Sunday 30 December 2012

جديد سنڌي شاعريءَ جو اهم حوالو ڊاڪٽر تنوير عباسي







رضوان گل


جديد سنڌي شاعريءَ جو اهم حوالو

ڊاڪٽر تنوير عباسي

 

 


سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مختلف شعبن ۾ هن ڌرتيءَ ڪيئي ڏاها ۽ ڏات ڌڻي ڄڻيا آهن. هن ڀونءِ جو چپو چپو سونهن، سينگار، سرت ۽ ساڃاھ سان مالا مال آهي. ادبي شعبي جو جائزو وٺبو ته سنڌي ادب ۽ خصوصاً جديد سنڌي ادب جي اوسر ۾ جن شخصيتن نهايت اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جو نالو نهايت ئي نمايان حيثيت جو حامل آهي.
سنڌي ادب کي دؤرن ۾  ورهائبو ته هوند ڪيئي دؤر جُڙي پوندا، پر فڪري حوالي سان بنيادي طور سنڌي ادب جا ٻه نمايان دؤر آهن. پهريون ڪلاسيڪي دؤر ۽ ٻيوجديد دؤر. ڪلاسيڪي دؤر ۾ اسان جي شاعرن ۽ بزرگن سنڌي ادب کي اهڙو بنياد فراهم ڪيو جنهن جي ٻَلَ تي جديد ادب جي بهتر ارتقا ۽ اوسر ٿي سگھي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسي جديد سنڌي ادب جي گھڻگھرن ليکڪن مان هڪ هيو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جو نالو سنڌ جي انهن ڳاڻ ڳڻين اديبن، شاعرن ۽ دانشورن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جن سنڌي ادب جي عمارت سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي ادبي ميدان ۾ گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، جو هو هڪ ئي وقت سهڻو شاعر ۽ بهترين نثر نگار هو. سندس فڪري ارتقا جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو سڀ کان پهريان هڪ شاعر جي روپ ۾ ادبي ميدان ۾ آيو ۽ شاعريءَ واري ڪاڪ محل ۾ پنهنجو وجود وڃايو. هن نثر کان وڌيڪ نظم کي چاھ جي نگاھ سان ڏٺو. اهڙو ئي اظهار هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ به ڪيو هو ته ”ننڍي هوندي ئي مون کي نثر کان وڌيڪ نظم سان لڳاءُ هو، جيڪي درسي ڪتاب هوندا هئا انهن ۾ مون کي نظم وڌيڪ وڻندا هئا پوءِ چاهي انگريزيءِ ۾ هجن چاهي سنڌيءَ ۾.“
تنوير عباسيءَ جي ڇٺيءَ جو نالو نور نبي ولد گل حسن آهي. سندس جنم 7 ڊسمبر 1934 ۾ ڳوٺ سوڀي ديري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو، ميٽرڪ اين.جي.وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، انٽر گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڊي.جي سنڌ ڪراچيءَ مان ڪيائين، جنهن کان پوءِ ايم بي.بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان 1960ع ۾ پاس ڪيائين.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جو پهريون شعر 1950 ۾ رسالي ”فنڪار“ حيدرآباد ۾ شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جي مجموعن ۾: ”رڳون ٿيون رباب“ 1958، ”شعر“ 1970، ”سج تريءَ هيٺيان“ 1977، ”هيءَ ڌرتي“ 1985، ”تنوير چئي“ 1989، ”ساجن سونهن سرت“ 1996 شامل آهن. سندس ڇپيل ٻين ڪتابن ۾، ’ٻاراڻا ٻول‘ 1973، ’جديد سنڌي شاعري‘ 1981، ’شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد پهريون 1976، ’شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد ٻيو 1985،’ شاهه لطيف جي شاعري‘ جلد ٽيون (جلد پهرئين ۽ ٻئي سان گڏ ڇپيل) 1989، ’نانڪ يوسف جو ڪلام‘ 1982، ’خير محمد هيسباڻي جو ڪلام‘ 1983، ’ڏوري ڏوري ڏيهه‘ 1984، ويٽنامي ناول جو ترجمو ’جي ماريا نه موت‘ 1973، سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور جي ڪتابي سلسلي’سرمست‘ جا 9 جُلد سهيڙيل 1980 کان 1989 ۽ مضمونن، خاڪن، يادگيرين، انٽرويو ۽ دبئي جي سفر نامي جو مجموعو’ترورا‘ 1988، شامل آهن. ان کان علاوه ادب ۽ سماج جي حوالي سان لکيل سندس سئو کان وڌيڪ مقالا مختلف تحقيقي جرنلس ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن.
تنوير عباسي  جي شاعريءَ جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته آغاز ۾ هن روايتي شاعريءَ کي اپنايو. اهو جميعت الشعراءَ جي عروج جو زمانو هو. سڄيءَ سنڌ تي شاعريءَ جي موسم لٿل هئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ مشاعرا ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون هيون، پر ان دؤر جي گھڻن شاعرن تي فارسي شاعريءَ جو رنگ چڙهيل هيو، جنهن ۾ فڪر کان وڌيڪ فن تي ڌيان ڏنو ويندو هو. تنوير عباسي انهيءَ سموري ماحول کان متاثر ٿيو ۽ جميعت الشعراء جي ان وقت جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم خليل کان باقاعده علم عروض جي سکيا پڻ ورتي. سندس اهڙي شاعري جيڪا وزن، بحر جي سخت پابند ۽ شعري صنعتن سان جھنجھ ۽ فارسي لفظن ۽ ترڪيبن سان ڀرپور نظر اچي ٿي، تنهن مان مثال طور چند شعر پيش آهن:
داغهائي دلِ ويران کي ڏسي رهنداسيـن،
ٿيندي گلزار بيابان کي ڏسي رهنداسين.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿين قسم جي شاعري سندس شعري مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ ۾ ملي ٿي. سندس اهڙي شاعريءَ جو دؤر 1950 کان 1958 تائين يعني فقط اٺن سالن تي محيط آهي، پر ساڳئي ئي دؤر ۾ ساڳئي مجموعي ۾ ”نئين مارئي“ جهڙا سندس شاهڪار نظم به شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ مطابق ”سندس نظم ’نئين مارئي‘ بلڪل هڪ نئين انداز ۽ موجوده دؤر جي ڪردار کي پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ اُمنگ آهي، جوش جذبو آهي، وٽس لڙڪ نه پر چڻنگون آهن، هو سڏڪا نه ٿي ڀري پر باھ ٿي لڳائي. هو محلن ۾ مجبور نه ٿي رهي پر زنجير ٽوڙي ٿي، هو مارن ڏي مدد لاءِ واجھائي نه ٿي پر پنهنجي مدد پاڻ ڪري ٿي، هو جُھڪي نه ٿي پر جھڪائي ٿي. اهوئي آدرشي ڪردار آهي تنوير وٽ ۽ اهڙن سورمن ۽ سورمين جي ضرورت آهي. جڏهن سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ عورتن حصو ورتو، هنن جيلن جون سختيون سهي روشن خيال فڪر جو سربلند ڪيو، ’نئين مارئي‘ بلڪل اهڙي امنگ ۽ اميد کي جاڳائڻ وارو نظم آهي.“
ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سندس ساٿي يورپ جي مشهور ادبي تحريڪ ”ترقي پسند تحريڪ“ کان متاثر ٿيا ۽ سندن فڪر ۾ واضح تبديلي آئي. هاڻي ادب ۾ حقيقت نگاري، جي ڳالھ ٿيڻ لڳي. هاڻي سندس شاعري گل و بلبل، ساغر و مينا، ساقي و ميڪده کان گھڻو ٻاهر نڪري آئي هئي. هن پنهنجي همعصر شاعر دوستن شيخ اياز، نارايڻ شيام، هري دلگير، عبدالڪريم گدائي ۽ نياز همايوني وغيره سان گڏجي شعوري طور سنڌي شاعريءَ ۾ اهي فڪري تبديليون آنديون جنهن ۾ جديد دؤر جي مدِ نظر سنڌي شاعريءَ ۾ ڌرتي، قوم ۽ عوام جي ڏکن کان وٺي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪرڻ جهڙا موضوع سمايل هئا. انهيءَ حوالي سان تنوير جون هي سٽون ڏسو:
سنڌڙي منهنجا سارا ڳوڙها تنهنجا آهن،
منهنجي جرئت منهنجي همت تولاءِ آهي.
منهنجي قوت منهنجي طاقت تو لاءِ آهي،
ٻانهن  ۾ جيڪو آ ٻَلُ سو تو لاءِ آهي.

هن سموري عرصي ۾ تنوير جي شاعريءَ ۾ بغاوت جي بلند نعرن جي گونج سان گڏ سندس لفظن ۾ همت ۽ حوصلي جا هٿيار به نظر اچن ٿا. هُو انهيءَ همت ۽ بهادريءَ جي ٻل تي انڌيري کي اجالي ۾ دٻجندي ڏسي ٿو ۽ سندس مايوسي اميد ۾ مٽجي وڃي ٿي:
هي ظلمتون ۽ هي اونڌاهين جا واچوڙا،
سدائين ڪين ڏيئن جون دليون ڏڪائيندا.
هي ذرا نور جا يعني هي چمڪندڙ تارا،
ملي جي هڪ ٿيا ته سج ڪو نئون اڀاريندا.

ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿئين قِسم جي شاعري سندس شعري مجموعن ”شعر“، ”هيءَ ڌرتي“ ۽ ”سجُ تِريءَ هيٺان“ ۾ شامل آهي. غلام محمد گرامي تنوير جي شاعريءَ تي ڏاڍي ڪارائتي راءِ ڏني هئي ته: ”تنوير عباسي پنهنجي فن ۽ شاعريءَ جي هرهڪ صنف کي حسين کان حسين بنائڻ جي لاءِ فني تجربا ڪيا آهن. انهيءَ کيس ادب ۾ وڏو مقام ڏنو آهي، ان لحاظ سان سنڌي ادب ۾ چوٽيءَ جي وڏن شاعرن ۾ کيس جڳھ ملي چُڪي آهي. محبت، باهمي اُخوت، انسانيتِ عامه جو شعور ۽ حُب الوطني سندس فن جا مکيه عناصر آهن.“
ڪتاب ”سج تريءَ هيٺان“ جي مهاڳ ۾ نامياري شاعر امداد حسيني لکيو آهي ته: ”تنوير پنهنجي لفظ لفظ سان کرو ۽ سچو آهي.“ تنوير عباسيءَ جي شاعري مقصديت واري شاعري آهي. هن پنهنجي سوچن کي خواھ مخواھ گُهٽيو نه آهي بلڪه هن کي جيڪا ڳالھ صحيح لڳي، کُلي عام چئي ڏنائين.“ امداد حسينيءَ جي انهيءَ راءِ جي شاهديءَ طور تنوير جا ڪيترائي نظم پيش ڪري سگھجن ٿا، جن ۾ فقط سچ جو پڙاڏو ٻُڌڻ ۾ ايندو. اهي نظم سندس روح جو آواز آهن. اهڙو آواز جنهن ۾ درد به آهي، صدا به آهي، تلخي به آهي ته بيباڪي به.
           تنوير عباسي شاعريءَ جي مڙني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي، جن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، بيت ۽ وائي وغيره شامل آهن. ان سان گڏ و گڏ سنڌي شاعريءَ ۾ جاپان جي مقبول صنف ”هائڪو“ کي سنڌي جو روپ ڏئي سنڌي ادب ۾ هڪ نئين صنف متعارف ڪرائي. مجموعي طور ڊاڪٽر تنوير جي شاعري اسان جي سماج جي ڏکن سُکن ۽ ڌرتيءَ جي ڀرپور نمائندگي ڪري ٿي. سندس شاعريءَ جي مطالعي بعد معاشري جو هر فرد ان ۾ پنهنجي پنهنجي احساسن جو اولڙو پسي ٿو جيڪا ڊاڪٽر جي شاعريءَ جي تمام وڏي خصوصيت آهي.
تنوير عباسي جي 25 نومبر 1999 تي اسلام آباد ۾ وفات ٿي، سنڌ ڌرتيءَ جو هي سپوت ڪوهين ڏور اسلام آباد ۾ مدفون آهي، پر جڏهن به جديد سنڌي ادب جو ذڪر ايندو ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو جديد سنڌي شاعرن جي صف ۾ نهايت ئي مانائتو ۽ معتبر ليکيو ويندو.

No comments:

Post a Comment