Sunday 30 December 2012

محقق، صحافي ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشدي




 

رضوان گل


محقق، صحافي ۽ تاريخدان

 

 

پير حسام الدين راشدي






سنڌ جي زرخير مٽيءَ  مان اهڙا آدرشي انسان پيدا ٿيا آهن، جن جي قابليت کي نه فقط ملڪي پر بين الاقوامي سطح جي عالمن، اديبن ۽ دانشورن  ۾ مڃتا ملي آهي، اهڙن مهان انسانن ۾ تاريخ ۽ تحقيق جي شعبي جي تمام اهم ۽ قد آور شخصيت پير حسام الدين راشديءَ جو نالو وڏي اهميت وارو آهي. سندس جنم لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي رتي ديري جي ڳوٺ ”بهمڻ“ ۾ تاريخ 20 سيپٽمبر 1911ع تي ٿيو. حسام الدين راشدي جي تربيت ڳوٺاڻي ماحول ۾ ٿي جتي علم جو حصول ڪافي مشڪل هو. سندس وڏي ڀاءُ ۽ سنڌ جي ناليواري عالم علي محمد شاهه راشدي ۽ هن جي پرورش سندن ڏاڏي ڪئي. حسام الدين کي گھر ۾ پيار مان ”ڏنل شاهه“ سڏيندا هئا.
حسام الدين راشديءَ شروعاتي تعليم مولوي محمد سومار ڊکڻ، مولوي محمد الياس پنهور ۽ مولوي سيد علي شاهه لڪياريءَ کان ورتي، انهن بزرگن وٽ چار درجا سنڌيءَ جا ۽ سڪندر نامي تائين پڙهيو. کيس پڙهڻ جو شوق پير علي محمد راشديءَ کي مطالعو ڪندي ڏسڻ کان پوءِ ٿيو. پير علي محمد جي گُھرايل ڪتابن جو گھرائيءَ سان مطالعو ڪيائين، فارسي ڪتابن پڙهڻ لاءِ هن فارسي جي تعليم حاجي خادم لاڙڪاڻويءَ کان حاصل ڪئي.
لکڻ جي شروعات  1926ع ۾ ”جاڳو“  اخبار  سان ڪيائين. ٻنهي ڀائرن گڏجي 1928ع ۾ پنهنجي ڳوٺ بهمڻ مانالراشد“ نالي رسالو جاري ڪيو. ان وقت حسام الدين راشدي سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪندو هو. 1929ع ۾ سکر مان جاري ٿيل رسالي”المنار“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ”سنڌ زميندار“ ۾ ايڊيٽوريل لکيائين ۽ ايئن صحافتي دنيا سان مسلسل واڳيل رهيو.
اڳتي هلي ٻنهي ڀائرن سکر مان 1934ع ڌاري پنهنجي اخبار ”ستاره سنڌ“ جاري ڪئي، ”ستاره سنڌ“ ۾ ان دور جي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي ڀرپور لکڻيون ڇپجڻ لڳيون ۽ ايئن ان دؤر ۾ ان اخبار راتو رات تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ورتي. پاڻ ان وقت جي ٻين اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيائين جهڙوڪ، ”الوحيد“، ”توحيد“ ۽ ”قرباني“ وغيره. سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي سان سندس گهڻي ويجھڙائي رهي.
حسام الدين شاهه راشدي سنڌ جو ارڏو، اٽل ارادن وارو، نيڪ نيت ۽ بيباڪ صحافي هئڻ سان گڏ وطن دوست دانشور هو. هن ٻه شاديون ڪيون، پهرين گهر واريءَ مان کيس هڪ نياڻي ٿيس، جيڪا به گذاري وئي، ان بعد کيس ٻي ڪا اولاد نه ٿي سگهي. هن پنهنجي وڏي ڀاءُ علي محمد راشديءَ جي پٽ حسين شاهه راشدي ۽ نياڻي حسنا بيبيءَ کي پنهنجي ٻارن وانگر پاليو ۽ انهن کي ئي سموري ملڪيت جو وارث به بڻايو.
پير حسام الدين راشديءَ جي فارسي ٻوليءَ تي دسترس هئي. هن ڪيترائي ڪتاب فارسيءَ ۾ پڻ تحرير ڪيا. بنيادي طور سندس سبجيڪٽ تاريخ، تحقيق ۽ ٻولي هيو، انهيءَ ڪري سندس اڪثر  لکڻيون تاريخي واقعن ۽ انهن واقعن جي نون رخن ۽ حقيقتن سان ڀريل آهن. اهڙا رخ جن کي اڳ ڪنهن محقق ان انداز سان بيان نه ڪيو آهي. هن پنهنجي زندگي تحقيقي ۽ ادبي ڪم لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. سندس ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“، ”مڪلي نامو“، ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ”تذڪره مير خاني“ ۽ ”معصوم بکري“ سنڌي ادب جو تمام وڏو خزانو آهن. پاڻ سنڌ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ورثي تي چڙهيل دَزَ کي  هٽائي صاف، شفاف ۽ اجرو ڪري ايندڙ وقت جي محققن لاءِ راهون هموار ڪري ڏنائين. اڻ ٿڪ محنت ۽ راتين جي اوجاڳن جي نتيجي ۾ هن سنڌ جي تاريخ جا زبون ورق نئين سر جوڙي انهن جي تشريح ڪئي ۽ ائين سنڌي ادب، ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت کي صدين تائين محفوظ ڪري ڇڏيو. رات جي تاريڪي ۽ ڏينهن جي روشنيءَ کان بي خبر ٿي هو علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪم ڪندو رهيو. تهران يونيورسٽي پاران سن 1974 ۾ فارسي ٻوليءَ جي خدمت عيوض کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وئي.
پير حسام الدين جي ذاتي لائبريري مان نه فقط  پاڪستان پر ايران، افغانستان ۽ روس جا عالم، اديب ۽ محقق پڻ فيض وٺندا هئا. سنڌي ۽ فارسي کان علاوه اردو زبان تي پڻ عبور هئس. دوستن جو  دوست هو، ڪوڙ کان سخت نفرت هئس، سچ منهن سامهون چوڻ ۽ ٻڌڻ کيس پسند هو. سندس اڪثر وقت پنهنجي ڪتب خاني ۾ گذرندو هو. فوٽو گرافي ۽ راڳ ٻڌڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي هيس. پاڻ سنڌ جو نالو پوري دنيا جي تاريخدانن ۾ روشن ڪري پنهنجي تحقيقي پورهئي ذريعي اهو پيغام ڏنائين ته هن ڀونءَ جا واسي اَيامَن کان غير معمولي ڪم سرانجام ڏيندڙ رهيا آهن، جنهن جي شاهدي هن خطي جي تاريخ آهي، جيڪا هزارين سال قديم آهي. 43 ڪتابن جي مصنف پير حسام الدين راشدي سنڌ جي تاريخ جو ارغونن ۽ ترخانن جي دور کان ويندي گذريل صديءَ تائين جو تقابلي جائزو وٺي اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌي بهادر قوم آهي جنهن جي تهذيب ۽ ثقافت ۾ ئي پيار ۽ پنهنجائپ آهي ۽ هن ڌرتيءَ جا وارث صدين کان امن پسند رهيا آهن.
نامياري ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن ستار ڀٽيءَ پير حسام الدين راشدي جي تاريخ نويسيءَ واري حوالي تي، پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکيو آهي ته: ”پير حسام الدين راشديءَ جو شمار تاريخ، تحقيق، علم ۽ ادب جي دنيا جي اهڙن هستين ۾ ٿئي ٿو، جن دنيا جي تمام مشڪل موضوع يعني قديم تاريخ جون الجهيل ڳنڍيون سلجهايون، تحقيق وسيلي سنڌ جي قديم تاريخ ۾ اهڙن ڪيترن ئي ناياب ورقن جو واڌارو ڪيو جيڪي گمناميءَ جي پردي ۾ ڍڪجي يا حادثن جو شڪار بڻجي قومن جي تاريخ مان وسارجي ويا هئا. سندس خدمتن جو دائرو ۽ شهرت ايران، افغانستان، عربستان ۽ روس تائين وسيع هيو ۽ سندس ڄاڻ جي کاڻ مان پوري دنيا جا اديب عالم اسڪالر تحقيق جو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس ايندا رهندا هيا. سندس ذاتي ڪتب خانو رهبريءَ لاءِ پوري دنيا ۾ مشهور هيو. جيڪو سندس وصيت مطابق سنڌالاجي کي ڏنو ويو ۽ اڄ پڻ سنڌالاجي ۾ پير حسام الدين راشدي لائبريري ڪارنر موجود آهي. کيس مختلف زبانن تي ايترو ته عبور هيو، جو اردو ادب جا ڪيترائي ادارا سندس مشورن سان هلندا هيا. پير صاحب جي تاريخ نويسي ڏانهن لاڙي ۽ تاريخ تي ڏنل ڪتابن مان اسان کي اڀياس حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي وڏي مورخ ”ڊيورنٽجي ڪتاب ”دي ليسن آف هسٽري“ جي هنن جملن کي سمجهڻو پوندو ته ”تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ جي مطالعي مان ڇا فائدو؟ تاريخ کي اوهان صرف ان لاءِ پڙهيو ته قومن جي عروج ۽ زوال جون داستانن يا بادشاهن جي دردناڪ آخري انجام جا واقعا بيان ڪيل آهن. ڇا اوهان روشن سجاڳ حال خاطر ماضي جي خاردار ڪنڊن يا قابل فخر ورقن مان رهنمائي حاصل ڪئي آهي ته جيئن ڪنهن به تبديلي يا انقلاب مهل ڪو وري ڌوڪو نه کائي وڃو؟“
راشدي صاحب جو شمار دنيا جي انهن ڏاهن محققن ۾ ٿئي ٿو، جن جي نگاهه عام انسان کان وڌيڪ گهري، حالات ۽ واقعن جي ڳوڙهي ڄاڻ ۽ تاريخي وهڪري مطابق هوندي آهي. علم جي اها منزل تاريخ نويسيءَ کي هڪ مڪمل عملي فن جي معراج ڏئي ٿي، جنهن ذريعي مورخ قومن جي عروج ۽ زوال جي رنگين داستانن کان پرڀرو ٿي اصل حقيقتن ڀريل سچ ۽ صداقتن، سببن کي ڇنڊ ڇاڻ ڪري قومن جي حال ۽ مستقبل لاءِ هڪ خوبصورت خاڪو تراشي ٿو ڏئي. راشدي صاحب تاريخ لاءِ اصل حقيقتن ۽ معاشري جي لاڙن ۽ روين جي تهه تائين پهچندڙ تاريخدان آهي. هن تاريخ جي دنيا ۾ اهڙيون تمام خالي جڳهيون ڀريون آهن، باب مڪمل ڪيا آهن، جيڪي اڄ تائين سنڌ جي تاريخ لکڻ وقت ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري رهجي ويا هيا. پير صاحب جو اهو ڪمال هيو جو هو اهو به ڄاڻيندو هيو ته تاريخ جو وهڪرو جاگرافي جي تابع هوندو آهي، اها جاگرافي معاشري ۾ اقتدار، اقتصادي معيار ۽ ثقافتي ورثن کي جنم ڏيندي آهي.“
پير حسام الدين راشدي جهڙا تاريخ ساز شخص سچ ته صدين ۾ ئي پيدا ٿيندا آهن، ڇا لاءِ ته هو هڪ گهڻ رخو عالم، اديب ۽ محقق هو، جنهن علم، ادب، صحافت، ثقافت، جاگرافي، تاريخ، سماجيات، اقتصاديات ۽ ٻوليءَ ۾ هڪ ئي وقت خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هر هڪ موضوع سان انصاف ڪيو. اهي لکڻيون تاريخ جا اهم دستاويز پڻ آهن، جن ۾ ڪيتريون ئي ڇرڪائيندڙ  حقيقتون لڪل آهن. سنڌ ۽ سنڌي قوم جي اها خوش بختي آهي، جو هن قسم جا آدرشي انسان هن خطي جي سڃاڻپ بڻيا. خاص طور تي راشدي خاندان جو علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪم ناقابلِ فراموش آهي. جيڪو ڪيترين ئي صدين تي حاوي رهندو. پهرئين اپريل 1982ع تي ڪينسر وگهي سندس لاڏاڻو ٿيو. کيس پنهنجي ڪيل قلمي پورهئي معرفت هميشه ياد رکيو ويندو.

No comments:

Post a Comment