Sunday 30 December 2012

بيباڪ ۽ انقلابي ليکڪ ڊاڪٽر نجم عباسي







رضوان گل


بيباڪ ۽ انقلابي ليکڪ

 

ڊاڪٽر نجم عباسي

 

 


ڪهاڻي ادب جي اهڙي وسيع صنف آهي جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي داخلي ۽ خارجي احساسن کي دل کولي اظهاري سگهي ٿو. سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن تيز ۽ ترش انداز ۾ لکي پڙهندڙن تي پنهنجي لکڻين جو اثر ڇڏيو آهي پر انهن ڪهاڻيڪارن ۽ ناول نگارن جن پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي انقلابي انداز ۾ پنهنجي لکڻين ذريعي سجاڳ ڪيو، تن ۾ نجم عباسيءَ جو نالو انتهائي معتبر ۽ محترم آهي.
ڊاڪٽر نجم عباسي ولد الهندو خان عباسي سنڌ جي تاريخي شهر خان واهڻ ضلعي نوشهروفيروز ۾ 18 آڪٽوبر 1927 تي جنم ورتو. سندس والد درس و تدريس جي شعبي سان واڳيل هو. شروعاتي تعليم هن پنهنجي والد کان به حاصل ڪئي، جنهن بعد انگريزي تعليم خان واهڻ جي ڀرسان واري ڳوٺ تنيا بقا شاهه ۽ پوءِ نواب شاهه جي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول مان ورتي. 1946 ۾ مئٽرڪ جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪرڻ بعد سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ سن 1948 ۾انٽر جو امتحان ڪاميابي سان پاس ڪري ميڊيڪل ۾ چونڊجي ويو. 1953 ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري وٺڻ بعد ترت ئي کيس سرڪاري ملازمت ملي وئي. 1958 تائين سنڌ جي مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ نوڪري ڪيائين، پر اها نوڪري سندس طبعيت ۽ مزاج کي گهڻو وقت نه آئڙي جو هن ان نوڪريءَ کي بارُ محسوس ڪندي آخرڪار ان کي خيرباد چيو ۽ گاڏي کاتي ۾ پنهنجي ذاتي ڪلينڪ هلائڻ شروع ڪئي، جيڪا آخري وقت تائين خدمتِ خلق واري جذبي تحت هلائيندو رهيو.
نجم عباسي جي اندر ۾ ٻين لاءِ هڪ درد رکندڙ دل هئي جيڪا هر وقت ڪجهه نه ڪجهه چڱو ڪرڻ جي جستجو ۾ رڌل رهي، جڏهن هو اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙهندو هو ته اهو دَور آزاديءَ واري تحريڪ جو اهم ترين دور هو جنهنڪري ان وقت ڪيترين ئي تحريڪن به جنم ورتو. آل انڊيا مسلم ليگ جي هڪ ذيلي شاخ مسلم نيشنل گارڊ جنهن ان وقت آزاديءَ جي جدوجهد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو، انهيءَ جي شاخ جو بنياد ڳوٺ خان واهڻ ۾ 1946 ڌارا پهريون ڀيرو نجم عباسيءَ ئي وڌو، جڏهن آزاديءَ جا جشن ملهايا ويا ته ان وقت نجم عباسيءَ هڪ يادگار ترانو به لکيو هو.
نجم عباسي کي ادب دوست استادن جي صحبت اسڪول واري زماني کان ملي. سندس استاد مخدوم امير احمد پنهنجي دور جو عالم ۽ اديب هو، جنهن بزمِ ادب نالي تنظيم قائم ڪري علم ادب ۽ شاعري جي حوالي سان ننڍا وڏا پروگرام منعقد ڪرايا، جن ۾ نجم عباسي ان وقت ڀرپور حصو ورتو. هن پنهنجي ادبي سفر جي شروعات به انهن ادبي ميڙاڪن کان ئي ڪئي ۽ شروعات ۾ شاعريءَ کي اظهار جو ذريعو بڻائي لکندو رهيو. پهريون ڀيرو ان ئي بزمِ ادب ۾ 1941 ڌاري پهريون شعر پڙهيائين. سندس شاعري شروعات کان ئي غير روايتي رهي. هن گل و بلبل جا قصا ڪُٽڻ بجاءِ قومي ۽ اصلاحي نوعيت واري شاعريءَ کي ترجيح ڏني. پاڻ 1944 کان 1946 تائين بزمِ ادب جو سيڪريٽري پڻ رهيو.
نجم عباسي کي گهر ۾ ئي علمي ادبي ماحول مليو. سندس والد جا گڏ ڪيل ڪتاب جڏهن هن پڙهڻ شروع ڪيا ته سڀ کان پهريون کيس مشهور عالم اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي لکڻين ڏاڍو متاثر ڪيو. خاص طور تي انقلابي حوالي سان لکيل سندس مضمونن کيس نثر لکڻ ڏانهن راغب ڪيو. هن زندگيءَ جي پهرئين ڪهاڻي ”همت ۽ ڪوشش“ 1944 ۾ لکي جيڪا 1947 ۾ ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿي. ان وقت رسالي جو ايڊيٽر لالچند امر ڏنو هو جنهن سندس همت افزائي ڪندي سندس ٻي ڪهاڻي ”کنڊ جي چوري“ (آڪٽوبر ڊسمبر) 1947 واري پرچي ۾ شايع ڪئي ۽ ائين سنڌي ساهت دنيا ۾ نجم عباسي پنهنجي خاص اسلوب سبب مشهور ٿيڻ لڳو.
نجم عباسيءَ پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع سنڌي سماج کان ٻاهر نه کنيا. هن اڪثر انهن حقيقتن کي ڪهاڻين جو روپ ڏنو جيڪي سندس ئي ارد گرد ٿيندڙ واقعا ۽ حادثا ٿيا. سندس ڪهاڻين ۾ پيڙا جو پڙلاءُ به آهي، لڱ ڪانڊاريندڙ سانحا به، جن کي پڙهندي روح تڙپي پوي ٿو، اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا. حقيقت ۾ اهو ڪنهن به ليکڪ جي قلم جو وڏو ڪمال هجي ٿو ته سندس لکيل لفظ پڙهندڙ جي دل تي ان حد تائين اثر انداز ٿين جو نيڻ ڀِڄي پون! نجم عباسي ڪهاڻين، ناول ۽ آتم ڪٿائن جي حوالي سان ٽيهارو کن ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيا آهن، جن مان هڪ به ڪتاب هن پاڻ ناهي ڇپرايو. سندس هڙئي ڪتاب پبلشرس کانئس وٺي ڇپرايا جن مان ڪجهه ڪتابن جا چئن کان پنج ڇاپا به آيا. ان مان نجم عباسي کي پڙهندڙن ۽ ساڻس پيار ڪندڙن جو اندازو بخوبي ڪري سگهجي ٿو.
نجم عباسيءَ ڳالهين کي ڍَڪي ۽ لِڪائي پيش ڪرڻ بجاءِ انهن کي سڌيءَ ريت بيان ڪيو. اها هن جي کرائپ ۽ بهادري هئي جو هن ڪنهن جي به پرواهه نه ڪئي. خاڪي جوئي سندس ڪتاب ”سوچون هڪ سچار جون“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي، ”ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌ جي آجپي ۽ آزاديءَ لاءِ اهو ئي ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو روس جي سوشلسٽ انقلاب لاءِ ٽالسٽاءِ، مئڪسم گورڪي، دوستو فسڪيءَ، گوگول ۽ چيخوف جو آهي. جهڙي طرح مٿين اديبن جي ڪهاڻين ۽ ناولن روسي انقلاب لاءِ عوام جي ذهني تربيت ڪئي هئي، تهڙيءَ طرح نجم عباسيءَ جي لکڻين سنڌ جي آزادي ۽ انقلاب لاءِ سنڌي عوام جي ذهني ۽ روحاني سکيا ڪئي آهي. سندس لکڻين ماڻهن کي انقلابي ۽ عوامي ادب پڙهڻ تي هيرايو. ڪيترن ئي اديبن ۽ ليکڪن کي سندس ڪهاڻين تي اعتراض آهي ته انهن ۾ فڪر ۽ فن جي گهرائي ڪانه آهي، پر آءٌ ان ڳالهه جي ترديد ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ جو هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ جنهن فڪر کي عوام تائين پهچائڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجن پڙهندڙن کي جيڪو مقصد ڏيڻ چاهي ٿو، هو انهيءَ ۾ ڪامياب ويو آهي، اهو هن جو پنهنجو هڪ مخصوص ۽ نرالو انداز آهي جيڪو روايتي ڪهاڻيءَ جي فني انداز کان مختلف آهي“.
نظرياتي حوالي سان نجم عباسي حياتيءَ جي آخري ڏينهن تائين سوشلسٽ رهيو. هو سرمائيدارن، سردارن ۽ وڏيرن جي ظلم خلاف لکندو رهيو ۽ اها ئي سندس ڪهاڻين ۽ ناولن اندر هڪ مستقل مزاجي هئي جو هن هر لکڻيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مسئلن تي لکيو. سندس هر لکڻي انياءَ، ظلم ۽ درد جو هڪ داستان آهي، ان حوالي سان نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين جي موضوعن تي پڻ هڪ الڳ مضمون لکي سگهجي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”طوفان جي تمنا“ ڪهاڻيون، ”پٿر تي ليڪو“ ڪهاڻيون، ”ڳاڙهو لالٽين“ ترجمو، ”جيڪي منهنجي من ۾ آهي“ ڪهاڻيون، ” ناچڻي“ ڪهاڻيون، ايڏو سور سهي“ آتم ڪهاڻي،مضمون، ”رشتا ناتا“ ڪهاڻيون، ”اڪيلا نه آهيون“ ترجمو، ”سورج هوندي مرجهايل“ ڪهاڻيون، ”للڪار“ ڪهاڻيون، ”پهاڙن ۾پڪار“ ترجمو، ”پيار ڪهاڻي“ ناول، ”بلنديون“ ناول، ”پروفيسر“ ڪهاڻيون، ”دارون هن ديواني جو“ ڪهاڻيون، ”ڪهاڻيءَ جو قافلو“ ڪهاڻيون ۽ تنقيد، ”گانڌي“ ترجمو، ”تصوف جي چير ڦاڙ“مضمون، ”تلاش“ ناول،”زلزلو“ ترجمو، ”ماسترياڻي“ ترجمو، ”دوکو“ ڪهاڻيون، ”مٿي سنڌ سڪار“ ڪهاڻيون، ”لينن جي انقلابي ڪهاڻي“ ترجمو، ”منهنجون بهترين ڪهاڻيون“ ڪهاڻيون، ”پاڻ ۾ويٺا آهيون“ ڪهاڻيون ۽ ڪالم، ”اوچا ڳاٽ پهاڙن جا“ ڪهاڻيون ۽ انٽرويو ۽”جبل مٿي باهڙي“ خط شامل آهن.
سن 1989 ۾ مٿانئس فالج جو حملو ٿيو ته اسپتال بند ڪري گهرُ وسايائين. ڇهن سالن تائين مرض سان جنگ جوٽيائين ۽ آخرڪار 68 سالن جي عمر ۾ 25 آڪٽوبر 1995 تي لاڏاڻو ڪيائين. سنڌ ڌرتيءَ جي هن انقلابي اديب پنهنجي سموري حياتي ناحق جي پٽڪا ڊاهه ڪئي، بلڪل استاد بخاريءَ جي هنن سٽن مصداق:
اسان  آهيون  سادا ، چئو ٿا، مڃون ٿا،
مگر حق   ۽   ناحق  سڃاڻي  وٺون ٿا.
حقيقت جي قدمن کي نوڙي چُمون ٿا،
۽ ناحق  جي پڳڙي  لتاڙي  وجهون ٿا.

No comments:

Post a Comment