Sunday 30 December 2012

سنڌي ڪهاڻيءَ جو امر نانءُ امر جليل







رضوان گل


سنڌي ڪهاڻيءَ جو امر نانءُ

 

امر جليل

 

 


سچ امر آهي جيڪو ڪڏهن به فنا ٿي نه ٿو سگهي. دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته سچ جي ٻيڙي لڏندي ضرور آهي پر ڪڏهن به ٻڏندي ناهي. سچ جو ساٿ ڏيندڙ مهان انسانن جو نالو اڄ به ”امر“ آهي. اسان جي معاشري ۾ جتي ظلم، ڏاڍ ۽ ناانصافي جو راڄ آهي اتي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي ظلم جي ان ڪاري رات کي چٽو ڏينهن چوندا رهن ٿا! انهن پنهنجي ضميرن جو سودو ڪري پنهنجي چپن تي منافقيءَ جا تالا هڻي ڇڏيا آهن! اهڙي بي حسي واري ماحول ۾ ڪيترائي اهڙا بيباڪ ليکڪ آهن جن قلم کي تلوار جي ڌار بڻائي هر دور ۾ بهادري ۽ برجستگيءَ سان مزاحمت ڪئي آهي. پنهنجي لکڻين ذريعي سجاڳيءَ جا سڏ ڪري ماڻهن کي متوجه ڪيو آهي.
هي وقت هٿن مان ڪين وڃي،
هي وقت آ وک وڌائڻ جو.
ها موٽڻ مهڻو ٿا سمجهون،
هي وقت آ قسمت ٺاهڻ جو.

جن اديبن قلم ذريعي پنهنجو هاڪاري ڪردار نڀائيندي ماڻهن ۾ جوش ولولو جاڳرتا ۽ جذبو پيدا ڪري کين اهو احساس ڏياريو ته ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪوٽن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ سنڌ جي حقن جي لتاڙ ڪندڙن کي لتاڙي وڃجي. اهڙن باضمير، جرئتمند ۽ بيباڪ ليکڪن ۾ سرِ دار سچ جو جهنڊو ڦڙڪائيندڙ اديب امر جليل جو نالو انتهائي مٿاهون ۽ معتبر آهي، جنهن هن ڌرتيءَ واسين کي پنهنجي لکڻين ذريعي روشنيءَ جون راهون ڏسيون ۽ هر ڏاڍ خلاف مزاحمت ڪئي.
8 نومبر 1936 تي روهڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ قاضي عبدالجليل اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ امر جليل جي نالي سان هڪ بلند پائي جي ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، ناول نويس ۽ ڪالم نگار طور ڄاتو ويو، ماڻهو جنهن جي لکڻين جا ديوانه بڻجي ويا. اهي سندس لکيل ڪهاڻيون هجن، ڪالم هجن، ڊرامه هجن يا ناول. امر جليل جي لکڻين ۾ پنهنجو الڳ نَشو آهي جيڪو روح کي راحت ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ امرجليل کي بنيادي طور هڪ ڪرڪيٽ جي ڀلوڙ رانديگر طور سڃاتو ويندو هو پر ادب ۾ سندس خاص دلچسپي هئڻ سبب هن شروعات ۾ ڪجهه ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي جن مان کيس لکڻ جو اتساهه مليو ۽ ائين هن لکڻ شروع ڪيو. امر جون ڪهاڻيون جڏهن مختلف رسالن ۾ ڇپجڻ لڳيون ته کيس ڀرپور موٽ ملي، ڇا لاءِ ته هن جي لکڻين جو انداز ڪجهه مختلف ۽ غير روايتي هو يا کڻي ائين چئجي ته هن پنهنجو هڪ الڳ انداز متعارف ڪرايو جنهن انداز سبب ئي هو پڙهندڙن جو محبوب ليکڪ بڻجي ويو.
امرجليل جي مشاهدي واري اک تمام گهري آهي جو هو هر چُرندڙ پُرندڙ شيءِ تي نظر رکي ٿو منظرنگاري کان ويندي جملن جي جوڙجڪ تائين سندس ڪهاڻي پڙهندڙ کي مڪمل طورگرفت ۾ آڻيو ڇڏي، هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ اڪثر سماج جي پيڙهيل طبقي کي موضوع بڻايو آهي ۽ روزاني زندگيءَ جي ننڍڙن ننڍڙن واقعن کي اهڙي مهارت سان پيش ڪيو آهي جن تي اسان جو توجه گهٽ يا نه هئڻ برابر هوندو آهي. اهي ننڍڙا واقعا اسان جي زندگيءَ تي ڪيترا اثرانداز ٿين ٿا سو اندازو اهڙين ڪهاڻين کي پڙهي ئي ڪري سگهجي ٿو. هونئن به ڪنهن ليکڪ جو مشاهدو عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هجي ٿو، جو هو هر شيءِ کي پرکڻ بعد ئي ان تي راءِ ڏئي ٿو، يا ان جو ڪو نئون پهلو نروار ڪري ٿو. امرجليل پنهنجي لفظن ۽ جملن کان تير ۽ خنجر جو ڪم ورتو آهي. انهن تيرن جو رُخ همشه اهو ڪلاس ئي رهيو آهي، جنهن مسڪين ۽ اٻوجهه ماڻهن جو رت چوسيو آهي. امر جي لکڻين جو انداز سڌو دل تي اثر ڪندڙ آهي. جيڪي ماڻهو دل ۽ دماغ کان خالي شيشن جي محلن ۾ ويهي سڀ ٺيڪ آهي وارو راڳ ٻڌڻ جا شوقين آهن انهن تي اهي لفظن جا بم ۽ بارود بار ضرور ڪندا آهن ڇا لاءِ ته اهي جملا دونهون ضرور دکائن ٿا جيڪو انهن واڳ ڌڻين جي اکين تائين به پهچي ٿو.
امرجليل جي ڪهاڻين جا ڪردار من گهڙت يا فرضي نه آهن بلڪه اهي اسان جي ئي ارد گرد گهمندڙ ڦرندڙ آهن، جن جو ڳانڍاپو هڪ ئي وقت ماضي حال ۽ مستقبل سان آهي. امر جو انوکو انداز قاريءَ کي عجيب سحر ۾ وٺي ٿو ڇڏي، جو ماڻهو سندس مارڪيٽ ۾ ايندڙ نئون ڪتاب پهرئين ساعت ۾ ڏسندي ئي خريد ڪري ٿا وٺن. نامياري اديب غلام محمد گرامي امر جليل بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”امر جليل جو فن هر دور جي معاصر فنڪارن ۾ انفرادي اسلوب ۽ تاثر جو هڪ عجيب انداز پيدا ڪري چڪو آهي جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، پر بيان نه ٿو ڪري سگهجي. تاهم مختصر نموني ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرايان ٿو، امر جليل جو ڪجهه به لکيو آهي سو فنَ جو اعلى مثال آهي غير پختا ذهنن کي ڪن هنڌن تي امر جليل جي فن مان اجنبيت ضرور محسوس ٿيندي پر ان ۾ نه فن جو ڏوهه آهي، نه فنڪار جو گناهه آهي، پنهنجو ذوق ئي خام هوندو، ورنه فن پنهنجي جزالتجي حيثيت سان اعلى مقام تي آهي.“
امرجليل پنهنجي اندر هڪ تحريڪ آهي هو اڄ تائين به ٿَڪيو ناهي. هن ساهه ناهي پٽيو. هو لکندو رهيو آهي مسلسل. تمام وڏيون وڏيون ۽ تلخ ڳالهيون طنز ۽ مزاح واري انداز ۾ ڪرڻ جو فن جيڪو امر وٽ آهي سو ٿورن ليکڪن ۾ ملندو. سندس پهرئين ڪهاڻي ”اندرا“ رسالي ”ادا“ نواب شاهه جي آگسٽ 1955 واري شماري ۾ شايع ٿي، هن ڪيترائي ڊرامه لکيا جن ۾ ”انسان“، ”درياهه توتي دانهن“، ”سڄڻ سفر هليا“، ”زخم زندگيءَ جا“، ”اونڌهه ۽ روشني“، ”مٽيءَ جا ماڻهو“، ”هوندا سي حيات“، ”عيد ٿي وئي“، ”دوزخ“، ”ماءُ“، ”فرمانبردار“ ۽ ٻيا شامل آهن. هندستان مان نڪرندڙ رسالي ”ڪونج“ پاران ڪرايل ”هند سنڌ ڪهاڻي چٽاڀيٽيءَ“ ۾ امر جي ڪهاڻي پهريون انعام ماڻيو، ”روح رهاڻ“ رسالي طرفان 1965 ۾ کيس ادبي انعام ڏنو ويو، ڪتاب ”دل جي دنيا“ تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ ۽ سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان 70-1969 جو ادبي ايوارڊ مليو، ڪتاب ”جڏهن مان نه هوندس“ کي سال 1971 جو پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان ادبي ايوارڊ مليو، مهراڻ آرٽ اڪيڊمي پاران 1972 جو بهترين مڪالمه نويس ايوارڊ فلم ”گهونگهٽ لاهه ڪنوار“ تي مليو، اهڙي ريت امر جليل کي مليل ايوارڊس جي هڪ تمام وڏي فهرست آهي جنهن تي هڪ الڳ مضمون لکي سگهجي ٿو.
امرجليل جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”دل جي دنيا“، ”جڏهن مان نه هوندس“، ”تاريخ جو ڪفن“، ”منهنجو ڏس آسمان کان پڇو“، ”ٽيون وُجود“، ”سنڌو  منهنجي ساهه ۾“، ”رڃ“، ”آدم جي ماءُ“، ”رني ڪوٽ جو خزانو“، ”نيٺ گونگي ڳالهايو“، ”جيجل ماءُ“، ”لهندڙ سج جي لام“ وغيره شامل آهن. ان کان علاوه پاڻ سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سالن کان ڪالم لکندو رهيو آهي، جن کي سيهڙجي ته هوند ڪيترائي ڪتاب ٺهي پوندا.
اسان جهڙن سماجن ۾ اها روايت آهي ته جيڪو سچ چوندو ۽ لکندو آهي ته ان تي وقت جا آقا ڏمرجندا آهن اهڙي ڏمر جو شڪار امرجليل به رهيو، جو هن سچ لکيو. هن رات کي ڏينهن نه لکيو جنهن ڪري سندس ڪهاڻين ”هڪ لاش ۽ راتين جو رولاڪ“ ۽ ”سرد لاش جو سفر“ تي نه فقط بندش وڌي وئي پر هن خلاف گرفتاريءَ جا وارنٽ پڻ نڪتا. امر جليل ون يونٽ خلاف شاگرد تحريڪ ۾ به تمام گهڻو سرگرم هو. سندس ڪتاب ”جڏهن مان نه هوندس“ تي انڪوائري به هلي پر پوءِ انهيءَ دوران يحى خان جي حڪومت جو خاتمو اچي ويو. امر جي ڪهاڻين جا مڪالما دلچسپ ۽ طنز مزاح سان ڀرپور آهن هو کل مذاق ۾ اهڙين تلخ حقيقتن تان پردو کڻي ٿو جيڪي سماج جي لاءِ ناسور بڻيل آهن.
سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار طارق اشرف ماهوار ”سهڻي“ جي ”امر جليل نمبر“ ۾ ”جليل جيئن ڏٺو اٿم“ ۾ لکيو آهي ته: ”اڄ جليل سنڌي ادب جو سڀ کان مشهور ڪهاڻيڪار آهي، سنڌيءَ ۾ جليل کان وڌيڪ ڪوبه ڪهاڻيڪار ايڏو مشهور نه ٿيو ۽ نه ئي ڪنهن ڪهاڻيڪار جا ايڏا چاهيندڙ پيدا ٿيا آهن جيتوڻيڪ سندس هم عمر ڪهاڻيڪارن ۾ آغا سليم، نسيم احمد کرل،غلام نبي مغل، قمر شهباز ۽ عبدالقادر جوڻيجو پڻ بهترين ڪهاڻيڪار آهن،  حقيقت اها آهي ته جليل اهو ئي ڪجهه لکي ٿوجيڪو پڙهندڙ جي ذهن ۾ آهي، هو جيڪو ڪجهه لکي ٿو انهيءَ سان پڙهندڙن جي جذبات جي ترجماني ٿئي ٿي، جليل سندن دل جي ڳالهه ڪري ٿو، جليل ذهن ۾ متل باهه تي تيل وجهي ٿو، پوءِ ڇونه اهي ڪهاڻيون مشهور ٿين.“
امر جي ٻولي هروڀرو ڪا گهڻي ڳوڙهي يا ڌارين لفظن سان جھنجھ نه آهي، وٽس هر ڳالهه کي سمجهائڻ جو ڪمال فن آهي. پاڻ سنڌ سان عقيدت ۽ عشق جو اظهار ڪندي لکي ٿو: ”ٻولي اظهار جو ذريعو آهي، مان سنڌي ۾ لکان، اردو ۾ لکان، انگريزيءَ ۾ لکان، منهنجو موضوع سنڌ هوندو آهي. منهنجي سڃاڻپ سنڌ آهي، سنڌ کان سواءِ مان ويڳاڻو، بيڪار ۽ گم نام آهيان.“ هڪ ٻئي هنڌ ادب ۽ اديبن جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”ادب ۾ مان مڪمل اظهار جي آزاديءَ جو ڪٽر حامي آهيان، اديبن کي ننڍن وڏن خانن ۾ ورهائڻ واري ڳالهه مون کي مضحڪه خيز لڳندي آهي، هر ليکڪ جي پنهنجي فريڪوئنسي ٿيندي آهي، هر ليکڪ جي لفظ کي ڪو پڙهڻ وارو ملي ويندو آهي، هر اُچاريل لفظ کي ڪو ٻڌڻ وارو ملي ويندو آهي، هر منظر کي ڏسڻ واري ڪا نگاهه ملي ويندي آهي.“ سندس سياسي تجزين ۽ سماج ۾ ناسور بڻجي ويل براين بابت لکيل ڪالمن ۾ جيڪا گهرائي ۽ گيرائي آهي سا مقصديت سان ڀرپور ۽ تجويزن سبب ڌيان ڇڪائيندڙ آهي.
امر جليل هر دور جو ڪهاڻيڪار آهي جو هن جي ڪهاڻين ۾ موجود ڪردار اڄ به انهن ساڳين مسئلن ۾ ورتل ۽ مونجهارن جو شڪار آهن جهڙو ڪالهه هئا، بلڪه هاڻي انهن جو تعداد وڌي ويو آهي، جن جي ڳالهه امرجليل پنهنجي لکڻين ۾ اڄ کان چاليهه سال اڳ ڪئي آهي، زيادتيون، بد ديانتون، ناانصافيون، قتل، ڌاڙا ۽ ڦرين کان علاوه ڪارو ڪاري ۽ ٻيا هڙئي سماجي ناسور اڄ به چوٽ چڙهيل آهن ۽ اهي ئي امر جي لکڻين جا مُک موضوع آهن.

3 comments:

  1. سائين منھنجا ! بلاگ جوڙڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ لاءِ اوھان کي مبارڪون ھجن. اميد آھي ته ان کي وڌائيندا رھندئو.

    ReplyDelete
  2. جنهن انسان جا جذبا بُلند هجن اُهي سچ جا پوئلڳ هوندا آهن جيڪي انهي راهه تي گامزن امر هوندا آهن. واقعي توهان جون محنتوني ۽ جدوجهدي لکڻين ۾ صداقت آهي اهو سچ آهي جيڪو امر..
    سائين رضوان گل صاحب اوهان جون وڏيون محنتون آهن اوهان جون ڪوششون شايد ڪوڙ ۽ ٻين ديوارن کي ڊاهي پٽ ڪري...

    اُميد جا ڪرڻا، امن جي آشا

    ReplyDelete
  3. پيارا سائين عبدالوهاب صاحب .. سچ ته اهو اتساه اوهان کان ئي مليو آهي.. ڪوشش ڪبي ته بلاگ کي هر حوالي سان ڀرپور بڻائجي.. ان حوالي سان اوهان جي رهنمائي ۽ مدد به وٺبي..

    پيارا مڪيش ! اوهان جي قدر دانيءَ جي لاءِ به مان شڪر گذار آهيان.. مهربانيون

    ReplyDelete