ــ چونڊ سنڌي ڪهاڻيون ــ



چونڊ سنڌي ڪهاڻيون


 +++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++

 

 

 عزيز ڪنگراڻي
(ڪها ڻي)

وکري و يل خوا ب جو الميو


ڪار فيڪلٽيءَ جي مُک دروازي وٽ اچي سائيڊ تي بيهي ٿي. اڌڙوٽ وهيءَ جو سيبتو شخص ڪار تان لهي، ڪار جا دروازا لاڪ ڪري، پنهنجي خيالن ۾ اڳتي وڌي ٿو. درازي وٽ بيٺل سيڪيورٽي گارڊ سلام ڪريس ٿو ته خيالن منجھان نڪري سلام جي ورندي ڏيندي ماحول جو جائزو وٺي ٿو. فيڪلٽيءَ ۾ ڪا چهل پهل نه ڏسي سوچي ته شايد معمول کان اڳ فيڪلٽي پهتو آهي. ڀڻڪي ٿو: ”ڪا پهر ئي ڪانهي؟ مون به چيو ته گھر واري ڇو پئي چيو ته اڄ سوير سنبريو آهين.“ سوير اچڻ جو سبب ياد ايندي ئي ڊپارٽميٽ واري آفيس ڏانهن تڪڙي وک ڀري ٿو. خاموش ۽ خالي ڪاريڊور منجھان گذرندي قدمن جو آواز ايئن ٿو لڳيس ڄڻ ڊوڙندو هجي. آفيس پهچي، آفيس کولي هڪدم ٽيبل جا خانا تلاش ڪرڻ لڳي ٿو. ٽيبل جي خانن ۾ نه ٿو مليس ته الماڙيءَ کولي تلاشڻ لڳي ٿو. ”ڪاڏي ويو خط؟ ٽيبل تي به ناهي، ٽيبل جي خانن ۾ ڪونهي، الماڙيءَ ۾ به ناهي ته ويو ڪاڏي؟ انهيءَ خوف کان سوير آيس ته متان ٽيبل تي وساريو هجيم ۽ پٽيوالو صفائِي ڪندي هيٺ مٿي نه ڪري ڇڏي يا لڳي نه وڃي ڪنهن ٻئي جي هٿ“ پاڻ سان پاڻ ڳالهائيندي پگھرجي،پاڻ کي اچي ڪرسيءَ تي اُڇلي ٿو ته کيس سوچون گھيري وڃن ٿيون. ڄڻ سوچن جي ککرن ۾ کڙو هنيو هجيس ۽ سوچون ڀُون ڀُون ڪري ذهن کي چمبڙي ويون هجنس. سوچن کان آجائپ لاءِ وارن ۾ آڱريون ڦيري ٿڌو ساهه کڻي پڪ ڪرڻ لاءِ ٻيهر ٽيبل جا خانا کولي جاچڻ لڳي ٿو.
” ڪهڙي کوجنا ۾ آهيو سر؟“ پٽيوالو آفيس ۾ داخل ٿيندي پڇيس ٿو.
” آفيس آ، آثار قديمه جي سائيٽ ناهي جو کوجنا پيو ڪريان!“ ڇڙٻيندي چويس ٿو.
” معذرت.. سر!! پر وقت کان اڳ اچي ويا آهيو؟“
” منهنجي مرضي، تون ڪير ٿيندو آهين پڇڻ وارو؟
” معافي .. سر، صفائي ڪرڻي آ تڏهن پڇي ويٺس!“ پٽيوالو هيسجي چويس ٿو.
” ناهي صفائي جي ضرورت، وڃ جان ڇڏ“ لفظ نه پر ڄڻ ٽانڊا اوڳاڇي ٿو.
” جيءُ.. حاضر سر!“ پٽيوالو چئي، کيس حيرانگيءَ منجھان ڏسندي واپس ٿئي ٿوته پڇيس ٿو.
” بند ٿيل لفافو ڪلهه شايد ٽيبل تي ئي رهجي ويو هو، تو ته نه کنيو؟“
” سر! مرينه جو نالو لکيل هوس؟“
” ها ها!! تو کنيو ڇا؟“ اُتاولائِيءَ منجھان ڪرسيءَ تان اٿندي پڇي ٿو.
” نه سر“
” باقي؟؟“
” مرينه پاڻ کنيو هو“
” مرينا کنيو هو؟؟“
” جيءُ سر، توهان جيئن ئي آفيس منجھان نڪتا ته پٺيان مرينه آئي،پنهنجو نالو ڏسي لفافو کنيائين.“
” تو روڪيس ڇو نه؟“
”سر! توهانجي دادلي شاگردياڻي آ، ڊپ هو ته متان روڪڻ سبب توهان ئي دڙڪا ڏيو.“
” دادليءَ جو اهو مطلب ناهي ته منهنجي غير موجودگيءَ ۾ منهنجيون شيون کڻي؟“ ذري گھٽ رڙ جي انداز ۾ چوي ٿو ته پٽيوالو هٿ جوڙيندي چويس ٿو:
” سر معذرت سان چوندس ته اهو حق توهان ئي ڏنو اٿس، ڪافي ڀيرا کيس روڪڻ تي توهان ئي منهنجي بيستي ڪئي آ. پوءِ به مون روڪيومانس پر ڪانه مُڙي، کڻي هلي وئي.“
” نا معقول ڪنهن جاءِ جا.“ دئونس ۾ گھوماٽجي ڪرسيءَ تي ويهندي چويس ٿو ته پٽيوالو ڊپ ۾ ڪجھه ڪڇڻ بجاءِ بنان دير آفيس منجھان هليو وڃي ٿو ۽ هيءُ پريشانيءَ جي طوفان ۾ گھيرجي هٿن ۾ منهن لڪائي شوڪارو ڀري ٿو. چهري تان هٿ هٽائي جيئن ئي دروازي ڏانهن نهاري ٿو ته سندس نظر مرينه تي پوي ٿي جيڪا فاتحانه انداز ۾ مُرڪندي اچي سندس سامهون بيهندي چوي ٿي:
” هيلو سر!“
” مرينه ؟“
” جيءُ سر!!“ مرينه سندس سامهون ڪرسيءَ تي ويهندي وراڻي ٿي.
” تو هتان خط کنيو هو؟؟“
” ها سر! منهنجي نالي لکيل هوتڏهن کنيم. توهان جي خط مونکي هجڻ جو احساس ڏياريو آ ۽ اها به سُڌ پئي ته توهانجي دل ۾ مون لاءِ مُحبت جي وهندڙ سنڌوءَ وٽ سدائين ساوڻي آ.“
” شڪ جي گنجائش نظر اچئي ٿي؟؟“
” نه سر! خط ۾ ڊپارٽمينٽ جي چيئر مين لاءِ لکيل هڪ جُملي تي ڏاڍو کلي هئس ته ” وي سيءَ جي نا اهليءَ آ جو گند تان مَک اُٿاري اچي گُلن تي ويهاري اٿس“. ڏاڍو تنگ ٿو ڪري. هينئر به توهان ڏانهن ايندي ڏٺائين ته زوري آفيس ۾ ويهاري ڇڏيائين. جيڪو به لکيو اٿئو اصل منهنجي دل وٽان لکيو اٿئو.“
” انڪري چاهيان ٿوته خط واپس ڪر“ ٿڌو ساهه سندس اُماس روح جي گھراين منجھان نڪري ڪمري ۾ ڦهلجي وڃي ٿو.
”واپس ڪيان؟؟“
” ها “
” ڇو سر؟؟ “
” اِهو پوءِ ٻُڌايانءِ ٿو.“
” مون تي اعتماد نه رهيو آ؟“
” اعتماد آهي مرينه؟ “
” چيئرمين کان ڪو خوف خطرو آ؟؟ “
” ايئن ئي سمجهه“
” ٺيڪ آ سر“ مرينه چوندي نوٽ بوڪ جاچي ٿي. ”او ماءِ گاڊ سر!!“ مرينه کان رڙ نڪري وڃي ٿي ۽ ٽپ ڏئي ڪرسيءَ تان اٿي ٿي ته ششدر ٿي پُڇيس ٿو.
”ڇا ٿيو؟؟ “
” خط نوٽ بوڪ ۾ هو ۽ نوٽ بوڪ شايد چيئرمين جي آفيس ۾ وسري ويو“
” نه نه!!“
” جيءَ سر، مان چيئرمين جي آفيس ۾ ڏسي اڇان ٿي.“ مرينه چوندي بنان دير آفيس منجھان نڪري وڃي ٿي. مرينه جي وڃڻ کان پوءِ هن جي ذهن ۾ زلزلو برپا ٿي وڃي ٿو. پاڻ تي جڪ کائندي سوچي ٿو ” چيئر مين جو ته خير آ، چيئرمين جي حوالي سان وي سيءَ لاءِ ڇو لکيم؟ ڀلا مرينه کي لکيل خط ۾ چيئرمين جو ذڪر به ڇو ڪيم؟ ٿي ويو لاشعوري. مرينه جيئن ئي ڊپارٽمينٽ ۾ پهچندي آ ته کڳو چيئرمين چمبڙي ويندو اٿس. دل نه سهندي آ. پر مرينه روز ملي ٿي، پوءِ خط ڇو لکيومانس؟؟ زباني به کيس چئي سگھيس ٿي؟ نه لکانس ها خط. کيس شادي جي ڳالهه سامهون نه چئي سگھڻ سبب الائي ڇو خط لکي ويٺس؟ شاديءَ جي ڳالهه مرينه سان روبرُوءِ ڪنهن بهاني ڪري وٺان ها. ڪيڏو ڪمزور آهيان؟ ڪير چوندو ته مان پروفيسر آهيان؟ عشق ۽ پروفيسري؟؟ عشق آڏو پروفيسريءَ نه هلندي آ! عشق جو جهانُ پنهنجو، حُڪومت نرالي!! عشق دماغ نه دل تي راڄ ڪندو آ ۽ دل تي ڪنهن جو وس هليو آ؟؟ مان به وس هوندي پروس بڻجي ويو آهيان مرينه جي پيار ۾!! سوچيندي ڊگھو ساهه کڻي ٿو. سندس ذهن اذيتناڪ سوچن جو کُورو بڻجي وڃي ٿو. سوال نه ڄڻ سندس ذهن تي هٿوڙن جا وسڪارا هُئا. انهيءَ مونجھاري جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦٿڪندي منهن مٿي ڪري ٿو ته مرينه واپس آفيس ۾ داخل ٿيندي چويس ٿي:
” سر بچاءُ ٿي ويو... خط نوٽ بوڪ ۾ محفوظ آ“
” واقعي؟؟“ هن جي ٻرندڙ ذهن تي ڇنڊو لڳي وڃي ٿو.
” جيءُ سر واقعي!“
” خط ڪٿي آ “
” نوٽ بوڪ ۾ آ “
” مونکي ڏي “
” يادگار آ .. مون وٽ رهي ... سر!! “
” مان جو آهيان، مونکي يادگار بڻائي رک پاڻ وٽ!!“
” هفتي لاءِ نواب شاهه ٿي وڃان، واپسيءَ ۾ اچي توهان کي ڏينديس“ نٽائيندي وراڻي ٿي.
” نواب شاهه ڇو؟؟ “
” سر منهنجو گھر آ اُتي“
” سا خبر آ، مون چوڻ پئي چاهيو ته وڃي ڇا ڪندينءَ؟“
” والدين گھُرايو آ“
” ڇو؟ “
” سا وڃڻ کان پوءِ خبر پوندي. هفتي جي ته ڳالهه آهي. “
” ڪيڏو آسانيءَ سان چئي وئينءُ! مون لاءِ هفتو به، نه کُٽندڙ عرصو هُوندو. “
” منهنجو لمحو لمحو، پل پل عذاب ۾ گُذرندو سر!“ چوندي مايوسيءَ ۾ گھيرجي ڏانهس خط وڌائي ٿي.
” مونکي سر نه چئو مرينه“ کانئس خط وٺندي چوي ٿو.
” ڇو؟؟“
” اوپرائپ آ لفظ سر ۾! توکان اوپرائپ مونکي وڍ ٿي وجھي.“
” مونکي سُٺو ٿو لڳي سر چوڻ“
” مطلب مان ڀلي وڍجان پيو؟؟“
” ته ڇا چوان؟ پروفيسر تنوير؟“
” صرف تنوير.“
” مونکي آڪ ورڊ ٿو لڳي.“
” ۽ مونکي وري لفظ سر ڌاريائپ جي ڌُٻڻ ۾ اُڇلي ٿو ڇڏي. مان سڀ حجاب ۽ سَنڌا ميسارڻ ٿو چاهيان، هڪ وجُود ٿي وڃون پاڻ ٻئِي.“
” سو ته آهيون.“
” اڃان ناهيون.“
” مون سمجھيو ڪونه.“
” شادي ڪندينءَ مونسان؟“ هڪدم سوال ڪري ٿو.
” اِهو سوال خط ۾ به پُڇيو اٿئو“ مرينه چوندي سندس چهري جي بي چينيءَ ۽ بيوسيءَ کي پڙهي وٺي ٿي. سندس بي چينيءَ ۽ بيوسيءَ ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ مرڪي ڏانهس نهاري ڪنڌ جھُڪائي ڇڏي ٿي ته هن جي اُڻ تُڻ ۾ اِضافو اچي وڃي ٿو. اُتاولو ٿيندي چويس ٿو:
” مون ڪُجھه چيو آ مرينه ؟؟“
” ڪجهه؟؟ هيڏي وڏي ڳالهه کي ڪجهه ٿا چئو؟؟“ سندس بيتابيءَ وڌائڻ لاءِ هاسيڪار ڪنڌ ڦيري ڇڏي ٿي ته هيءُ پريشان ٿي وڃي ٿو. مايوسيءَ ۾ وڪوڙجي پُڇيس ٿو:
” منهنجو مقصد هو ته .....“
” توهانجو مقصد سمجھيم، وضاحت نه ڪريو.“ مرينه ڄاڻي واڻي سنجيده ٿي وڃي ٿي ته ويتر پريشان ٿي ٻُڏتر ۾ پئجي وڃي ٿو. ٻنهيءَ تي خاموشيءَ طاري ٿي وڃي ٿي. پاڻ سنڀاليندي چويس ٿو:
” ناراض ٿي وئينءَ؟؟“
” ناراض ڇو ٿينديس؟؟“
” باقي؟؟“
” زندگيءَ بابت سنجيده مسئلي تي سنجيده ٿيڻو پوندو آ“
” عشق ۽ سنجيدگي؟“
” شادي زندگيءَ جو سفر آ، اُن لاءِ سنجيدگي سان سوچڻ ضروري آ“
” بلاشڪ پر گذري ويندو اِهو سفر به انڊلٺي محبتن جي رنگينين ۾!!“
” توهين شادي شُده آهيو نه؟“
” ها... آهيان. پر ڪو ٻار ڪونهي اڪيلي آ.“ جواب ڏيندي خبر ناهي ڪهڙي اَڄاتي خوف ۾ سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي ٿي. ڀانئي ٿو ته بلڊپريشر وڌڻ شروع ٿي ويو آهي. خود تي ضابطي جي ڪوشش ڪري ٿو پر مرينه سندس ڪيفيت پرکي وڃي ٿي. گنڀِير ٿيندي چويس ٿي:
” ڀلي اڪيلي هجي پر توهان جي پهرين شاديءَ واري ديوار انڊلٺي محبتن جي رنگن کي اسانجي زندگيءَ جي آڳُر تي اچڻ ئي نه ڏيندي“
” مان ايئن ٿيڻ ئي نه ڏيندس، ضرورت پئي ته اُها ديوار هڪ سَٽ سان پٽ ڪري ڇڏيندس“
” هينئر ڇو نه ؟؟“
” هينئر؟؟“
” ها..!! مان پنهنجي نالي ٿي ويل ڪنهن به شئي ۾ ڪنهن جي به شراڪت جي َقائل ناهيان“
” جذباتي نه ٿي مرينه.. پليز مرينه !! توکي ڪنهن به شئي جي ڪمي محسوس نه ٿيندي“
” مان سيڪنڊ وائيف ٿيڻ هرگز پسند نه ڪنديس ۽ نڪي شراڪت منظور آ. مون سان شاديءَ لاءِ توهان کي پهرينءَ گھرواريءَ کي طلاق ڏيڻي پوندي. هفتي ۾ موٽنديس، طئي ڪري وٺجو“ مرينه چوندي آفيس منجھان نڪري وڃي ٿي. لفظ طلاق گوليءَ وانگيان ذهن منجهان پار ٿي وڃيس ٿو. اکين اڳيان اونده اچي وڃيس ٿي. وايون بتال ٿي وڃنس ٿيون. سمجھه ۾ نه ٿو اچيس ته ڇا ڪري؟ جيئن آيو هو تيئن آفيس ۾ ئي ويهي ويو هو. وائڙپ ۾ سوچيندي ۽ هيڏي هوڏي نهاريندي گھڙيال تي نظر پويس ٿي ته ڌيان مٽجي وڃيس ٿو. ” ساڍا يارهن؟؟“ خود ڪلاميءَ ۾ بي ساخته ڀڻڪي ٿو۽ سوچي ٿو: ” ڪلاس وٺڻ ئي وسري ويو؟ ڪو شاگرد به ياد ڏيارڻ نه آيو؟؟ يا ڪو آيو به هُجي ۽ مرينه سان ويٺل ڏسي واپس هليو ويو هجي! سڄي فيڪلٽي ته ڄاڻي ٿي اسان ٻنهيءَ جي باري ۾. ها سچي ، اڄ منهنجو ڪو به ڪلاس ناهي.“ اوچتو ياد اچي وڃيس ٿو. آفيس ۾ دم گھُٽنجندي ڀانئي ٿو. تڪڙو آفيس منجھان نڪري وڃي ٿو.
گھر ڪيئن پهتو؟ کيس ڪا سُڌ ئي نه پئي. اُن ڏينهن کان پوءِ يڪو ذهني ولوڙ ۾ رهڻ لڳي ٿو. مرينه سان سيل نمبر تي رابطي جي ڪوشش به ڪري ٿو پر سيل مسلسل بند مليس ٿو ته ويتر ذهني آنڌمانڌ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. فيڪلٽيءَ وڃڻ به جهڙوڪر وسري وڃيس ٿو. پُور پوڻ تي فيڪلٽيءَ جو رخ رکيائين ٿي ته به فيڪلٽيءَ بجاءِ آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار کان ٿي موٽيو ٿي. گھر واريءَ کي طلاق ڏيڻ يا نه ڏيڻ واري جيڪا سندس اندر ۾ جنگ ڇڙي ٿي سا کيس جھوري ڇڏي ٿي. گھر ۽ گھر واريءَ کان بيزاري ته سندس مزاج ۾ شامل ٿي وئي پر پاڻ کان به بيزار رهڻ لڳي ٿو. مسلسل ذهني انتشار هڻي وڃي هنڌ ڪري ٿو. چِڙ، ڪاوڙ ۽ اشتعال سندس ذهن تي حاوي ٿيڻ لڳن ٿا. مرينه جي انتظار ۾ هفتي جا ڏينهن ڳڻيندي ڪافي ڀيرا خودڪشيءَ لاءِ به سوچيائين. سندس حالت تي سندس گھرواريءَ گھٻرائجي وڃي ٿي. کيس هيڪلاين منجهان ڪڍڻ لاءِ سندس گھرواري جاکوڙ ڪري ٿي ته ساڻس ٻِلهه ٿي وڃي ٿو. جيئن جيئن ڏينهن قريب اچن ٿا تيئن تيئن هن جي ذهن تي اشتعال ۽ انتشار جو غلبو وڌڻ لڳي ٿو.
ستين ڏينهن مرينه سان رابطي ڪرڻ کانسواءِ هڪدم فيصلي تي پهچي وڃي ٿو. پاڻ کي ڏاڍو پُرسُڪون محسوس ڪري ٿو. ڄڻ ڪنهن وڏي مصيبت منجهان نجات ملي وئي هُجيس.هو تاڙ ۾ رهي ٿو ته بهانو ملي وڃي ته گھرواريءَ آڏو فيصلي جو اعلان ڪري ڇڏي. شام جا پنج ٿي وڃن ٿا پر کيس ڪو به بهانو نه ٿو ملي ته ڪاغذ کڻي طلاق نامو لکي لفافي ۾ بند ڪري ٿو. لفافو گھر واريءَ کي ڏئي گھران نڪري ڪار تي سوار ٿئي ٿو ۽ ڏاڍي هشاش بشاش ۽ پر جوش انداز ۾ مرينه جي هاسٽل جو رُخ ڪري ٿو. ڪائنات رنگين ڀاسيس ٿي. هر نظارو جھُومندي نظر اچيس ٿو. پاڻ کي هوائن ۾ اُڏامندي ڀانئي ٿو. باءِ پاس روڊ سان ڄامشوري ويندي، درياهه واري پُل جي وچ تي پهچي ٿو ته موبائيل سيٽ جي رنگ تي سندس ڌيانُ ڇڪجي وڃي ٿو ته هڪدم رسيوَ ڪندي مُخاطب ٿئي ٿو:
” هيلو مرينه! ڪٿي آهين؟؟ مون تنهنجو شرط پورو ڪري ڇڏيو ۽ تون اڃان گھر آهين!! ڀلا ڪڏهن ٿي اچين؟؟ ڪانه ايندينءَ؟؟ تنهنجي مائٽن کي ڪنهن ٻڌايو پنهنجي پيارجو؟؟ زبردستي نڪاح ٿي ويو تنهنجو؟؟؟“ آخري ڳالهه ٻڌڻ سان سندس سمورا خواب وکري وڃن ٿا. وکري ويل خوابن جي الميي تي کانئس موبائيل سيٽ هٿن منجھان ڇڏائجي وڃي ٿو. ڪار جي اسٽيئرنگ منجھان سندس هٿن جي گرفت ڍري ٿي وڃي ٿي ۽ ڪار غيرمُتوازن نموني سامهون ايندڙ قريب تر ٽريلر ڏانهن وڌي ٿي.

 

**********************************************************************

 

 

 

 

 

زيب سنڌي

(ڪهاڻي)


سچل سرمست ان سچل ڪانفرنس

سچل سرمست جنهن وقت هال ۾داخل ٿيو، ان وقت ادبي ڪانفرنس ۾ مشاعرو پنهنجي پوري عروج تي هو. اسٽيج تي ڊائيس جي پويان بيٺل بندري قد وارو شاعر، جنهن جو هال ۾ ويٺلن کي چهرو نه، پر فقط سندس مٿي تي ٻڌل طُرو ڊائيس مٿان نظر اچي رهيو هو، اهو ڪيڪڙاٽ ڪري پنهنجو ڪلام پيش ڪري رهيو هو، ”سچل سارو سچ.... سچ سارو سچ..... سچل سارو سچ...!“

سچل سرمست حيرت مان هال جي در وٽ ئي بيٺل رهجي ويو. هال ۾ ويٺل سامعين مان هڪ شرارتي شخص ڊائيس ڏانهن ڏسندي رڙ ڪئي، ” طري جي هيٺان لڪل مهانڊو ته ڏيکار بندرا...!“

ڊائيس جي پويان لڪل بندري شاعر، ڊائيس مٿان پنهنجو مهانڊو ماڻهن کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ۾ٽپا ڏيندي پنهنجي ڪلام کي اڳتي وڌايو، ”سچ ته بيٺو نچ....سچ ته بيٺو نچ.....سچ ته بيٺو نچ....!“

سچل سرمست اسٽيج ۽ هال ۾ ٿيندڙ تماشي کي نظر انداز ڪري، در وٽان اڳتي آيو ۽ هال جي پهرين لائين ۾ پيل هڪ خالي ڪرسيءَ طرف وڌيو، ته اوچتو هڪ اهلڪار سندس رستو روڪي ورتو، ” ايڏانهن وري ڪيڏانهن پيو وڃين درويش !“

سچل سرمست خالي ڪرسيءَ طرف هٿ سان اشارو ڪيو، ته سرڪاري اهلڪار سچل سرمست جو هٿ پڪڙي ورتو ۽ چيائين ، ” اڳئين لائين وزيرن ، مشيرن ، اسيمبلي ميمبرن ، اعليٰ عملدارن ۽ پوليس ڪمانين لاءِ آهي. تون پوئتي هليو وڃ !“

سچل سرمست ٻي لائين ۾ پيل هڪ خالي ڪرسيءَ ڏانهن وڌيو ته هڪ ٻيو اهلڪار سندس اڳيان ڦري آيو، ”هي لائين پوليس ۽ روينيو کاتي جي وچولن عملدارن لاءِ مخصوص آهي. تون هتي نٿو ويهي سگهين..“

سچل سرمست اڳتي وڌي ويو. هو ڪنهن خالي ڪرسيءَ لاءِ واجهائيندو اٺين لائين تائين پهچي ويو ، جتي وچ ۾ هڪ ڪرسي خالي هئ . سچل سرمست ان خالي ڪرسيءَ تائين پهچڻ لاءِ ، هيٺ ڏسندو ۽ ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ کان سواءِ اڳتي وڌيو ، پر ان لائين ۾ ويٺلن اندر بيچيني پکڙجي وئي. سچل سرمست اڃا ان خالي ڪرسيءَ کان پرتي هو ، جو هڪ ويٺل شخص اٿي بيهي رهيو. ان شخص ، سچل سرمست جي ڪرائِي پڪڙي زور سان ڪاوڙ مان رڙ ڪئي ، ” اسان شاعرن جي وچ ۾ هن اوپري شخص کي ويهڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي !“

هال ۾ ويٺل ڪيترائي شاعر ، اديب ۽ دانشور ڪاوڙجي پيا. هر طرف کان رڙيون شروع ٿي ويون ، ” اسان اديبن جي وچ مان فقيرن کي ٻاهر ڪڍو ، نه ته بائڪاٽ ڪنداسين !“

شاعرن ۽ اديبن پاران بائڪاٽ جي ڌمڪيءَ سان انتظامي عملدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ڪيترائي سرڪاري ڪارندا ڊوڙندا آيا. هڪ اهلڪار ، سچل سرمست کي ٻانهن کان وٺي، اديبن ۽ شاعرن جي لائين مان ٻاهر ڪڍي آيو. اهلڪارن جي اڳواڻ، سچل سرمست ڏانهن ڏسندي چيو ،”ڊزن کن لائينون اديبن ۽ شاعرن لاءِ مخصوص آهن. تون پنهنجي لاءِ پوئتي وڃي ڪا جاءِ تاڙ.“

سچل سرمست هال ۾ پوئتي هليو ويو. وچ ۾ ڪابه خالي جاءِ نه هئڻ سبب هو آخري لائين تائين پهچي ويو. آخري لائين ۾ ڪجهه ڪرسيون خالي هيون.. سچل سرمست هڪ خالي ڪرسيءَ تي ويهڻ وارو هو، ته هڪ نوجوان سچل سرمست ڏانهن ڏسي اٿي بيهي رهيو ۽ چيائين ، ” اچو سائين، توهان مون سان گڏجي ويهو.“

سچل سرمست اڳتي وڌي نوجوان جي پاسي ۾وڃي ويٺو، ” تون ڪير آهين پٽ ؟“

نوجوان وراڻيو، ”بابي ته منهنجو نالو بادشاهه رکيو هو ، پر هتي مون کي به ڌڪي پوئتي موڪليو اٿائون ته عوام پوئتي وڃي ويهي، سو مان عوام آهيان سائين !“

سچل سرمست اسٽيج طرف ڏٺو.

اسٽيج تي ڪيترائي شاعر نما شخص آيا، جيڪي سچل سرمست کي عقيدت جو نذرانو پيش ڪرڻ جي نالي ۾ ماڻهن جي مٿي جو سور وڌائي ، اسٽيج جي پاسي ۾ ويٺل سرڪاري خزانچيءَ کان پنهنجو نذرانو وصول ڪندا رهيا. هڪ شاعر خزانچيءَ سان اٽڪي بيهي رهيو. رڙ ڪري چيائين ، ”سکر جي شاعرن کي ٽي هزار ڏنا اَٿو ۽ خيرپور وارن کي پندرهن سئو ٿا ڏيو. مان انهيءَ ظلم خلاف احتجاج ڪندس!“ جڏهن انهيءَ شاعر اتي ئي زور زور سان رڙيون ڪري احتجاج شروع ڪري ڏنو ، تڏهن کيس هزار رپيا ٻيا ڏئي ، اڍائي هزارن تي راضي ڪري روانو ڪيو ويو.

اسٽيج تي بيٺل هڪ شاعر ، سچل سرمست جي شان ۾نذرانه عقيدت جي نالي ۾ تُڪبنديءَ جا تير هلائي رهيو هو ۽ واهه واهه لاءِ هيڏانهن هوڏانهن واجهائي رهيو هو ، پر هال ۾ ويٺل سمورن سامعين جو سڄو ڌيان ان گهورڙئي طرف هو ، جيڪو هال ۾ مٿي جي سور جون گوريون ۽ پاڻيءَ جون بوتلون وڪرو ڪري رهيو هو !

آخري لائين ۾ سچل سرمست جي پاسي ۾ ويٺل نوجوان پنهنجي مٿي کي زور ڏيندي ۽ سچل سرمست ڏانهن منهن ڪندي چيو ، ”سائين ! انهيءَ کان ته سٺو ٿئي ها، جيڪڏهن هتي فقط سچل سرمست جو ڪلام ٻڌائين ها !“

سچل سرمست خاموش رهيو.

انهيءَ نوجوان ، جنهن جو نالو ته بادشاهه هو، پرهن پاڻ کي عوام پئي چيو ، تنهن وري چيو ، ”مان ته هتي سچل سرمست جي شاعري ٻڌڻ آيو هئس سائين !“

سچل سرمست ڪنڌ ورائي نوجوان طرف ڏٺو ۽ ڪجهه سوچي ، اٿي اسٽيج طرف هليو ويو.

اسٽيج تي بيٺل ڪمپيئر جنهن وقت ڪنهن شاعر کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏني ، ته ان وقت سچل سرمست سامهون اچي رهيو هو. ٿڪل اهلڪارن کيس اسٽيج تي سڏايل شاعر سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ سچل سرمست اسٽيج جي ڀرسان وڃي پهتو. جنهن شاعر کي سڏيو ويو هو ، اهو ڊوڙندو آيو ۽ سچل سرمست کان اڳ ۾ اسٽيج تي چڙهي ويو.

سچل سرمست کي اسٽيج جي ڏاڪڻ وٽ ڪمپيئر روڪي ورتو ، ”مون جنهن شاعر کي سڏيو هو ، اهو ته اسٽيج تي بيٺو سچل سرمست کي عقيدت جو نذرانو پيش پيو ڪري. توهان ڪير آهيو؟“

”مان سچل سرمست آهيان !“ سچل سرمست وراڻيو.

ڪمپيئر ، سچل سرمست جي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪندي ، تڪڙ ۾ پڇيو ، ” توهان کي مشاعري ۾ ڪلام پيش ڪرڻ لاءِ سرڪاري دعوت ملي آهي ؟“

سچل سرمست انڪار سان ڪنڌ لوڏيو.

ڪمپيئر چيو ، ”شاعرن جي ٻي لسٽ اُها آهي ، جن شاعرن احتجاجي مظاهرا ڪري، مشاعري جا دعوت ناما حاصل ڪيا آهن. توهان ڪو احتجاج ڪيو هو دعوت نامو حاصل ڪرڻ لاءِ ِ؟“

سچل سرمست ٻيهر انڪار سان ڪنڌ لوڏيو.

ڪمپيئر چيو ، ” ٽين انهن شاعرن جي لسٽ آهي ، جن ادبي ڪانفرنس جي بائڪاٽ جو اعلان ڪري پنهنجا نالا شامل ڪرايا آهن.. توهان انهن بائڪاٽي شاعرن ۾ شامل هيئو؟“

سچل سرمست وري به انڪار سان ڪنڌ لوڏيو.

ڪمپيئر ٿڌو ساهه کڻي چيو ، ”مون وٽ چوٿين لسٽ انهن شاعرن جي آهي، جن هتي مشاعرو هلندي، سرڪاري کاتي جي اعليٰ عملدارن کان سفارشي پرچيون حاصل ڪري مون تائين پهچايون آهن.. توهان وٽ ڪنهن اعليٰ عملدار جي سفارشي پرچي آهي ؟“

سچل سرمست انڪار سان ڪنڌ لوڏيو.

ڪمپيئر معذرت ڪندي چيو ، ” ته پوءِ هن مشاعري ۾ توهان پنهنجي شاعري نٿا ٻڌائي سگهو سائين !“ ايترو چئي ڪمپيئر ڏاڪڻ چڙهي ، تڪڙو تڪڙو ڊائيس طرف هليو ويو ، جو ڊائيس تي بيٺل شاعر ، سچل سرمست کي لفظن جو نذرانو پيش ڪري ، نوٽن جو نذرانو وٺڻ لاءِ کاتي جي خزانچيءَ طرف وڃي چڪو هو. ڪمپيئر ، مائيڪ وٽ پهچي، هڪ سفارشي پرچيءَ تان شاعر جو نالو پڙهي کيس پنهنجو ڪلام پيش ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏني.

سفارشي پرچيءَ وسيلي سڏايل شاعر ذري گهٽ ڊوڙندو آيو ۽ سچل سرمست کي ” لفاظيءَ جو نذرانو“ پيش ڪرڻ لاءِ ، سچل سرمست جي پاسي مان گذري اسٽيج تي چڙهي ويو......۽ سچل سرمست ٻاهرين در طرف وڃي ، هال مان ٻاهر نڪري ويو.!

  

*************************************************************



 

 

 

رضوان گل

(ڪهاڻي) 

بُت بڻجي  ويل شخص 

منهنجي موبائيل تي ميسيج رنگ وڳي ميسيج ڪنهن نئين نمبر تان آيل هو کولي ڏٺم ته ميسيج خالي هو...

مان ان وقت پنهنجي آفيس جي شيشي مان ٻاهران جو من موهيندڙ منظر ڏسي رهيو هوس ڪارا گھاٽا بادل برسات جون هلڪيون بوندون ۽ پکين جو آکيرن ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ اڏامڻ .. موسم ۾ تبديلي اچي رهي هئي.. مان پنهنجي روالونگ چيئر کي ڦيرائي ٽيبل تي رکيل ليپ ٽاپ تي آڱريون ڦيرڻ لڳس..

دل چيو ته ڪوئي خوبصورت گانو ٻڌجي.. هڪ دفعو ٻيهر موبائيل تي ميسيج جي رنگ وڳي ميسيج پڙهڻ لاءِ کوليو ... ساڳي اڻ ڄاتل نمبر تان خالي ميسيج...

مان اڪثر اهڙن ميسيجز کي اهميت نه ڏيندو آهيان.. پر نه ڄاڻ ڇو ان نمبر تي who r u  لکي سينڊ ڪري ڇڏيو.. ..

ترت ئي جواب آيو  im anam and u r my jaan  مون اهو پڙهي .. پڇتايو .. سوچيو ته رپلاءِ ڏيڻ نه گھربو هو مونکي..

مان آفيس جي ڪم ڪار سان لڳي ويس..  ٽيبل تي رکيل موبائيل تي ان اڻ ڄاتل نمبر تان ڪيترائي ميسيج ايندا رهيا.. جڏهن آفيس کان واپس گھر آيس ته اهي سمورا ميسيج پڙهي اندازو ٿيو ته جيڪو به آهي سندس ٽيسٽ ڏاڍي لاجواب آهي ..

صبح منجھند شام ان نمبر تان ميسيج ايندا رهندا هئا .. مان ڪوبه رپلاءِ نه ڪندو هوس.. مونکي پڪ هئي ته اهو يا ته منهنجو ڪو دوست آهي يا وري ڪوبه واقفڪار جيڪو ڇوڪري بڻجي تنگ ڪرڻ ٿو چاهي...

ڪافي ڏينهن ۽ مهينا گذري ويا چيٽنگ ڪندي.. هڪ دفعي مون پنهنجي هورا کورا لاهڻ لاءِ کيس ميسيج ڪيو جيڪڏهن تون واقعي به ڪا فيميل آهين ته پوءِ بلڪل هن وقت مونسان ڳالهاءِ...

واپسي ۾ ميسيج بجاءِ ڪال اچڻ لڳي... اٽينڊ ڪئي...

پريان ڇوڪري جو آواز آيو ..”ڇا اوهان هن وقت تائين مونکي ميل سمجھندا رهيا آهيو؟!!“

نڙيءَ مان لفظ نڪري نه سگھيا.. مون فون ڪٽي ڇڏي....

هاڻي مان سوچڻ تي مجبور ٿيس ته هي ڪير ٿي سگھي ٿي؟! جنهن کي مونسان ايڏي دلچسپي آهي ..

مون کيس ميسيج ڪيو: ”اوهان مونکي ڪيترو ٿاسڃاڻو؟ ۽ مونکي آخر ايترا سارا ميسيجز ڇو ٿا ڪريو؟“

جواب آيو: ”مان اوهانکي ايترو سڃاڻان ٿي ته اوهان سرڪاري آفيسر آهيو، ڊفينس فيز ٽو جي 3 نمبر اسٽريٽ ۾ پهرئين ڪارنر تي اوهانجو گھر آهي، بليڪ ڪلر جي سٽي ڪار اٿوَ، اوهان شادي شده آهيو ٻه ٻار اٿوَ، فري ٽائيم ۾ سنگنگ به ڪندا آهيو، اوهانجا ڪجهه سانگس مون يوٽيوب تي به ڏٺا آهن. نالو شاهد اٿوَ پر مون لاءِ منهنجي جان آهيو توهان.... ۽ ها! اوهان کي حاصل ڪرڻ منهنجي زندگيءَ جو واحد مقصد آهي.

سندس اهو جواب پڙهي مان هڪ هنڌ ڄمي ويس، هيڏي ساري ڄاڻ ڪنهن کي ٿي سگھي ٿي؟ سوچي سوچي ٿڪي پيس ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي.. ڪيترائي ذهن ۾ آيل سوال کانئس ميسيج ذريعي معلوم ڪيا، جن مان اندازو ڪري سگھجي ته هو ڪير آهي پر هر سوال جي جواب ٻڌڻ کانپوءِ منهنجي پريشاني ويتر وڌنڌي ٿي وئي...  نه صرف پريشاني پر تجسس پڻ وڌڻ لڳو ان ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ جي لاءِ نه چاهيندي به مون ساڻس ميسيجز ذريعي رابطو جاري رکيو..

مان رات جو جڏهن ڪمري جي لائيٽ آف ڪري سمهندو هوس ته پنهنجي موبائيل کي به سائلينٽ تي رکي ڇڏيندو هيس.. ڇالاءِ ته ان اڻ ڄاتل نمبر تان پوري رات به مختلف وقتن تي شاعري ۽ مختلف ڪوٽيشنس وغيره وارا ميسيجز ايندا رهندا هئا... اهو سلسلو مهينن تائين هلندو رهيو .. هاڻي مان به سندس ڪيل پنجاهه ميسيجز جي موٽ ۾ پنج ميسيج موڪلڻ لڳو هوس.. اهو سوچيو ته صرف ميسيج ڪرڻ ۾ ڀلا ڇا ٿو ٿي!!

ان وقت آسمان ۾ گجگوڙ سان گڏ کنوڻ به تجلا ڏئي رهي هئي جڏهن مان پنهنجي دوست اعجاز جي اوطاق تي ويٺو هوس، ڪجهه گھڙين بعد تيز برسات به لهي پئي.. مان نرم آرامده سنگل صوفا تي ويٺل هوس.. اعجاز بينڪ ۾ آفيسر آهي اسان ننڍي لاءِ جا سنگتي آهيون.. مان اعجاز سان ڪچهري دوران موبائيل تي ايندڙ ميسيجز به پڙهندو رهيس... اعجاز پڇيو:

يار تون ڪجهه وقت کان موبائيل ۾ ڪجهه گھڻو ئي مصروف نه ٿي ويو آن؟!! ڪير ٿو ڪرئي ايڏا ميسيج ڀائو؟؟

مان منهن پڪو ڪندي چيو بس مختلف ماڻهو ڪن ٿا .. يار ٽائيم ئي نه ٿو ملي سڄو ڏينهن موبائيل جا ميسيج پڙهجن يا ٻيا ڪم ڪار ڪجن.. بس هاڻي هتي وقت مليو آهي سو ڏسان پيو ويٺو..

پر مونکي ائين نه ٿو لڳي، اعجاز چيو...

ته پوءِ توکي ڇا ٿو لڳي ڀلا؟؟

مونکي لڳي ٿو ڪنهن ڇوڪري جو چڪر آهي..

هاهاها !! مون هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو:  ڇوڪري ۽ مان !! ڇڏ يار .. مان اهڙو آهيان جو توکان ڪجهه لڪايان؟

ٻاهر برسات تيز وسڻ سبب ڇتين جا نيسارا وهڻ لڳا هئا..

مان وس ڪندي به پنهنجي ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ .. چپن تي آيل مرڪ لڪائي نه سگھيس.. اهو شايد ان ڪري به ته مان اعجاز کان اڄ تائين ڪابه ڳالهه لڪائي نه هئي..

اعجاز جي پڇيل سوال واري انداز مونکي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائڻ کان جيئن روڪي ورتو..

چيائين .. الاءِ ڀائو اسان به گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتو آهي .. سڄو ڏينهن ٿا ماڻهن سان ملئون.. ۽ توکي ته مان هونئن به چڱيءَ ريت ٿو سڃاڻا... سو مونسان چالاڪي ڪيئن ڪري سگھندين!!

مان هاڻي سنجيده ٿيندي اعجاز سان سموري ڳالهه شيئر ڪرڻ لڳس ۽ کيس اهو به ٻڌايو ته لڳ ڀڳ سال ٿيڻ تي آهي هن ڇوڪريءَ جنهن جو نالو انعم آهي مونسان ميسيجز ذريعي رابطي ۾ آهي هن مونسان پنهنجي بلڪل ذاتي نوعيت جون ڳالهيون به شيئر ڪيون آهن... ها! مون به کيس پنهنجي متعلق ڪافي ڪجھ ٻڌايو آهي .. ڪافي ڳالهيون ٿيون آهن..  هاڻي ته يار منهنجي به عادت بڻجي وئي آهي هوءَ... جيستائين ساڻس ميسيج تي رابطو نه ٿو ٿي اٻاڻڪو ٿو ٿي پوان..

منهنجي منهن ۾ گھوريندي اعجاز پنهنجو سڄو هٿ پنهنجي چپن تي رکي منهنجون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو... ملازم ٽيبل تي ٻاف نڪرندڙ گرم گرم ڪافي اچي رکي.... مون سمورو سربستو احوال اعجاز کي ٻڌايو..

پهريون سوال ڪيائين: تون نمبر ڇو نه تبديل ڪيو؟

چيو مانس پهريون سوچيو هو، پر پوءِ دل چيو پڙهيل لکيل ڇوڪري آهي فارغ وقت ۾ ساڻس ڳالهيون ڪندس وقت سٺو گذرندو..

پوءِ هاڻي ڳالهه ڪٿي پهتي آهي ؟؟ مون ڏانهن شڪ وارين نظرن سان نهاريندي پڇيائين!!

چيو مانس. ادا مان هن وقت تائين ساڻس مليو به نه آهيان .. ڳالهايو به صرف هڪ ڀيرو ئي اٿم .. سا به اها پڪ ڪرڻ لاءِ ته ڇوڪري آهي يا ڪو سنگت دوست يار.. بس ٻيو ڪجهه به نه!!

ته پوءِ هاڻي اهو قصو آخر ڪٿي پورو ٿيندو؟؟

بس ائين ئي جيستائين ان جي شادي نه ٿيندي هلندو رهندو پوءِ هوءَ نمبر مٽائي ڇڏيندي .. يار ائين منهنجو فري ٽائيم به ڏاڍو سٺو ٿو گذري.. ڀلا سفا ڳالهه حد کان وڌي وئي ته پوءِ نمبر مٽائي ڇڏبو کڻي... مون پنهنجي چهري تي اطمينان آڻيندي چيو.

پر تون ته ٻڌايو ته: هوءَ تونسان ٿي شادي ڪرڻ گھري... منهنجي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي اعجازڪراس ڪوسچن ڪيو..

ها! پر مان سمجھان ٿو هوءَ اهو صرف ڳالهه ڪرڻ جي حد تائين چوندي آهي ائين ٿيندو ڪونه..

ادا ڳالهه ٻڌ ڀائو: اڄوڪي ڏينهن ۾ وڃي شرافت سان نمبر مٽاءِ .. نه ته ........

مون وڏو ٽهڪ ڏيندي .. ڳالهه مَٽائيندي چيو : يار موسم واه جي ٿي وئي اٿئي .. گاڏي ڪڍراءِ ته سي ويو تي ٿا هلئون..

هاڻي برسات ڪجهه جھڪي ٿي چڪي هئي .. موسم لاجواب ٿي وئي هئي.. هوا ۾ ٿورڙو سيئاندو به محسوس ٿي رهيو هو..

اعجاز هلڻ کان لاچاري ڏيکاريندي چيو نه يار موڊ ناهي ڪنهن ٻئي دفعي...

پوءِ ڀلا مونکي اجازت ڏي.. مون اعجاز کان موڪلايو.. تڪڙو تڪڙو گھر پهتس .. اهڙي رومانٽڪ موسم ۾ ڪنهن اڻ ڏٺل ۽ تصور ۾ سوچيل حسينه سان رومانٽڪ ڳالهيون ڪرڻ به پاڻ کي رليڪس ڪرڻ جو هڪ بهتر طريقو آهي ... اها ڳالهه ذهن ۾ رکي مان ساڻس ڪچهريون ڪرڻ لڳس..... اهي ڪچهريون وڌنديون رهيون...  پهريون دائري جي اندر ۽ پوءِ دائرن ۽ حدن کان نڪرندي به.....!!

هاڻي جنهن ڏينهن ساڻس رابطو نه ٿيندو هو، مزو نه ايندو هو.. کيس ڪال ڪندو هوس ته اٽينڊ نه ڪندي هئي، ان وچ ۾ مون کيس آزمائڻ لاءِ ٻين به ڪيترن ئي نمبرن تان ڪالز ڪيون پر هن ڪڏهن به اهي ڪالز اٽينڊ نه ڪيون.. ٻين نمبرن تان کيس رومانٽڪ ميسيجز به ڪيا پر ڪابه موٽ نه ملي..

ان ڳالهه مان مونکي اها دلجاءِ ٿي ته هن جو تعلق صرف مونسان ئي آهي هوءَ صرف منهنجي ذاتي نمبر تي ئي ميسيج ڪندي هئي.. کيس مون هر طرح سان آزمائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جو ڪردار مونکي ڪٿي به ڪريل نظر نه آيو..

رات جو سمهڻ تائين گڊ نائيٽ صبح جو اٿڻ سان گڊ مارننگ جا ميسيج ايندا رهيا...  ڳالهين ڳالهين ۾ هو مونکي پنهنجو محبوب ڪري پيش ڪندي هئي.. گڏ رهڻ جو ڳالهيون.. لانگ ڊرائيو ۽ ڪينڊل لائيٽ ڊنر جون ڳالهيون... سمنڊ تي هٿ هٿ ۾ ڏئي ڇولين جي ڇهاءَ جا مزا ... ۽ جيڪو هڪ شادي شده زندگي کانپوءِ ٿيندو آهي اهو سڀ ڪجهه ... هن پنهنجي ڳالهين ۾ بار بار ٿي ورجايو... هاڻي مان صرف ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ نه پر اڪثر پنهنجي آفيس ۾ ڪم سيڙائي به کيس وقت ڏيندو هوس. مونکي جن ۾ به شڪ هئا هو انهن مان هڪ به نه هئي..!!

اهو سوال منهنجي ذهن ۾ پهرئين ڏينهن کان ڦِرندو ئي رهيو... پر ڪوبه مطمئن ڪندڙ جواب ڪونه مليو.. مان جڏهن به کانئس سندس باري ۾ اهو پڇندو هوس ته آخر تون پنهنجو مڪمل تعارف ڇو نه ٿي ڪرائين؟ ڪٿي رهندي آهين؟ مونکي ايترو ڪيئن ٿي سڃاڻين؟ يا پنهنجي ڪا تصوير ايم ايم ايس يا اي ميل ذريعي ڇو نه ٿي اماڻين!! ته هوءِ موٽ ۾ هميشه ڳالهه کي تبديل ڪري وٺندي هئي .. بار بار ساڳيو سوال ڪرڻ تي چڙي به پوندي هئي..

هڪ سال ٻه مهينا چار ڏينهن اسان جون ڪچهريون ٿينديون رهيون .. مون ڪيترائي ڀيرا ملڻ لاءِ کيس مجبور ڪيو پر ملڻ واري ڳالهه تي کيس ڳالهائڻ ئي پسند نه هو.. چوندي هئي ملندا سين ته پوءِ ڪڏهن به الڳ نه ٿيندا سين.. پر اڄ اچانڪ هن ميسج ڪيو ته مان توسان ملڻ ٿي گھران... !!

مون کيس ٺهه پهه جواب ڏنو: ڪڏهن ۽ ڪٿي؟

لکيائين: ”تنهنجي آفيس جي سامهون واري ريسٽورنٽ ۾“

مون لکيو: مان ڪيئن سڃاڻيندس توکي؟

لکيائين: مان ته توکي سڃاڻا ٿي نه! بس توکي هٿ سان اشارو ڪنديس.. پر ملڻ کان اڳ منهن جو اهو ئي ساڳيو شرط آهي ته پاڻ ملڻ کانپوءِ ڪڏهن به نه وڇڙندا سين ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته تون.. اڄ ئي پنهنجي زال کي طلاق ڏي... طلاق وارا پيپر اتي کڻي اچ مان ٺيڪ 4 بجي اتي توسان ملنديس...پوءِ پاڻ شادي ڪندا سين.

مان کيس بغير ڪجهه به سوچڻ جي لکيو: ها ٺيڪ آهي

سندس ميسيج آيو: مان توکي ڪنهن ٻئي سان شيئر ڪرڻ نه ٿي گھران جانو.. تون صرف منهنجو آهين..

مون موبائيل ٽيبل تي رکي اکين تي هٿ رکي ڇڏيا .. سمجھ ۾ ڪجهه به نه ٿي آيو..  هوش خطا ٿي ويا هئا... اها حسينه جنهن سمورو سال خوبصورت ۽ من موهيندڙ ڳالهيون ڪيون هيون اها اڄ مونسان ملي رهي هئي... جنهن سان ڪيترائي سپنن جا خيالي محل ميسيجز جي ذريعي اڏيا هئا سا اڄ پاڻ ملي رهي آهي سا به هميشه لاءِ..... هڪ طرف مان خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيس.... ٻئي طرف سندس لڳايل شرط مٿي ۾ هٿوڙا بڻجي لڳي رهيو هو.. گھڻي دير کانپوءِ اهو سوچي طلاق نامو تيار ڪري ورتو ته اهو صرف انعم کي ڏيکارڻ لاءِ ئي هوندو.. بس! اندر ۾ نه بيان ٿيندڙ اُڻ تُڻ هئي انعم کي ڏسڻ جي... نه ڄاڻ ڪهڙو جادو هو جنهن ڪري مون وٽان سوچڻ جي صلاحيت غائب ٿي وئي ... جيئن چار وڳا ته مان روڊ ڪرس ڪري شاندار ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيس.. عجيب محسوس ٿي رهيو هو سڀ ڪجهه... طلاق جا ڪاغذ لفافي ۾ وجھي کڻي آيو هوس ... دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي هئي ... ريسٽورنٽ اندر هلڪي روشني هئي سامهون ڪنڊ تي نقاب ۾ ويٺل پنڪ ڪلر جا ڪپڙا پهريل حسينه مونکي اشارو ڪيو تڪڙا قدم کڻندو سندس آڏو اچي بيٺس. لفافي ڏانهن هٿ وڌايائين .. مون سندس حوالي ڪري ڇڏيو.. هڪ دم کولي ڏٺائين ... پني تي نظرون ڦيريندي سندس نقاب لهي ويو.. ۽  ...  منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي.. وهندڙ پاڻيءَ مان برف جو پهاڙ بڻجي ويس، ها مان ان وقت بت بڻجي ويس ...  ڇو ته هوءَ منهنجي زال هئي ...

1 comment: