Monday 31 December 2012

محقق، نقاد، ڪهاڻيڪار ۽ ماهرِ لسانيات ڊاڪٽر محبت ٻرڙو








رضوان گل



محقق، نقاد، ڪهاڻيڪار ۽ ماهرِ لسانيات

 

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 

 


ڪنهن به انسان تي نالي جو مٿس ڪيترو اثر رهي ٿو، انهيءَ حوالي سان جيڪڏهن مختلف، اديبن، شاعرن، عالمن، مفڪرن، فلسفين ۽ دانشورن جي نالن کي سامهون رکي ٿورو غور ڪبو ته اها ڳالهه ڪافي حد تائين درست نظر ايندي، ته نالي جو انسان جي شخصيت مٿان اڪثر گهرو اثر رهي ٿو. انهيءَ حوالي سان ئي جڏهن مون سنڌ جي نامياري دانشور، محقق، صحافي، سماج سڌارڪ، ٻولي ماهر، سڄاڻ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي شخصيت جو مطالعو ڪيو ته هو مون کي بلڪل پنهنجي نالي جيان هڪ محبتي ڪردار نظر آيو، جنهن پنهنجي مختصر ڄمار ۾ مختلف شعبن ۾ تمام وڏو ۽ تاريخي نوعيت جو ڪم ڪيو.
ڊاڪٽر محبت علي ولد شوڪت علي ’شوق‘ ٻرڙو 25 مارچ 1952 تي قمبر شهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول قمبر، انٽر سائنس (پري ميڊيڪل) 1971 ۾ گورنيمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان 1979 ۾ پاس ڪئي. ڊاڪٽر جڏهن ڊگري ڪاليج ۾ پڙهندو هو ته هُو هر روز اتان مختلف موضوعن وارا ڪتاب پڙهڻ لاءِ جاري ڪرائي قمبر کڻي ويندو هو. ائين هن ڪيترن ئي علمي، ادبي، سائنسي ۽ سماجي موضوعن تي لکيل ڪتاب ڪاليج جي پڙهائي دؤران ئي پڙهي ورتا. ڊاڪٽر محبت ايم بي بي ايس ڪري ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان ڪمپلسري ملٽري سروس ڪئي، جنهن ۾ سندس تقرري گلگت، اسڪردو ۽ ڪوئٽا ۾ رهي. ڊاڪٽر جي مزاج ۽ ملٽري جي نوڪري ۾ گھڻو تزاد هو، جنهنڪري پاڻ ان عهدي تان استعفى ڏئي ڪراچيءَ ۾ اچي خانگي نوڪري ڪيائين. پر پوءِ جلد ئي پنهنجي ڳوٺ قمبر اچي پنهنجي ”لطيف ڪيلنڪ“ کولي. جتي هن غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت واري جذبي تحت ڪم ڪيو.
محبت ٻرڙو هڪ ذهين ۽ پڙهاڪو انسان هو. هن وٽ پڙهائي ڪرڻ جو پنهنجو مخصوص انداز هو، هو جيڪو به ڪتاب پڙهندو هو ان ۾ ڪم  جون نوٽ ڪرڻ واريون ڳالهيون انڊر لائين ڪندو ۽ انهن کي ذهن ۾ محفوظ ڪري دوستن سان ليڪچرس ۾ شيئر ڪندو هو. ڊاڪٽر ڄامشوري ۾ پڙهائي دؤران ڪيترن ئي اديبن سان ڪچهريون ڪيون. اتي ئي کيس لکڻ جو شوق به پيدا ٿيو. 1974 ڌاري هن باضابطا لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس ڪهاڻيون ۽ مضمون ”شاگرد“، ”انجيڪشن“ ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي مخزن ۾ شايع ٿيا. ڊاڪٽر محبت جي پهرئين ڪهاڻي ”ڊاڪٽر“ هئي جيڪا به ميڊيڪل ڪاليج جي ”لياقت“ مئگزين ۾ 1974 ۾ شايع ٿي. اتان سندس ادبي زندگيءَ جو آغاز ٿيو ۽ هن ڪهاڻيون، مضمون، ترجما ۽ ٻيون مختلف لکڻيون رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپرائڻ شروع ڪيون.
ڊاڪٽر محبت ”سنڌي شاگرد پبليڪيشن“ جو ايڊيٽر رهيو ۽ 1978 ۾ ”ڏاهپ ڪتاب گھر قمبر“ جي نالي سان پبلشنگ ادارو شروع ڪيائين. ”گلن جھڙا ٻارڙا سنگت قمبر“ جو 1976 ۾ سرپرست رهيو. ڊاڪٽر جي سياسي وابستگي سنڌي شاگرد تحريڪ سان رهي. 1978 ۾ ڊاڪٽر، سنڌي شاگرد تحريڪ سنڌ جو پهريون ۽ چونڊيل مرڪزي صدر رهيو. ان عرصي دؤران هن سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي ليڪچر ڏنا. اهو مارشل لا جو زمانو هو جنهن ۾ سياسي سرگرمين سان گڏ لينن ۽ مارڪس جي ڪتابن تي پڻ بندش هئي. ان وقت ڊاڪٽر سياسي حوالي سان ماڻهن کي اتساهيندو رهيو ۽ انهن کي دنيا جو انقلابي ادب پڻ پڙهائڻ لاءِ ڪوششون ورتائين. انهيءَ سلسلي تحت هن 50 کن مضمون به لکيا ته مختلف يونٽن ۾ 500 کان مٿي ليڪچر پڻ ڏنا، جن ليڪچرن جي نتيجي ۾ سنڌي ماڻهن ۾ سياسي سجاڳي اچڻ لڳي.
ڊاڪٽر محبت قلمي نالن لطيف، ساجد، سجاد، مهراڻ مگسي ۽ سڄڻ  سان به لکندو رهيو. سندس ڇپيل سياسي ڪتابن ۾ ”...جيڪو سچ چوي“، ”هٿ وڌايو سنڌ بچايو“، ”شهيد فاضل راهو ۽ سندس پارٽي“، ”ڄاڻي سڃاڻي ويهان ڪيئن ماٺ ڪري“، ”سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي“، ”پ پ حڪومت جا پهريان ٽيهه ڏينهن“ وغيره شامل آهن. جڏهن ته سندس طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن ۾، ”انقلاب“، ”جدلي ماديت جا اصول“، ”شعور“، ”ٻوليءَ جو بڻ“، ”ٻول جو بُڻ“، ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“، ”سورس مٽيريل آن سنڌ“، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“، ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“، ”اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون“، ”يادون ۽ سُڪون“، ”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“،  ”موسى کان مارڪس تائين“، ”سنڌ: حڪران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“، ”آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي“ ۽ ”ڌرتي منهنجو گھر“ شامل آهن. ڊاڪٽر محبت جي ننڍي ڀاءُ نامياري ڪهاڻيڪار، شاعر، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جي روح روان ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري رياضت ٻرڙي موجب اڃا سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جو انگ ڏهاڪو کن ٿيندو جيڪي آهستي آهستي ڇپائي پڌرا ڪيا ويندا.
ڊاڪٽر محبت روزاني ”جاڳو“ جو قمبر ۾ نمائندو به رهيو، جتي هن صحافتي خدمتون ديانتداري سان ادا ڪيون. پاڻ ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب“، ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي قمبر“ ۽ سلسليوار ”سائنسي سوچ“ سان مختلف حيثيتن ۾ لاڳاپيل رهيو. سنڌ جي ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڀرپور ڪالم لکندو رهيو، جن کي ترتيب ڏجي ته اهي ڪالم سنڌ جي حقيقي تاريخ سمجھڻ ۾ انتهائي ڪارائتا ثابت ٿيندا. ڊاڪٽر محبت جي وفات بعد سندس نالي پٺيان ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ“ جو بنياد وڌو ويو. هن اڪيڊمي طرفان علمي، ادبي ۽ سماجي پروگرام باقادگيءَ سان منعقد ٿيندا رهن ٿا. انهيءَ اڪيڊميءَ پاران سندس  ڀاءُ رياضت ٻرڙي ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن جا طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب پڻ ڇپرايا آهن. اڪيڊمي پاران هر سال ڊاڪٽر محبت جي ورسي جي موقعي تي سندس ڪو نئون ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو وڃي ٿو، جيڪو سلسلو جاري آهي. رياضت ”سائنسي سوچ“ رسالي واري ڪڙي ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جو حوالو به ڪنهن نه ڪنهن ريت اڄ تائين دهرائيندو ۽ ان تي ڪم ڪندو رهي ٿو جيڪو سندس وڏي ڀاءُ سان سڪ ۽ محبت جو ئي دليل آهي.
ڊاڪٽر محبت جي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪنهن به ريت فراموش نه ٿو ڪري سگھجي. حياتي کيس مهلت ڏي ها ته هو سنڌ  ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ اڃا گھڻو ڪجهه ڪري ها، پر بي رحم موت کيس 9 اپريل 1997 تي دل جي دوري سبب هن کي اسان کان ڌار ڪري ڇڏيو.
اڙي موت ميار، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان!

No comments:

Post a Comment