Monday 31 December 2012

ڏاڍو ساريندين، منهنجي مُئي کان پوءِ تون مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيو




رضوان گل

ڏاڍو ساريندين، منهنجي مُئي کان پوءِ تون

 

مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيو

 

 


شاعرن جي به پنهنجي الڳ ۽ انوکي دنيا ٿئي ٿي، اها دنيا خوبصورت وادين، شفاف آبشارن، برفاني پهاڙن، ٽڙندڙ گلابن ۽ ڌرتيءَ جي سارن سونهن نظارن کان وٺي محبوبن جي زلفن ۽ نيڻن تائين پنهنجي اندر وڏي وشالتا رکي ٿي، شاعرن جي ان دنيا ۾ اسان کي سماج اندر مثبت تبديلين جا خواب پڻ نظر ايندا آهن... حقيقت اها آهي ته شاعر پنهنجي دور جي منظوم تاريخ لکندا آهن، هو محبتن جا پوڄاري ۽ ڌرتيءَ جا محافظ هوندا آهن، شاعرن جي اندر ۾ خيالن جو ڇوهو سمنڊ موجود هوندو آهي ... سنڌي سماج ۾ به شاعرن پنهنجي شاعري وسيلي جيڪو جذبو ۽ جاڳرتا پئدا ڪئي آهي سو ڪنهن به ريت نظر انداز ڪرڻ جهڙو نه آهي. بلڪه قدر جي نگاھ سان ڏسڻ جهڙو آهي. شيخ اياز کان ويندي ابراهيم منشي ،راشد مورائي، انور پيرزادي، حليم باغي ۽ ان کانپوءِ ڪيترن ئي شاعرن مزاحمتي شاعري ذريعي جنهن بي ڊپائيءَ سان پنهنجو آواز بلند ڪيو تن ۾ سريلو، سيبتو، محبتي، ملنسار ۽ گهڻ ڳڻو ڪوي شهيد زخمي چانڊيو به شامل آهي، جنهن پنهنجو آواز شاعريءَ ذريعي بيباڪيءَ سان وڏي واڪي ايوانن تائين پهچايو ۽ سموري حياتي انهن ئي مظلوم ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي جن کي هر دور ۾ ٿڏيو ۽ لتاڙيو ويو آهي.
غريبن ۽ هيڻن جو ڪهڙو گذر آ
رهڻ لاءِ ڪانن ڪکن جو ڇپر آ
زخمي چانڊيو جو اصل نالو ڄام خان هو جنهن جو جنم مزدورن جي عالمي ڏينهن1 مئي تي سن 1961 ۾ شهر ڊکڻ ۾ ٿيو، تعليمي سفر پرائمري کان ويندي ايم. اي تائين جاري رهڻ بعد کيس تعليم کاتي ۾ استاد طور نوڪري ملي، بعد ۾ هو ڳوٺ جواب پور مان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ مڪمل طور رهائش پذير ٿيو، ان دوران پاڻ تعليم کاتي ۾ انتظامي عهدن تي پڻ رهيو، هاءِ اسڪول ٽيچر جي حيثيت ۾ پاڻ شيخ زيد هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ به درس و تدريس واري پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل رهيو. کيس 6 پٽ ۽ 6 نياڻين جو اولاد آهي، پاڻ سنڌي ادبي سنگت کان علاوه ٻين ڪيترن ئي سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان مختلف حيثيتن ۾ واڳيل رهيو، مزاحمتي شاعري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي هن ارڏي ۽ برجستي شاعر کي جيل به وڃڻو پيو پر سندس حوصلن ۾ ترَ برابر به ڪمي نه آئي ڇالاءِ ته سندس نيڻن ۾ سنڌ جي خوشحالي جا خواب هئا ۽ جن وٽ پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ جي تقدير بدلائڻ جا اٽل ارادا ۽ جرئتون هونديون آهن اهي ڪڏهن به جهڪندا ناهن بلڪه هو ته شاهه سائين جي هن سٽ وانگر اڳي کان به اڳرا ٿي پوندا آهن ته : ”آڏو ٽڪرَ ٽَرُ متان روهه رتيون ٿئين“.
سچ چوڻ زخمي جي فطرت ۾ شامل هو، ڪيترائي دوست ان ڳالهه تي کانئس چڙي به ويندا هئا جو سندس انداز کرائپ وارو هو، مونسان شهيد زخمي جي ادبي ميڙاڪن کان علاوه اڪثر شيخ زيد ڪالوني واري چوڪ تي موجود هوٽل تي ملاقات ٿيندي هئي، جو اُتي منهنجي پنهنجي ذاتي دوستن سان هر جمعي تي ڪچهري لڳندي هئي، ۽ هو به اڪثر اتي نظر ايندو هيو. پاڻ پري کان ڏسي مون ڏانهن وڌي ايندو هو، قربَ مان وڏو ڀاڪر پائي ملندو هو تن ڏينهن ۾ کيس سوزوڪي موٽر سائيڪل هوندي هئي جنهن تي آڏو ”انساني حق“ لکيل هوندو هو، اسان سان پنج ڏهه منٽن لاءِ ضرور ويهندو هو، بابا ۽ احسان جو حال احوال پڇڻ بعد منهنجي ڏاڍي همت افزائي به ڪندو هو جو تَن ڏينهن ۾ آنءُ روزاني ”عوامي آواز“ ۾ ڪالم ۽ روزاني ”جاڳو“ ۾ ڪالم ڪهاڻيون لکندو هوس.... زخمي جي ان همت افزائي واري انداز مان مونکي ڏاڍو اُتساهه ملندو هو.
سچل ادبي مرڪز تي هڪ مشاعري ۾ جنهن جي صدارت عبدالغفار تبسم ڪئي هئي ۽ زخمي چانڊيو مهمانِ خاص هو، ٽيپو سلطان جو مشهور قول ورجائيندي پنهنجي خطاب ۾ چيو هئائين ته مان هميشه گدڙ جي سئو سالن واري زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن واري زندگيءَ کي ترجيح ڏني آهي، مون پنهنجي سڄي حياتي حق لاءِ وڙهندي گذاري آهي اڄ به مان سنڌ جي دشمن جو دشمن آهيان، اهو پير هجي وڏيرو هجي يا ڪو مير هجي.. مون کي اڄ به ياد آهي اتي زخمي هي شعر پڙهيو هيو:
دغاباز پيرن جي پيري کُلي پئي
وڏيرن جي ڀائو اميري کُلي پئي
فقيرن جي ڦند جي فقيري کُلي پئي
ڏسيان ڳالهه تن جي ته ڪهڙي گندي آ
ڇو سمجهين نه ٿو ايڪويهين صدي آ
چڱا سال اڳ ڪاليج ۾ جڏهن الوداعي پارٽي جو پروگرام ترتيب ڏنو ته ان پروگرام جي ڪمپيئرنگ لاءِ هڪ معصوم چهري وارو سنجيده ۽ خاموش طبع نوجوان اڳتي آيو، جنهن پنهنجي ڌيمي لهجي ۾ ان پروگرام جي ڪاروائي هلائڻ جي لاءِ چيو، ان نوجوان منهنجي اميدن کان گهڻو بهتر انداز ۾ پرفارم ڪيو، شاعري جي چونڊ کان وٺي جملن جي ادئگي تائين هن سڄي پروگرام جي ڪارروائي ڏاڍي اعتماد سان هلائي. مونکي ان نوجوان پنهنجي صلاحيتن ذريعي ڪافي متاثر ڪيو، جڏهن مون کانئس معلوم ڪيو ته هو ڪير آهي ته چيائين آءٌ زخمي چانڊئي جو فرزند آهيان... ۽ اهو خالد چانڊيو هيو، جنهن تن ڏينهن کان اڄ تائين ڪاميابي جي رند تي هميشه اڳتي پنڌ ڪيو آهي.... ۽ اڄ به انهيءَ دڳ تي هلي ٿو جيڪو سندس والد جو ڏسيل آهي، سچائي ۽ ماڻهپي جو دڳ. خالد ۽ ساجد ۾ محبت سان ملڻ ۽ خلوص ڏيڻ واريون خوبيون سندن والد جي تربيت جو ئي نتيجو آهن. اها مون لاءِ ٻٽي خوشي آهي جو خالد منهنجو سٺو دوست آهي جيڪو نه صرف سيبتو شاعر پر ناميارو براڊڪاسٽر پڻ آهي.
شهيد زخمي چانڊيي هڪ شاعر جي حيثيت ۾ جيڪي انقلاب ۽ سجاڳيءَ لاءِ سٽون سرجيون سي سچ ته هڪ دور جي تاريخ آهن ، سندس شاعري سرمد سنڌيءَ کان ويندي شمن ميراليءَ تائين جن به فنڪارن ڳاتي سا عام ماڻهن ۾ تمام گهڻي مقبول ٿي، ڇا ڪاڻ ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ عام ماڻهن جي جذبن ، اڌمن ۽ خواهشن جي ئي ڳالهه ڪئي آهي.
محبوب محبت کان وٿيرا نه گذاريو
ڪجهه خيال ڪيو خيال ڪيو ساهه سنواريو
ڇو انتظار واري صليبن تي ٽنگيو ٿا
ڪجهه مرڪ ڀري نظر کڻي هاڻ نهاريو
شاعر سماج جا حساس فرد هوندا آهن هو پنهنجي ارد گرد ٿيندڙ واقعن ۽ حادثن کي گهرائيءَ سان محسوس ڪندا آهن، عام ماڻهوءَ لاءِ جيڪي دل ڏاريندڙ واقعا معمول جو حصو بڻجي ٿا وڃن، سي هڪ شاعر لاءِ هر ڏينهن نئين درد ۽ تڪليف جو سبب بڻجن ٿا ڇا لاءِ ته شاعر انهن حالتن تي ڪو شعر سرجڻ وقت به ان ڪيفيت مان ئي گذري ٿو جيڪا تڪليف، ڪرب ۽ درد ڪنهن مظلوم کي محسوس ٿئي ٿو، شاعر انسانن کي امن، ڀائيچاري، پيار ۽ محبت سان رهڻ جو درس ڏين ٿا، تڏهن ئي ته زخمي چيو:
انسانن کي او انسان !
مار نه تون بيدرديءَ سان
تنهنجو ساٿ ازل جو آ
زخمي زخمي زخميءَ سان

No comments:

Post a Comment