Sunday 30 December 2012

شاعر، آرٽسٽ، سماج سڌارڪ ۽ صحافي قاضي عبدالحئي قائل سرشاري







رضوان گل


شاعر، آرٽسٽ، سماج سڌارڪ ۽ صحافي

 

قاضي عبدالحئي قائل سرشاري

 

 


ڌرتيءَ تي ڪروڙين انسان آيا ۽ هليا ويا پر جن ماڻهن پنهنجي رت سان ڏيئا روشن ڪيا، امن ۽ ڀائيچاري جي پرچار ڪئي ۽ هاڪاري روّين سان محبتن جا ٻج پوکيا انهن جو نالو اڄ به زنده آهي. اهڙا املهه انسان جن هڪ ئي وقت مختلف شعبن ۾ قابلِ قدر خدمتون سرانجام  ڏنيون، انهن ۾ قاضي عبدالحئي قائل جو نالو پڻ  وڏي اهميت جو حامل آهي.
قاضي قائل هڪ ئي وقت مثالي استاد، آرٽسٽ، خوبصورت شاعر، نثرنويس، بيباڪ صحافي، سياسي ڪارڪن، سماج سڌارڪ ۽ بهترين منتظم هو. سندس جنم 17 ڊسمبر 1917 تي ٺُل ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيو. سندس والد عبدالحق عبد قاضي قائل جي جنم کان ڪجهه عرصو پوءِ وفات ڪري ويو.
قاضي عبدالحئي قائل 1922ع ۾ اي وي پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتي، جنهن کان پوءِ  مدرسه اسڪول لاڙڪاڻي مان ڇهين ۽ ستين جو امتحان پاس ڪيو، ان بعد 1933 ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪري مئٽرڪ ۽ انٽر ڊرائينگ جي سند به حاصل ڪيائين. 1935 ۾ کيس پي ڊبليو ڊي کاتي ۾ داروغي طور نوڪري ملي. 1940 ڌاري سندس پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ مقرري ٿي. ان نوڪريءَ سبب هن ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ قيام ڪيو ۽ ماڻهن کي محبتون ڏنيون. بعد ۾ 1946 ۾ اي وِي سيڪنڊري اسڪول ۾ ڊرائينگ جي استاد طور مقرر ٿيو جتي شاگردن کي نه فقط رنگن ۽ لڪيرن جي علم کان آگاهي ڏنائين پر پاڻ ٻيا مضمون پڻ پڙهائيندو رهيو انهيءَ دوران ڊرائينگ ٽيچرز ٽريننگ ڪورس ۽ ماسٽر آف ڊرائينگ جي سند به حاصل ڪيائين. ائين پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري عمل سان آخر تائين جُڙيل رهيو ۽ 16 ڊسمبر 1975 تي سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتائين.
قاضي عبدالحئي قائل جي علمي ادبي خدمتن جو دائرو پڻ وسيع آهي. هن نوجوانن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو اتساهه پيدا ڪري ادبي تنظيمن جو بنياد وڌو. خاص طور تي سندس قائم ڪيل ”لطيف ادبي سنگت رتوديرو“ انهيءَ حوالي سان قابلِ ذڪر ڪم ڪيو. جنهن جي پلئٽفارم تان ڪيترائي ننڍا وڏا مشاعرا، تنقيدي گڏجاڻيون، ادبي رهاڻيون ۽ ڪانفرنسون پڻ ڪوٺايون ويون جن ۾ سنڌ جي ناليوارن اديبن شرڪت ڪئي. ان کان سواءِ 1981 ڌاري قاضي قائل هڪ اشاعتي اداري ”سنڌڙي ڪتابي سلسلو“ جو بنياد پڻ وڌو، جنهن پاران ڪيترائي معياري سنڌي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا، جن ۾ ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي مقالن جو ڪتاب ”وکريل موتي“، مشهور ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب ”زندگيءَ ڏي موٽ“ جنهن کي مختار گهمري ۽ قاضي مقصود گل ترجمو ڪيو، قاضي مقصود گل جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ جو مجموعو ”ڪرڻا ڪرڻا“، ”سرڪش سنڌيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”امن آبِ حيات“، استاد بخاريءَ جي چئوسٽن جو مجموعو ”لهر لهر درياء“، قاضي مقصود گل جي شاعريءَ جو مجموعو ”رت ڀنا رابيل“،  قاضي منظر حيات جو لکيل مونو گراف ”هڪڙو پيارو ماڻهو ـــــ قاضي عبدالحئي قائل“، عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جو مجموعو ”مٽيءَ جا سُر“ ۽ ٻيا شامل آهن.
سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ قائل صاحب غربت سبب پيڙهيل ماڻهن جي پرگهور ذاتي طور به لڌي، ته مختلف سماجي تنظيمن سان گڏجي پڻ ڪم ڪيائين. پاڻ عشر زڪوات جي چيئرمئن طور به سماجي ڀلائين وارن ڪم ڪارن ۾ تمام اڳڀرو رهيو. سياسي حوالي سان پاڻ اڳ ئي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو حامي هو پر بعد ۾ عملي طور به پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ 1977 واري اليڪشن ۾ پارٽيءَ جي حمايت  ۾ شعر به لکيائين.
صحافتي خدمتن جي حوالي سان سندس ڪيل يادگار ڪم 1982 ۾ رتيديري ۾ پريس ڪلب جو بنياد وجهڻ هو، جنهن جو پاڻ صدر پڻ رهيو. جن اخبارن سان سندس وابستگي رهي انهن ۾”سارنگ“ جيڪب آباد، ”برسات“ڪراچي، ”سنڌ سجاڳ“ جيڪب آباد، ”هفتيوار هلال پاڪستان“ لاڙڪاڻو، ”هفتيوار آوازِ سنڌ“ دادو، ”هفتيوار آزاد“ ڪراچي، ۽ ”روزانه هلال پاڪستان“ ڪراچي شامل آهن.
عبدالحئي قائل جي شاعري پنهنجي دور جي منظوم تاريخ آهي سندس شاعري ۾ مختلف انڊلٺي رنگ آهن هو ڪنهن به حوالي سان انتهاپسند نه آهي سندس شاعريءَ ۾ امن، ايڪي، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي ڳالهه ٿيل آهي، انهيءَ حوالي سان سندس شاعريءَ مان چند مثال ڏجن ٿا:
ٿي   مري   انسانيت   وحشت  وڌو آ  ٿرٿلو
خون جي برسات  سان آهي زمين  تي زلزلو
ظلم جو ظالم شروع ڪيو  بزدلاڻو  سلسلو
          هت وري ڏس مرد   غازين  جو وفا ۽ ولولو
جي ڪُسي قربان ٿيا تن  جانثارن تي  سلام
قائل سرشاري جي گهڻ پاسائين شخصيت تي تمام گهڻو لکڻ جي ضرورت آهي. هتي سندس مختلف شعبن ۾ ڪيل ڪم جو فقط تعارف بيان ڪيل آهي، جنهن مان بخوبي سندس ڪيل پورهئي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. پاڻ پنهنجون سموريون محبتون ڌرتيءَ ڌڻين کي ارپي 23 جولاءِ 1989 تي سعودي عرب ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پر اڄ به قاضي عبدالحئي قائل جي ٻاريل لاٽ مان روشني پکڙجندي رهي ٿي. سندس پٽ قاضي خضر حيات، قاضي مقصود گل، قاضي اختر حيات ۽ قاضي منظر حيات جن جا نالا ئي سندن تعارف آهن ۽ انهن مان قاضي مقصود گل جي اولاد ياسر قاضي، سپنا گل ۽ ناصر قاضي اڄ به سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي جهولي ڀري رهيا آهن جيڪي قائل صاحب جوئي تسلسل آهن.
هر شخص هينئر آهه ڀرڻ جهڙو آ،
جيئرو آ اگر گل ته  مرڻ  جهڙو آ.
اميد   ڏکيو   آهه  وساري  ويهڻ،
قائل  ته  سدا  ياد   رهڻ  جهڙو آ.   (اميد خيرپوري)

No comments:

Post a Comment