن کان خالي، هر ڪٺور ماڻهوءَ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
تنهنجي  اک  ۾  پُتـلي  ناهي، پٿـري آهي،
سنڌ سڙي پئي  تنهنجي دل روئي به نه ٿي.
تنهنجي بت ۾ رت جي  بدلي  ريتي  آهي،
خلق لڇي پئي تنهنجي دل ڇرڪي به نه ٿي.

استاد بخاريءَ پاڻ ئي هڪ هنڌ لکيو هو ته ”آئون طبعي طور، مالهي مزاج ماڻهو آهيان، حسين رنگن، لذيذ هڳساڻ، شيرين نغمن جو پياسي، پر باغ کي جو باهه لڳائي ويو آهي، ته مان به ڀڙڪي پيو آهيان. حسن پرست پيار پوڄاري، امن جو علمبردار هوندي، جيون جياپي، امن آجپي لاءِ جھونجار بڻجي پيو آهيان. سُر ڪلياڻ، سورٺ، ڪوهياري ڳائڻ وارو ڪلاڪار ڪيڏاري ۾ ڪاهجي پيو آهيان. خوشيءَ کان نه، پر دل جليءَ کان، مَن مستيءَ کان نه، پر قومي غيرت ۽ تاريخي ضرورت کان، گھوگھي اچڻ تي اکيون ڦوٽارڻ، ڌاڙي لڳڻ تي ڌاڙ ڌاڙ ڪرڻ واري مجبوريءَ کان.“
استاد قوم پرست شاعر هو جنهن وٽ ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ درد هو، سنڌي ماڻهن جي لاءِ هن وڏا جتن ڪيا ته ڪنهن هڪ پلئـٽفارم تي گڏ ٿين ۽ ڪا انقلابي تبديلي اچي. هن جي سوچن جو ڪاٿو سندس ان وقت جي روزاني اخبارن ۾ ڇپجندڙ چؤسٽن مان بخوبي ڪري سگهجي ٿو، جن ۾ بار بار سنڌين جي ٻڌي ۽ ايڪي جي ڳالهه ڪئي اٿائين. سنڌي سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين جي ذڪر کان ويندي استادَ عالمي امن ۽ عالمي دهشتگردن تي به قلم کنيو. هن پنهنجي لکڻين ۾ مصلحت پسنديءَ کان ڪم ناهي ورتو ۽ هر لفظ سچ جو دامن جھلي لکيو آهي. استاد ڌرتيءَ سان پنهنجي محبت جو اظهار هن ريت ڪيو:
ڪنول گل مان ڪوڪو نه ٿيندو نه ٿينــدو،
بخاريءَ   کان   ڌوڪو   نه ٿيندو نه ٿيندو.
ملهائي   نه  جو  ٿــڃ  جيجــل  جي لوڪو،
اهڙو   ڪو به  ٿوڪو نه  ٿيندو  نه   ٿيندو.

استاد بخاري جو اصل نالو احمد شاهه هو. سندس جنم 16 جنوري 1930ع تي ٿيو. پاڻ سموري حياتي سنڌ ڌرتيءَ جا گيت لکندو ۽ مختلف ڪاليجن ۾ نوجوانن کي علم جو درس ڏيندو رهيو، جو پاڻ سنڌيءَ جو پروفيسر به هو. استاد 1950 کان وٺي ادبي محفلن ۾ اچي شعر پڙهڻ لڳو ۽ سندس شاعري پڻ مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳي ۽ ائين استاد جي شاعريءَ جھر جھنگ پهچي ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙي ورتيون ۽ کيس پوري سنڌ ۾ عوامي شاعر طور سڃاڻپ ملي. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”ڪوڪڻ ۽ ڪلياڻ“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“، ڌرتي سرتي“، ”نه ڪم نبريو نه غم نبريو“، ”زندگي زندگي“، ”پير نه هٽن پوئتي“، ”اوتون جوتون“، ”ماندي ٿي نه مارئي“، ”وِلوِلو ۽ ووڪ“، ”وطن ۽ ويساهه“، ”هڙئي هيڄ وطن جا“، ”تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان“، ”گھڙيا سي چڙهيا“، ”گيت اسان جا جيت اسان جي“، ”لهر لهر دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ”ميلا ملهالا“، ”لهري لهري ۾ لالاڻ“، ”ڳائي پيو جاڳائي پيو“، ”گلدستي ۾ گيت“ ۽ ٻيا مجموعا شامل آهن.
استادُ، شاعر سان گڏ بهترين موسيقار به هو جو اڪثر پنهنجي شعرن جون ڌنون پاڻ ڪمپوز به ڪندو هو، ته ڳائيندو به هو. استاد تي لکيل مضمون ”استاد سان منهنجي واقفيت“ ۾ ننڍي کنڊ جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي راءِ ڏيندي لکيو هو ”استاد جي شاعري جاندار ۽ بامقصد آهي، سندس ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“، ”لهر لهر دريا“، ”سوچون ڀڻڪا واڪا“ پڙهڻ جو موقعو مليو هو. اها هام نه هڻندس ته مون جيڪي ڪجهه پڙهيو آهي تنهن کي پوريءَ ريت سمجھيو به آهي، ڇو ته استاد اڄوڪي وقت ظلم ۽ ڏاڍ خلاف اتساهيندڙ انقلابي قسم جو شاعر ۽ نقاد آهي. سندس شاعري ۾ جيڪا اسان جي سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ واري شڪل آهي، تنهن مان هو روزمره جي مسئلن کي تاريخ جي واقعن سان ڳنڍي هڪ ابدي حيثيت ڏيو ڇڏي.“
استاد هر وقت ماڻهن کي همتون، حوصلا ۽ روشنين ڏانهن ويندڙ دڳ ڏسيا، هو اُداسين ۽ مايوسين جو قائل نه آهي، پنهنجي پڙهندڙ کي هر شعر ۾ اهو ئي پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين ته جيڪڏهن گڏجي جستجو ۽ جاکوڙ ڪبي ته منزلون اسان جي قدمن کي اچي چمنديون، پر شرط آهي ته اسان ۾ اهي منزلون حاصل ڪرڻ جون جرئتون هجن.
کڻي    ڪنڍيون   گلابي    موسمون    پهتيون،
ڪري   سينگار   سهڻيون    منزلون    پهتيون.
مڃينديون مات جھڪنديون مشڪليون پهتيون،
جتي  تنهنجون  ۽  منهنجون  جرئتون  پهتيون.
استاد جي شاعري قومي ۽ سياسي جلسن کان وٺي ادبي محفلن تائين هر پروگرام ۾ پڙهي وڃي ٿي. سچ ته ڪوبه ميڙ استاد جي شاعريءَ کان سواءِ اڌورو ۽ اڻ پورو محسوس ٿيندو آهي. جيئن جيئن وقت جا ڪانٽا تيزيءَ سان استاد جي وڇڙي کي پراڻو ڪري رهيا آهن، تيئن تيئن هن جي شاعري مان نيون نيون معنائون دريافت ٿي رهيون آهن. تخليق جي زندگي اها ئي هجي ٿي جو پاڻ سان گڏ پنهنجي تخليقڪار کي به زنده رکندي اچي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو استاد بخاري پنهنجي امر تخليقن سبب اسان جي دلين ۾ زنده آهي.
نامياري دانشور، محقق ۽ شاعر تاج جويي استاد جي وفات تي تعزيتي نوٽ بڪ ۾ لکيو هو ”ڪشنچند بيوس ۽ نارائڻ شيام کان پوءِ استاد بخاري اهو عظيم نالو هو جنهن جي وفات سان سنڌ جي شاعريءَ جو هڪ اهم باب پورو ٿيو. استاد خوددار ۽ حوصلي وارو انسان هو، اهڙا انسان ئي موت کي شڪست ڏيندا آهن.“ استاد پاڻ ئي موت سان سان مخاطب ٿيندي چيو:

مٿي  ۾   اٿئون  زندگيءَ   جي  هوا،
اسين تيز رفتار   آهيون  سو  آهيون.
اڙي!  موت  ساهت  جي  رستي مٿان،
اسين توتي هسوار آهيون  سو آهيون.

استاد بخاري نه رڳو هڪ عوامي شاعر پر وطن دوست دانشور ۽ بهادر اڳواڻ به هو، اهڙو اڳواڻ جنهن ذهن تيار ڪيا، جنهن ماڻهن کي هر مشڪلات جي وقت ۾ ثابت قدم رهڻ جو سنيهو ڏنو، هن پنهنجن شعرن ۾ سنڌي قوم کي جو گس ڏسيو، ان گس جو ڏس اڄ تائين پنهنجي اهميت رکي ٿو. هو قومي جذبي سان سرشار هيو، ان ڪري اول ۽ آخر گھڻو تڻو سنڌ ئي هن جي شاعريءَ جو موضوع رهي. هن قوم جي جيالن ۽ جھونجھارن کي سدائين سلام پيش ڪيو ۽ ڌرتيءَ جو مانُ مٿاهون ڪندڙن کي مانُ ڏنو.
جو   قوم    جياري   جيئندو   رهندو،
جو  عام   اجاري اهو   جيئندو  رهندو.
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏنـي پـڪ آهي،
جو  سنڌ  سنواري  اهو  جيئندو رهنـدو.
استاد قوم کي جيئارڻ جي ڳالهه ڪئي، عام کي اجارڻ جي ڳالهه ڪئي، اهو ئي سبب آهي جو استاد پاڻ به اسان ۾ موجود آهي ۽ ايامن تائين رهندو. جيسين سنڌي قوم ۽ سنڌ جو نعرو هڻڻ وارو هڪ به جوڌو ۽ جوان هوندو تيستائين استاد به زنده رهندو، جو هُن هر وقت سجاڳيءَ جا سڏ ڪيا، پنهنجي قوم کي هر لمحي عملي طرح جدوجهد لاءِ بيدار ڪيو ۽ قومي ايڪتا جي ڳالهه ڪئي.
استاد بخاري ٻه ڀيرا، پهريون مارچ 1990 ۾ ۽ ٻيو ڀيرو فيبروري 1992 ۾ لنڊن ويو، جو کيس ڪينسر جو عارضو هو. انهيءَ ناسور آخرڪار 9 آڪٽوبر 1992 تي اسان کان استاد کسي ورتو.

No comments:

Post a Comment