Sunday 30 December 2012

برک ڪهاڻيڪار ۽ شاعر انيس انصاري








رضوان گل


برک ڪهاڻيڪار ۽ شاعر

 

انيس انصاري

 

 


اديب سماج جو انتهائي ذميوار فرد هوندو آهي، هو پنهنجي فڪر جي آڌار پنهنجي اظهار جي ذريعي جو تعيّن به پاڻ ئي ڪري ٿو ته وري مقصد ۽ نتيجا به پاڻ ئي ڳولي لهي ٿو. هو پنهنجي لکڻين ۽ سوچن ۾ مڪمل طرح خود مختيار آهي. ادب جي هر صنف جو پنهنجو رس، چس ۽ رچاءُ آهي پر ڪهاڻيءَ ۾ جنهن طرح سماجي سور ۽ ناسور جي ڳالهه ٿئي ٿي سا شاعريءَ ۾ به ڪرڻ محال آهي. ڪهاڻي ادب جي انتهائي ڪهني صنف آهي، حقيقت ۾ ڪهاڻي خود انساني تاريخ جيتري ئي پراڻي آهي.
اديب جو فرض صحتمند سوچ خوبصورت لفظن جي مالهائن ۾ پوئي پيش ڪرڻ آهي. هر قلمڪار جي لکڻي پُر اثر ۽ معنى خيز ثابت ٿيڻ ضروري نه آهي، جيستائين ان ۾ داخليت يعنى مَن اندر جي ولوڙ شامل نه آهي. علم ۽ قلم جو سفر ته روان آهي پر انهيءَ سفر ۾ ڪي پانڌيئڙا اهڙا به هوندا آهن جيڪي سماج تي پنهنجي پورهئي ۽ انسان دوست رويّن جي ڇاپ صدين تائين ڇڏي وڃن ٿا، اهڙن ئي انتهائي شفيق، سٻاجهڙن ۽ مهان انسانن مان انيس انصاري به هڪ هو.
الله بخش انيس انصاري 26 جولاءِ 1923 تي لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو. 1956 ۾ قلم ڌڻين جي قافلي ۾ شامل ٿي لکڻ جي ڪرت سان سلهاڙجي ويو. سندس لکيل پهرئين ڪهاڻي ”رنڊي“ هئي. نوڪري جي تمام گهڻين مصروفيتن باوجود لکڻ پڙهڻ سان به ناتو نڀائيندو رهيو. ڪڏهن ڪهاڻي، ڪڏهن شاعري، ڪڏهن ڊائري ته ڪڏهن مضمون يا تحقيقي مقالي جي صورت ۾. سندس مطابق: ”جنهن عمر ۾ ماڻهو قلم رکندا آهن (ادبي تخليق جي حوالي سان) مان ان عمر ۾ قلم کنيو، اها عمر هئي جڏهن سرڪار ڪم ڪندڙ کي جسماني ۽ ذهني طرح بيڪار سمجهي پينشن تي اماڻيندي آهي.“
سائين انيس انصاري صاحب ڪيتريون ئي يادگار ڪهاڻيون سرجيون جن جا اڪثر موضوع روزاني زندگيءَ جي ننڍن وڏن مسئلن جي عڪاسي کان علاوه انساني نفسيات ۽ ٻين دل ڇهندڙ مختلف موضوعن تي مشتمل آهن. سندس شاهڪار ڪهاڻين ۾ ”ٽپڪو“، ”اڃا نه اڃا نه“، ”پينشنر“، ”مٽي“ ۽ ”ويراني“ شامل آهن، جن مان ڪهاڻي ”پينشنر“ تي 1988 ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران کيس ايوارڊ ارپيو ويو. ڪهاڻي ”اڃا نه اڃا نه“ کي 1989 ۾ سنڌ سياحت ۽ ثقافت کاتي پاران سال جي بهترين ڪهاڻي طور جمال ابڙو ايوراڊ ڏنو ويو. هن وٽ ڪهاڻي لکڻ جو خاص ڏانءُ آهي، لفظن جي جوڙجڪ ماحول مطابق هئڻ کان علاوه ڪردارن جي چونڊ ۽ علاقائي لهجي واري ٻوليءَ جو استعمال ۽ باريڪ بينيءَ سان ٿيل مشاهدو، شهري توڙي ٻهراڙيءَ واري ماحول ۾ لکيل ڪهاڻين جي خاص خوبين منجهان آهي جنهنڪري سندس ڪهاڻين کي ڀرپور موٽ ملي.
انيس انصاري جون ڪهاڻيون يڪسانيت جو شڪار هرگز نه آهن، بلڪه انهن ۾ پلاٽ جي ويرائٽي کان علاوه ڪردارن جي نواڻ پڻ موجود آهي. هن مصنوعي ماحول ۽ جملن جي ڀرمار بجاءِ مقصديت تي فوڪس ڪيو آهي. منٽو جيان انيس انصاري پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب ”انيس جا افسانا“ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته ”منهنجي ڪهاڻيءَ ۾ نه زوردار ڊائلاگ آهن، نه ڀرپور فلاسافي، هڪ عام ذهني سوچ جي پيداوار آهن منهنجون ڪهاڻيون!“ هن جي ڪهاڻين جو تعداد لڳ ڀڳ سٺ جي قريب آهي، سندس ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ”انيس جا افسانا“ پڻ ڇپيل آهي.
انيس انصاري جي شخصيت گهڻ پاسائين هئي، هو فقط ڪهاڻيڪار ئي نه، پر خوبصورت شاعر، مضمون نويس، منتظم ۽ جاگرافي، جيالاجي ۽ آرڪيالاجي جي علمن کان علاوه دنيا جي تاريخ جو ڄاڻو پڻ هو، ۽ اهڙي جهلڪ سندس ڪهاڻين ۾ پڻ موجود آهي. ”چانڊوڪيءَ جو زهر“ ۾ راڪس، منرلس ۽ فاسلس وغيره جو تفصيلي ۽ سائنسي انداز ۾ بيان، ”وڏي حويلي“ ۾ سير و تفريح ۽ شڪار جو ذڪر وغيره. سندس اهم لکڻين ۾ ”آتم ڪٿا ۽ روزاني ڊائري“ پڻ شامل آهن، جيڪي هڪ دور جي تاريخ جي حوالي سان به اهميت رکندڙ آهن پر اڃا تائين ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌريون ٿي ناهن سگهيون.
انيس انصاري کي سير و تفريح کان علاوه شڪار ۽ فوٽوگرافيءَ سان پڻ تمام گهڻي دلچسپي هئي، پاڻ مختلف ٻوليون پڻ ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندو هو جن ۾ انگريزي، اردو، فارسي، گرمکي ۽ هندي وغيره شامل آهن. انيس انصاري مختلف وقتن تي مختلف سماجي ۽ ادبي تنظيمن جو عهديدار پڻ رهيو، جن ۾ جميعت الشعراء، ڪاليج يونين، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي وغيره شامل آهن. پاڻ جن به مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيائين سو سندس اولاد مان هر هڪ پنهنجي لاءِ پڻ منتخب ڪيو. اشتياق انصاريءَ جي سڃاڻپ جو اهم حوالو محقق ۽ آرڪيالاجسٽ وارو آهي. اخلاق انصاري سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي ۽ ڊاڪٽر اسحاق انصاري ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. انصاري خاندان سنڌ جي انهن چند خاندانن منجهان هڪ آهي جن جا تمام گهڻا فرد ليکڪ آهن، جنهن جو بنيادي سبب انيس انصاري جي تربيت ئي آهي. هو شخص انا جي خول کان آجو هيو. سموري حياتي سادگيءَ ۾ گذاريائين پر پنهنجي طَي شده اصولن تي ڪمپرومائيز نه ڪيائين. کل مُک ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ اهڙا شخص سچ ته صدين ۾ ئي پيدا ٿيندا آهن.
انيس انصاري 6 مارچ سن 2000 ۾ اسان کان موڪلائي ويو.

No comments:

Post a Comment