Monday 31 December 2012

مان پکي هان پيار جو.. پختو عوامي شاعر احمد خان مدهوش



رضوان گل


مان پکي هان پيار جو..
  
پختو عوامي شاعر

احمد خان مدهوش



ڪڏهن ڪڏهن ڪي ماڻهو پهرين ملاقات ۾ ئي پنهنجي پيار ڀريي رويي جو ايترو ته گھرو اثر ڇڏي ويندا آهن جو انهن سان بار بار ملڻ تي دل گھرندي آهي. سادگي، سچائي، پنهنجائپ، محبت ۽ خلوص جيڪڏهن مون کي ڪنهن انسان ۾ هڪ ئي وقت نظر آيا ته اهو جوهي جو اهو ئي اڇي ڇاپئين سنهاري وارو عوامي شاعر هو جنهن کي دنيا احمد خان مدهوش جي نالي سان سڃاڻي ٿي. هو اڄ جسماني طور اسان وٽ ناهي رهيو، پوءِ به سندس يادون، سندس محبتون، سندس پنهنجائپ ۽ سندس اٿاهه سمنڊ جيان ڇوليون هڻندڙ شاعري اسانوٽ موجود آهي جيڪا مدهوش جي هئڻ جو احساس بار بار ڏياري ٿي. هونئن به ڪو آرٽسٽ، ڪو فنڪار، ڪو شاعر يا ڪوبه تخليقڪار منهنجي خيال ۾ مري سگھندو ئي ناهي. ڇالاءِ ته سندس تخيل ۽ سندس تخليقون باقي رهنديون آهن.
احمد خان مدهوش بنيادي طور تي پيار جو شاعر هو، جيتوڻيڪ دنيا جا لڳ ڀڳ هڙئي شاعر پيار جا ئي شاعر آهن ڇالاءِ ته شاعري جو محور ئي پيار آهي پر مدهوش جي شاعري جو اول ۽ آخر محرڪ پيار ئي پيار آهي، جنهن جو تذڪرو هو باربار پنهنجي مختلف انٽرويوز ۾ به کليل انداز ۾ ڪندو رهيو. کيس جيڪا عشق جي چڻڪ لڳي ان کي هن ڪڏهن به زماني کان نه لڪايو هو. هو جڏهن شاعري ڪندو هو ته پني تي ڪافين جي لسٽ ٺاهي پوءِ شعر ڪونه ٺاهيندو هو، بلڪه شاعري ته سندس روح جي گھرائين مان اٿلي پني تي اتري پوندي هئي.
ڪي ماڻهو پنهنجي شهرن سان سڃاتا ويندا آهن ته ڪي شهر وري ڪجهه ماڻهن سان سڃاتا ويندا آهن. جوهي اهڙو شهر آهي جنهن جا هونئن ٻيا به ڪيترائي حوالا هوندا، پر جوهي جي نئين سڃاڻپ احمد خان مدهوش جي شهر واري پڻ آهي. ان ئي جوهي ۾ 5 اپريل 1931 تي احمد خان سومري جو جنم ٿيو، سندس بنيادي تعليم پڻ جوهي ۾ ٿي ۽ هن ورنيڪيولر (فائينل) جو امتحان به 1949 ۾ پاس ڪيو جيڪو ان وقت جو تمام اهم امتحان ليکيو ويندو هو. بعد ۾ هن انٽر ڊرائنگ به ڪري ورتي ته اديب عالم فاضل جو امتحان به پاس ڪري ورتو. ان دوران ئي کيس پرائمري ماستري جي نوڪري پڻ ملي وئي ۽ هن ٻارن کي علم جي روشني ڏيڻ شروع ڪئي. اها روشني جيڪا مدهوش جي اندر ۾ سمايل هئي اهي سبق جيڪي مدهوش جي من ۾ موجود هئا اهي سڀئي اظهار لاءِ آتا هئا. اظهار جا هونئن ته ڪيترائي شعبا هئا پر مدهوش کي جڏهن ڪنهن جي گھورن گھائي وڌو هو ته هن پنهنجي اندر جي اظهار جو ذريعو شاعري کي بنايو هو ۽ هن شاعري وسيلي پنهنجي دل جون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون:
ڪنهن سان اوريا دل جون ڳالهيون
چوريان پوريان دل جون ڳالهيون
نيٺ ته تون ڀ سمجھي ويندين
هوريان هوريان دل جون ڳالهيون
احمد خان مدهوش عمر رسيده هوندي به سنڌ ۾ ٿيندڙ ادبي ميڙاڪن، مشاعرن، ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ جوهي کان هلي ايندو هو. اهي پروگرام ڪراچي ۾ هجن، حيدرآباد ۾ هجن، لاڙڪاڻي ۾ هجن يا سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هجن. ريڊيو، ٽي وي ۽ ميڊيا جي ٻين مڙني ادارن سان مدهوش سدائين جڙيل رهيو. پري کان ڏسي وڏو ٻک هڻي ملندو، نوجوانن کي ڏاڍو پيار ڏيندو هو، سٺي شعر تي واه واه ڪرڻ ۾ ڪنجوسي ڪڏهن به نه ڪندو هو. عام طور تي سينيئر شاعر نوجوان شاعرن جي شعر تي واه واه گھٽ ڪندا آهن پر مدهوش ڇالاءِ ته جھڙو اندر تهڙو ٻاهر هوندو هو، تنهن ڪري هن ۾ ڪنهن به قسم جي مصنوعيت نظر نه ايندي هئي.
اسان جي سماج ۾ جڏهن انسان جيئرا هوندا آهن ته انهن جون سئو اوڻايون بيان ڪندي ماڻهو ناهن ٿڪبا، پر جيئن ئي اهي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويندا آهن ته اهي ئي انسان کين عظيم ۽ مهان چوڻ ۾ دير ناهن ڪندا. منهنجي خيال ۾ موت انسان کي مڪمل ڪري ٿو ڇڏي جو سندس سڀ اوڻايون به ساڻس گڏ دفن ٿي وڃن ٿيون. ان حد تائين ته اها ڳالهه چڱي آهي ته وڇڙي ويل ماڻهوءَ کي چڱن لفظن سان ياد ڪيو وڃي، پر اهو رويو بنهه غلط آهي ته ڪنهن چڱي ماڻهوءَ جي چڱائين کي ان جي جيئري ڪابه مڃتا نه ملي پر اهو جڏهن مري وڃي ته سندس قبر تي مقبرو اڏي کيس عظيم ۽ مهان ڪوٺيو وڃي. منهنجي خيال ۾ اسان وٽ اڪثر آرٽسٽن سان اهڙي ئي صورتحال ٿئي ٿي. جڏهن هو جيئرا آهن ته کين طنزن جا تير برداشت ڪرڻا پون ٿا، پر سندن مئي پڄاڻا کين زمين تان کڻي آسمان جي بلندين تائين ٿو پهچايو وڃي. اهو رويو هاڻي بدلجڻ گھرجي. مدهوش جڏهن زنده هو ته کيس ڪافي شڪايتون هيون ڪجهه ادارن کان ڪجهه ماڻهن کان. هو اڪثر بي قدري جو ذڪر ڪندو رهندو هيو. پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته مدهوش انهن خوش نصيبن مان هو جن کي پنهنجي پڙهندڙن پاران پنهنجي حياتي ۾ ئي مانُ، مڃتا ۽ عزت ملي. جڏهن تعمير حسين يا ممتاز لاشاري جي آواز ۾ مدهوش جو ڪلام ”سِرُ لڳي سهڻي سڄڻ سان سر لڳي، دل دلبر من جي من سان سر لڳي...“ ٽي وي تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهو پنهنجي گفتگو بند ڪري ٽي وي جو آواز وڌائي ڇڏيندا هئا. مدهوش جي شاعري ۾ نواڻ آهي اهڙي نواڻ جيڪا هر ڪنهن دل جو آواز بڻجي گونجي ٿي:
”يار آ مدهوش منهنجو سانورو،
تنهن ڪري ڪل سانورن سان سرُ لڳي“.
احمد خان مدهوش جا ٽي شاعري جا مجموعا ”دل جون ڳالهيون“، ”نظر ۾ نظر بند“ ۽ ”اکين جا سنيها“ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. پر هن صوفي منش شاعر جي اڃا به ڪيتري ئي شاعري اڻ ڇپيل صورت ۾ سندس لائق پٽ جيڪو پڻ سنڌي شاعري جو اهم نانءُ آهي کيس ادبي حلقن ۾ خليل عارف سومرو جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، وٽ موجود آهي.
احمد خان مدهوش جو تعلق ضلعي دادو سان آهي. اهو ضلعو دادو جنهن ويجھي ماضيءَ ۾ اسان کي استاد بخاري، محسن ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي ۽ وفا ناٿن شاهي جھڙا سهڻا شاعر ڏنا. ان ئي دادو ضلعي جي هن سريلي ۽ سيبتي عوامي شاعر جي شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي جن ۾: عابده پروين، برڪت علي ڀٽ، ممتاز لاشاري، تعمير حسين، استاد خورشيد علي خان، استاد عبدلغفور سومرو ۽ ٻيا به ڪيترائي شامل آهن. مدهوش کي مختلف ادارن پاران ايوارڊ پڻ مليا جن ۾: ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ، نئين زندگي ايوارڊ، قلندر شهباز ايوارڊ، الهندو شاهه ايوارڊ، دانش ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيرائي سرٽيفڪيٽ پڻ شامل آهن. پر مدهوش کي جيڪو سرٽيفڪيٽ عوام پاران مليو، جيڪا محبت کيس عام ماڻهن ڏني سا انهن مڙني سرٽيفڪيٽن کان ڪئي ڀيرا وڌيڪ هئي.
احمد خان مدهوش پنهنجي تَر ۾ شعور ۽ علم جي آگهي کان علاوه سماجي ڪمن ڪارن ۾ پڻ اڳڀرو رهيو. هن پنهنجي ڳوٺ واسين جي پنهنجي وسيلن مطابق اخلاقي مدد پڻ ڪئي. سندس وڏو فرزند خليل عارف پڻ سندس ئي ڏنل تحفو آهي جيڪو ڏاڍي برجستگيءَ سان سندس ڇڏيل ڪم کي تيزيءَ سان اڪلائيندو رهي ٿو. ڪنهن به شاعر يا اديب جي پونئيرن ۾ جيڪڏهن ڪو ادب جو ذوق رکندڙ يا لکندڙ آهي ته پوءِ سندس مواد دير يا سوير سهيڙجي منظرِ عام تي اچي ٿو وڃي، پر جيڪڏهن پونئير بد ذوق آهن يا کين علم ادب سان ڪا دلچسپي ناهي ته پوءِ انهن اديبن جون ذاتي ڊائريون به رديءَ جي ور چڙهي وڃن ٿيون.
26 جون 2010 تي احمد خان مدهوش هزارين شعر ڌرتيءَ ڌڻين کي ارپي اسان سڀني کان موڪلائي ائين چوندو ويو ته:
مان پکي هان پيار جو، پيار جي اظهار جو
ڌارجو نه مارجو مونکي ڌارجو نه مارجو
مدهوش جو وڇوڙو يقنن سنڌي شاعري لاءِ تمام وڏو سانحو هو. هو پاڻ حساس شاعر هو کيس ڄاڻ هئي ته وڇوڙو ڪيڏو نه اذيتناڪ هوندو آهي. کيس اندازو هو تڏهن ئي ته چيائين:
دوست ڪنهن کان جدا خدا نه ڪري،
ڪنهن کي هي غم خدا عطا نه ڪري

احمد خان مدهوش جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو ته قرب ڪري اسانوٽ ڪهي ايندو هو ساڻس ڪيل اهي ڪچهريون جيڪي هن راتين جون راتيون گذاري ڪيون هيون سي اڄ جڏهن ياد اچن ٿيون ته گرم لڙڪ اکين ۾ تري اچن ٿا. اهو مدهوش جيڪو ڪچهرين جو ڪوڏيو هو، سو اسان کان وڇڙيو ضرور آهي پر وسريو ناهي.



1 comment: