Sunday 30 December 2012

لوڪ ادب ۽ لسانيات جو پارکو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو










رضوان گل 

 

لوڪ ادب ۽ لسانيات جو پارکو

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

 

سنڌي ادب ۾ ڪيترائي عالم، اديب، دانشور ۽ محقق پنهنجي قلمي پورهئي سبب انتهائي مانائتي مقام تي پهتا، جن پنهنجي سموري زندگي علم و ادب جي ترقي ۽ ترويج لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهڙن  ئي مانائتن ۽ آدرشي انسانن ۾ سنڌي لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان اڻ وسرندڙ خدمتون سرانجام ڏيندڙ معتبر نالو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو پڻ آهي. 6 اپريل 1919ع تي ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ محراب خان سنديلو ۾ سندس جنم ٿيو. بنيادي تعليم کان پوءِ بي اي (آنرز) ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس 1957 ۾ پاس ڪيائين. روزگار جي شروعات 1947 ۾ تعليم کاتي ۾ استاد طور ڪيائين. 1954 ۾ سنڌي ادب جي ليڪچرار طور سندس تقرري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٿي. 74-1973 دؤران گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۾ پرنسپال طور مقرر ٿيو. تحقيقي ڪم ڪرڻ جي عادت هئڻ سبب هن سنڌي لوڪ ادب جي موضوع تي علامه غلام مصطفى قاسمي جي رهبريءَ ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ جي عنوان تحت تمام ڀرپور ۽ پُر مغز مقالو لکي، 1986 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي پاران اها ٿيسز ڪتابي صورت ۾ پڻ شايع ڪئي وئي.
سن 1951 ۾ هڪ ناياب ڪتاب ”وينجھار“ لکيائين، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب جي حوالي سان هڪ شاهڪار جي حيثيت رکندڙ آهي. ان دؤر ۾ حڪومت پاران ان ڪتاب تي کيس انعام پڻ مليو. ان ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا پڌرا ٿيا آهن ۽ اڄ تائين ”وينجھار“ لوڪ ادب تي هڪ اهم دستاويز آهي. سنڌي ادبي بورڊ پاران سندس ڪتابن مان 1956ع ۾ ”سامي ڌاتو ڪوش“، ”سنڌ جو سينگار“ ۽ 1955 ۾ ”لغات“ جو پنجون ڇاپو شايع ڪرايو ويو. ڊاڪٽر سنديلو ٻاهرين اديبن سان خط و ڪتابت ڪرڻ ۾ اڳڀرو هو جنهنڪري وٽس ٻين ٻولين جي ادبي ڪتابن جو پڻ ذخيرو موجود هوندو هو. سندس ذاتي لائبريري نه فقط لاڙڪاڻي پر سنڌ جي نهايت اهم ۽ ڪارائتين لائبريرين ۾ شامل هئي، جنهن ۾ قلمي نسخن کان سواءِ ڪيترين ئي ٻين ٻولين جا ڪتاب پڻ موجود هئا. اها لائبريري اڄ تائين قائم آهي سنديلي صاحب جي فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلي ان کي بهتر انداز سان محفوظ پڻ رکيو آهي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي لوڪ شاعرن جي ڪلام کي ترتيب ڏئي مختلف ڪتاب پڻ سهيڙيا. جن ۾ ”ساميءَ جون سپون“، ”ڪليات حسين ديدڙ“ ۽ ”ڪليات شاھ محمد ديدڙ“ وغيره شامل آهن. اهڙيءَ ريت لوڪ ادب جي حوالي سان سندس لکيل ڪتاب وينجھار، سنڌ جو سينگار، ڏهس نامو، رهبر ديوان گل، انگي اصول، ابتدائي اصول ۽ ابتدائي سائنس پڻ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن ۽ سنڌي ادب ۾ ريفرنس بڪ جي حيثيت رکندڙ آهن.
لغات جي شعبي ۾ ڊاڪٽر صاحب جون ڪيل خدمتون ڪنهن به ريت فراموش ڪرڻ جهڙيون نه آهن. کيس سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ فارسي، سنسڪرت، هندي، گجراتي، اردو ۽ انگريزي جي پڻ ڪافي ڄاڻ هئي. جامع سنڌي لغات جي تحقيقي ڪم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان هڪ سال تائين ريسرچ اسسٽنٽ طور پڻ ڪم ڪيائين. سچل يادگار ڪاميٽي خيرپور پاران ڇپايل ”سچل لغات“ تي کيس گولڊ ميڊل پيش ڪيو ويو. ادبي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان پاران کيس ”ستاره امتياز“ سان پڻ نوازيو ويو. پاڻ ادب جي ٻين مختلف موضوعن تي ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون تحرير ڪيائين، سندس ڇپيل ڪتاب ”ڏهس نامي“ کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران پهريون نمبر انعام ڏنو ويو.
تحقيقي ڪم فقط ڪتب خاني ۾ ويهي ڪتابن جي ورق گردانيءَ تائين محدود ناهي هوندو، ان لاءِ جھر جھنگ به جھاڳڻا پون ٿا ۽ انهيءَ حوالي سان لوڪ ادب بابت مواد جي ميڙي چونڊي لاءِ ڊاڪٽر سنديلو سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سگھڙن سان وڃي مليو ۽ نج پج سنڌي لوڪ ادب جي صنفن سينگار، ڏهس، مداحون، پرولي، هنر، ڏور، مولود، لوڪ آکاڻي ۽ لوڪ گيت بابت تمام گھڻو بنيادي مواد حاصل ڪيو، جن تي بعد ۾ تفصيلي طور تحقيقي ڪتاب ۽ مقالا لکيا.
ڊاڪٽر سنديلي جي شخصيت جو لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ کان علاوه هڪ تمام اهم حوالو قابل استاد، تعليمي ماهر ۽ بهترين منتظم وارو پڻ آهي. سندس نوڪريءَ جو تمام گھڻو عرصو ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ گذريو، جنهنڪري 1964 کان وٺي 1979 تائين مسلسل تعلق درس و تدريس سان رهيو ۽ هزارين شاگردن سنديلي صاحب جي قابليت مان فيض حاصل ڪيو. نه فقط لاڙڪاڻي، پر سموري سنڌ ۾ سندس سڃاڻپ هڪ اديب ۽ محقق کان علاوه قابل استاد طور پڻ هئي، جنهنڪري سڄي سنڌ ۾ کيس هڪ برک استاد واري عزت ۽ احترام پڻ ملندو رهيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي تقريباً 25 ناياب ڪتاب ۽ مختلف ادبي موضوعات تي ڪيترائي بي بها مقالا ۽ مضمون پڻ لکيا، جن جي سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت آهي.
5 اپريل 1979 تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان بحيثيت پرنسپال رٽائرمينٽ وٺي پنهنجي ادبي پورهئي سان لاڳاپيل رهيو. پاڻ 2 جنوري 1990 تي وفات ڪري ويو، جنهنڪري سنڌي ادب کي ڪاپاري ڌڪ رسيو ۽ لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪنهن اداري کان به مٿاهون ۽ وڌيڪ ڪم ڪري ادب کي مالامال ڪندڙ هي شخص اسان کان وڇڙي ويو، پر سندس ڪم کي هميشه ياد رکيو ويندو.

No comments:

Post a Comment